مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: سرءُ جي آخري سرحد

Imdad Kanhio

ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اُهو هڪ سرءُ جهڙو ڏينهن هو، زندگي به سرءُ جهڙي هوندي آهي، ماڻهو آهي جو سدائين ڇڻندو رهي ٿو.
بهار جا پل مختصر هجن ٿا. بهار جي آس ۾ بهار جهڙا ماڻهو به هن ديس ۾ خزان ٿي ويندا آهن.
خير ڪيڏانهن وڃڻو هئس ته رستي ڪناري بيهي سوچي رهيو هو، پر هُن سميت ڪنهن کي به اِها خبر نه هُئي ته ڪيڏانهن هُن کي وڃڻو آهي!؟
ڪٿان آواز ٻُريو، جيڪو اچي هُن جي ٻُڌڻ وارن حواسن سان ٽڪرايو. هُو ڪنن جو ڪچو نه هو، اوجهڙ کان اڳتي هيٺ ٻنين ۾ ڪٿي ٽيپ پئي وڳو، سمنڊ ٿو مون کي سڏي…
هُو وڌيڪ ٻُڌي نه سگهيو ۽ اُڻ تڻ ۾ پوندي ويران رستو واجهائڻ لڳو. جتي گهڻو وقت بيٺي هن کي گذري چڪو هو، پر اڃان ڪير به ڪٿان نه آيو هو.
ان ڏينهن عجيب ماجرا هئي، اولھه پاسي هر سواري وئي پئي، پر ٻئي پاسي اوڀر ڏي وڃڻ لاءِ ڪير به نه هو. هُن به اوڀر طرف وڃڻ جو ارادو ڪيو هو، پر اُن ڏينهن اُهو پاسو ئي اهڙو ثابت ٿيو، جو هُن کي ڊگهو انتظار ڪرڻو پئجي ويو.
واعدن جي ڄمار ننڍي ۽ انتطارن جي عمر ڊگهي ٿيندي آهي ته خواب مختصر وقت ۾ مري ويندا آهن.
“هتي هرڪو پنهنجي مرضي سان پنهنجا طرف چونڊيندو آهي ۽ پنهنجي مرضي سان هلندو آهي، ڪوئي ڪنهن جي مرضيءَ سان ڪٿي ٿو هلي؟ ۽ اِهو ڪٿي مُمڪن آهي؟” هُن پنهنجو پاڻ کي پاڻ ئي ورندي ڏني، “ٻئي جي مرضيءَ تي هلڻ اصل ۾ سمجهوتو هوندو آهي ۽ سمجھوتا مجبورين جي بنياد تي ڪيا وڃن ٿا.”
“مان ڪنهن جي مجبوري ناهيان.”
“منهنجو سفر منهنجو آهي.”
هُو اڃان سوچي رهيو هو ته اچانڪ هڪ ڪار تِکي بريڪ سان چرڙاٽ ڪري اچي هن جي ڀر کان بيٺي.
ايندڙ ڪار جي رفتار، بريڪ ۽ بيهڻ مان ائين محسوس ٿيو، ايندڙ کي ڄڻ دير ٿي پئي هُجي.
“دير ئي سهي، پر شُڪر آهي ڪو آيو ته!”
جتي ڀِتيون نه ڳالهائين، اُتي خود ڪلامي ماڻهن جي زبان ٿي ويندي آهي. هُن هٿ لڳائي ڪالر کي جاچيو ۽ بيٺل ڪار کي نهاري اڳتي وڌيو ته ڪار جو بند شيشو هيٺ لهڻ لڳو.
جيئن ڪار جي در جو شيشو در جي جسم ۾ الوپ ٿئي ٿو، ائين روز زندگيءَ جو هڪ ڏينهن ڄمار جي جسم ۾ الوپ ٿيندو ٿو وڃي.
سج به رُڳو اُڀري ته نٿو، اُهو به روز آخر الوپ ٿيندو ٿو وڃي.
اڀرندڙ ۽ لهندڙ چنڊ آهي، جنهن کي مُحبتن جو اُڀ ملي وڃي بس اُهوئي سدا چمڪندو ٿو رهي.
