ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌي ٻوليءَ جو سريلو شاعر
Majeed Nawaz Mughal
صحافي، ڪالم نگار
ڊاڪٽر تنوير عباسي جو اصل نالو نور نبي عباسي هو. هن 7 ڊسمبر 1934ع تي ضلعي خيرپور جي ننڍڙي شهر سوڀوديري ۾ گل محمد عباسي جي گهر ۾ جنم ورتو. سوڀوديرو ان وقت خيرپور رياست جو حصو هو. سندس گهراڻو علم ۽ ادب سان محبت ڪندڙ هو. سندس وڏو ڀاءُ اي. اين. جي عباسي آبپاشي ۽ پاڻي جو وڏو ماهر هو. اهڙي ماحول تنوير جي اندر ننڍپڻ کان ئي شاعري، ڪتابن ۽ انسان دوستي جو شوق پيدا ڪيو. پاڻ شاعري لاءِ “تنوير” تخلص اختيار ڪيو، جنهن جي معنيٰ آهي روشني ۽ سچ پچ ته هن سڄي زندگي سنڌي ادب ۾ روشني ورهائي. تنوير عباسي جي تعليم جو سفر به ڪراچي ۽ ڄامشوري سان جڙيل رهيو. پرائمري تعليم ساڌو هيرانند اڪيڊمي، ڪراچي مان. ميٽرڪ اين. جي. وي هاءِ اسڪول، ڪراچي مان، انٽر سائنس ڊي. جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج، ڪراچي مان، ايم. بي. بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄامشورو مان حاصل ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان هو ڊاڪٽر هو، پر دل جي لحاظ کان هو ھڪ پورو شاعر هو. هن ڊاڪٽري کي ڪڏهن به ڪاروبار نه بڻايو، بلڪه غريبن جي خدمت جو ذريعو بڻايو.
تنوير عباسي شاگردي واري زماني کان ئي شاعري ڪندو هو. شروع ۾ هن روايتي شاعري ڪئي، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعري ۾ نوان لاڙا آندائين. سنڌي ادب جڏهن ورهاڱي کانپوءِ نئين سر اُسري رهيو هو، تڏهن تنوير عباسي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن مان هو، جيڪي سنڌي ادب جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. هن شمشير الحيدري سان گڏجي سنڌي نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا. سندس شاعريءَ کي “سنڌي ادب ۾ بنيادي ۽ فيصلو ڪندڙ اثر” چيو وڃي ٿو. هن نوجوان شاعرن کي ترقي پسند سوچ ۽ نئين حساسيت ڏني. سندس شاعري جا مکيه موضوع هئا:
محبت، حسن ۽ انسان دوستي، وطن دوستي ۽ سنڌ سان سچي سڪ، امن، برداشت ۽ رواداري، ظلم خلاف مزاحمت ۽ سچ جي ڳالهه. ان کان علاوه فطرت، چنڊ، سج، ڌرتي ۽ زندگيءَ جو حسن ان ڪري کيس “محبت جو شاعر” ۽ “عالمگير انسان دوست” به چيو ويندو آهي. هو سياسي طور به غير جانبدار نه هو، هن ون يونٽ اسڪيم خلاف ۽ جمھوري تحريڪن ۾ حصو ورتو ان ڪري کيس جيل به ڪاٽڻو پيو. تنوير عباسي جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ لطيفيات آهي. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي تحقيق ۽ تنقيد جو وڏو ڪم ڪيو.
