ڪهاڻي: اڪيلائي
Arif Chandio
استاد، ڪالم نگار، شاعر، ڪهاڻيڪار
هو اوچتو ڪري پيو. ڪو ڌماڪو نه ٿيو. ڪا باهه نه ٻري، نه ئي ڪو آواز ٿيو.
هن اکيون کوليون. سندس هٿ ڌوڙ ۾ ڀريل هئا.
هن ڌوڙ کي هٿن ۾ کڻي اکين ويجهو آندو. اها آڱرين مان وهندي وئي. هن ٻيهر کڻي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻيهر هٿن مان وهي وئي.
هن ٽيون ڀيرو مٽي نه کنئي. هن صرف ڏسڻ چاھيو ٿي ته مٽي ڇا ٿي ڪري.
زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هن پاڻ کانسواءِ ڪنهن ٻي شيءِ کي حرڪت ۾ ڏٺو هو.
هو گهڻي دير تائين اتي ئي ويٺو رهيو. هن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو ڪم نه هو.
پوءِ هن پنهنجو هٿ ڌوڙ مٿان دٻائي رکيو، ڄڻ ته ان کي ڪِرڻ کان روڪي رهيو هجي.
جتي هن جو هٿ هو، اُتي مٽي ڪجھه ڪاري ۽ آلي ٿي چڪي ھئي. هن کي سمجھه ۾ نه آيو، پر هن پنهنجو هٿ اُتي ئي رکيو.
هڪ ڏينهن گذريو يا شايد سئو سال. وقت جي ڪا معنيٰ نه هئي، ان کي ماپڻ لاءِ ڪو پيمانو نه هو.
هن جي هٿ هيٺان ڪنهن نرم شيءِ هن جي هٿ کي ڌڪيو، جيڪا سائي هئي.
هو ڊڄي ويو. هن جلدي هٿ کي پوئتي ڪري ڇڏيو. اها پهرين ڪا سائي شيءِ هئي. ان کي ٻه ننڍڙا پن هئا، جيڪي ڏڪي رهيا هئا، جيڪي مٽيءَ مان ڦٽي نڪتا هئا، هن صرف مٽيءَ کي جهلي رکيو هو ۽ اها سائي مخلوق پاڻ ئي جيئڻ جي ڪوشش ۾ ڦٽي نڪتي هئي.
هن تڏهن سمجهيو، جيڪڏهن تون ڌرتي کي گهڻي دير تائين جهلي رکين، ته اها جيئڻ جي ڪوشش ڪندي.
تنهنڪري هن وڌيڪ ڌرتيءَ کي جهلي رکيو.
هو سالن تائين ڌرتيءَ جي ٽڪرن تي هٿ رکي ويٺو رهيو. هو پنهنجا هٿ مٽيءَ ۾ رکي ويٺو رهيو، جيستائين هن جي پٺي ڏڪڻ لڳي، تيستائين هن جي آڱرين جي وچ مان ٻيلا نڪري آيا. هن وڻ نه پوکيا، هن انهن جو انتظار ڪيو ۽ اهي ڦٽندا رهيا. پهريان ننڍڙا ۽ پوءِ وڏا.
جڏهن پهريون وڻ ايترو وڏو ٿي ويو جو ڇانو ڏيڻ لڳو، ته هو ان جي هيٺان سمهي پيو. هو سالن تائين ستل رهيو. اها پهرين جهوپڙي هئي.
گهڻن زمانن کانپوءِ، هن اڪيلو محسوس ڪيو. وڻ هوا ۾ چُرندا هئا، پر اهي جواب نه ڏيندا هئا.
تنهنڪري هن اها آلي مٽي کنئي، جيڪا هن جي هٿن هيٺان جيئڻ سکي چڪي هئي. هن اُن مان شڪليون ٺاهيون، ننڍڙيون هن جهڙيون. هن انهن کي ڦوڪ ڏني، اهي زنده ٿي پيون. انھن اکيون کوليون.
هن انهن کي سيکاريو ته مٽيءَ کي ڪيئن جهلبو آهي. سائي ٿيڻ جو انتظار ڪيئن ڪبو آهي.
انهن پهريان کيس بابا سڏيو، پوءِ استاد، پوءِ صرف اهو پوڙهو جيڪو پهرين وڻ هيٺان ويٺو هو.
انهن جلدي سکي ورتو، انهن وڌيڪ جهوپڙيون ٺاهيون. انهن به پاڻ جهڙا ماڻهو ٺاهڻ سکي ورتا. جلد ئي اهي ڳڻڻ کان وڌي ويا. ڌرتي هاڻي بنجر نه رهي هئي. دريائن جو پاڻي ملڻ سان سرسبز ٿي چڪي هئي ۽ ماڻهن جي گوڙ سان ڀريل هئي. ٻار انهن وڻن جي وچ ۾ ڊوڙي رهيا هئا جن جو هن انتظار ڪيو هو.
هو ڪجھه وقت خوش رهيو.
پوءِ هڪ صبح هن پاڻ کي ڪمزور محسوس ڪيو. سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. هن پنهنجي ھٿن کي ڏٺو. اهي بدلجي جهور ٿي چڪا هئا. هو هاڻي ٿڪجي پيو هو.
هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، هن جي گوڏن مان ست ڇڏائجي چڪو هو ۽ سندس گوڏن مان کڙڪاٽ نڪري رهيا هئا، جيڪي هن پهرين نه ٻڌا هئا.
هو ڳوٺ ڏانهن هليو ويو. هو گهڻي وقت کان ڳوٺ نه ويو هو.
“مان ٿڪجي پيو آهيان،” هن هڪ ماڻهو کي چيو جيڪو پنهنجي گهر جي ڇت ٺاهي رهيو هو.
“اسان سڀ ٿڪل آهيون. هن ڇت کي ٺاهڻ ۾ منهنجي مدد ڪر،” ماڻهوءَ وراڻيو.
“مان بيمار آهيان،” هن هڪ عورت کي چيو جيڪا پاڻي کڻي وڃي رهي هئي.
“توکي هاڻي آرام ڪرڻ گهرجي،” عورت کيس چيو.
ڪنهن به سندس چوڻ تي ڌيان نه ڏنو، وقت هلندو رهيو.
ڌرتي هاڻي جيئري ٿي چڪي هئي ۽ جيئريون شيون مصروف هونديون آهن.
هو واپس پهرين وڻ وٽ ويو. هو اتي ئي ليٽي پيو، جتي هو پهريون ڀيرو ڪِريو هو. تڏهن ڪو ڌماڪو نه ٿيو هو ۽ هاڻي به ڪو آواز نه هو.
هن جي مٿان پن هوا ۾ ڪِري رهيا هئا. ڪٿي ٻار ڪريل ٽارين کي تلوار بڻائي راند کيڏي رهيا هئا.
هن آخري ڀيرو پنهنجو هٿ مٿي کنيو. هن ڪجھه مٽي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جون آڱريون بند نه ٿيون. مٽي اڏري وئي.
هو اهڙي دنيا ۾ آيو هو جتي جيئڻ کانپوءِ کيس مرڻو هو.
هو سڪل پنن سان گڏ سڪي ويو، سندس چوڌاري دنيا زندگيءَ سان ڀريل هئي، پر کيس سڪندي ڏسڻ وارو ۽ ختم ٿيندي ڏسڻ لاءِ ڪير به نه هو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