شاهه لطيف جي شاعري 3 جلدن ۾، هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تحقيق جي پيڙهه جو پٿر سمجهيو وڃي ٿو. هن شاهه جي فڪر، فلسفي ۽ شاعري کي نئين سائنسي ۽ تنقيدي انداز ۾ سمجهايو. ان کان علاوه هن سچل سرمست تي تحقيق ۽ سچل چيئر جو بنياد وڌو. خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ترتيب ڏنو. صوفي فقير نانڪ يوسف جو ڪلام به ترتيب ڏنو. شاهه، سچل، سامي، بيدل، روحل ۽ ٻين صوفي شاعرن جي شاعري گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ جا ڏورانهان علائقا گهميو. هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سچل چيئر قائم ڪرائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ سچل اڪيڊمي ۽ سچل يادگار ڪميٽي قائم ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. سندس نالي تي لڳ ڀڳ 20 کان وڌيڪ ڪتاب آهن جن ۾:
1. رڳون ٿيون رباب (1958ع) 2. شعر (1978ع) 3. سج تريءَ هيٺان (1977ع) 4. هيءَ ڌرتي 5. تنوير چئي-شعري ڪليات (1989ع) 6. ساجن سونهن سرت (1996ع) 7. مڃهن جنين مشعل 8. شاهه لطيف جي شاعري (جلد 1-1976ع، جلد 2- 1985ع، ٽئي جلد گڏ-1989ع) 9. جديد سنڌي شاعري (چونڊ ۽ ترتيب-1981ع) 10. ڏوري ڏوري ڏيهه (1984ع). 11. ترورا- مضمون، خاڪا، يادگيريون (1988ع). 12. مون کي اڳتي وڃڻو آهي (2000ع-وفات کانپوءِ). 13. جي ماريا نه موت (ويٽ نامي ناول جو ترجمو- 1973ع). هن ٻاراڻي ادب ۾: 14. ٻاراڻا ٻول (1973ع) شايع ڪرايو. هن سنڌي شاعري ۾ جاپاني صنف هائيڪو به متعارف ڪرائي. سندس نالي تي 103 کان وڌيڪ هائيڪا آهن، ان ڪري کيس “سنڌ جو ورڊز ورٿ” به چيو ويندو آهي.
تنوير عباسي صرف لکندڙ نه هو، ادارن جو ٺاهيندڙ به هو. هو ڪيترن ئي ادارن سان جڙيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت، بزم صوفيهءِ سنڌ، بزم خليل، سنڌ فورم، سچل سرمست يادگار ڪميٽي، پاڪستان رائٽرز گلڊ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، لنڊن جي پوئٽري سوسائٽي، سچل چيئر. سندس وابستگي سان انهن ادارن جو وقار وڌيو ۽ انهن ۾ سڌارو آيو. حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ جي ادبي ادارن هن جي خدمتن کي وڏي مڃتا ڏني. صدارتي تمغو براءِ حسن ڪارڪردگي-پرائيڊ آف پرفارمنس (وفات کان پوءِ)، تمغهءِ امتياز، پاڪستان رائٽرز گلڊ ايوارڊ، نارائن شيام ايوارڊ (انڊيا)، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن گولڊ ميڊل، لطيف اڪيڊمي ميڊل، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، شاهه عبداللطيف ايڪسيلينس ايوارڊ. زندگيءَ ۾ جن اکين سان هن ادب جي خدمت ڪئي مرڻ کانپوءِ هن پنهنجون اکيون عطيو ڪيون هيون. تنوير عباسي هڪ بهترين انسان به هو. چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي مرڻ کانپوءِ پنهنجون اکيون هڪ انڌي ڇوڪري کي دان ڪري ڇڏيون هيون. هي هڪ ئي مثال سندس انسان دوستي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. هو غريب مريضن جو مفت علاج ڪندو هو ۽ نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪندو هو. ڊاڪٽر تنوير عباسي 25 نومبر 1999ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو. هو اتي ئي مرڪزي قبرستان ۾ دفن ٿيو. سندس وفات تي سڄي سنڌ سوڳ ۾ ٻڏي وئي. اڄ به هر سال 7 ڊسمبر تي سندس جنم ڏينهن ۽ 25 نومبر تي ورسي ملهائي وڃي ٿي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سندس ياد ۾ پروگرام ٿيندا آهن. تنوير عباسي جسماني طور اسان سان گڏ نه هوندي به پنهنجي فن، فڪر ۽ شاعريءَ ذريعي اڄ به زنده آهي. هن سنڌي شاعريءَ کي روايتي شاعريءَ مان ڪڍي جديديت ڏانهن آندو، شاهه ۽ سچل کي نئين نسل تائين پهچايو ۽ سنڌي ادب کي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو. جيئن هن پاڻ چيو هو، “محبت، امن ۽ حسن ئي منهنجي شاعري جو پيغام آهي.” اهوئي پيغام اڄ به سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ روشني جو ڏيئو آهي.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