مُحبتون هجن ته الوپ ناهن ٿينديون، اُهي ائين اڀري رهجي وينديون آهن، جيئن کير جي وٽي ۾ گُلاب جو گُل تري بيهي ويندو آهي.
هُن جُهڪي ڪار اندر جھاتي پائي نهاريو ته ڇرڪي پيو. ڇرڪندي هڪدم پوئتي هٽيو، پر ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل چنچل ڇوڪري مُرڪي پئي.
هُن ڏي نهاري ڪار اندران ڇوڪري چيو، “شايد اوهان کي اڳتي هلڻو آهي؟”
کُليل وارن واري ڇوڪري کي ڏسندي هُن پل ڀر سوچيو ۽ پوءِ سنجيدگيءَ سان چوڻ لڳو، “ها… هلڻو ته آهي پر…
“پر ڇا؟”
“پر اوهان…”
“اڙي اچو ته هلون، مان به ايڏانهن هلان پئي.”
ڇوڪري ڪا پڙهيل هُئي، جنهن هُن جي اکين ۾ سانت ۽ خاموشي جي تحليل نه ٿي سگهندڙ يڪسانيت کي ڏسي پنهنجائپ مان چيو، “سفر ڪي به اڪيلا نه ٿيندا آهن.”
هڪ ڀيرو ٻيهر هُن ڇوڪري جي شوخ چهري ۽ چنچل مُرڪ ڏي نهاريو ۽ پوءِ ڪار جو در کولڻ لاءِ پنهنجو هٿ اڳتي وڌايائين ته محسوس ٿيس جهڙو هٿ ۾ ڪا ست باقي نه هُجيس.
جنهن مهل هُو ڪار اندر ويهي رهيو ۽ بيٺل ڪار رستي سان رفتار پڄائڻ جي جستجو ڪرڻ لڳي، تڏهن اُن ڇوڪري جا کليل ريشمي وار جيڪي آزادي جي سنيهن جهڙا نظر پئي آيا، سي هوا سان ٻکين پوڻ لڳا، ڇوڪري رستي کان نظرون هٽائي هڪ وار هن کي وري نهاريو ۽ بٽڻ دٻائي الوپ ٿي ويل شيشن کي اُڀري اچڻ جو حڪم ڏئي ورتائين.
ٻنهي پاسن جا شيشا ڇا بند ٿيا، ڄڻ هن ٻنهي کي اُنهن ڪنهن نقطي ڪنهن ڪوزي ۾ سهيڙي ورتو هجي.
“سِپ ۾ هڪ موتي رهي سگهي ٿو.”، هُن خيال مٽائيندي ڇوڪري سان ڳالهائڻ چاهيو، “اڄ الائي ڇو هن پاسي ڪير به نه وڃي رهيو آهي، بس هڪ اوهان ئي هيڏانهن نڪتا آهيو.”
ڇوڪري ڪوبه جواب نه ڏنو ته ڊيش بورڊ تي لڳل گُڏي ۽ گُڏيءَ واري شو پيس کي نهاريندي هُن ڇوڪري کان پُڇيو، “خير ته آهي؟”
اُن مهل شو پِيس وارو گُڏو ۽ گُڏيءَ فضا ۾ لڙڪندي اوچتو ڀاڪرين پئجي ويا.
ڇوڪري جي اکين ۾ جوڀن جي اُمنگ لهي آئي ۽ هُن جو مُک گُلاب جي گُل وانگر ٽِڙي پيو ته ڪار جي اندرين ماحول ۾ ڄڻ پازيب جي ڇمڪار ڇُلي پئي.
ڇوڪري نه هُئي، ڄڻ ڪا شوخ، چنچل ڀنڀوريءَ هُئي.
جڏهن ڪار ۾ خوشبوءَ جو واسو پکڙجي ويو، ساهن هٻڪار سهيڙي ورتي، تڏهن سرءُ مُند جون سڀ سرحدون ڄڻ کُٽي پيون.
هُن بند شيشي مان ٻاهر نهاريو، ڪار ۾ ڀنڀوريءَ جهڙي ڇوڪريءَ مُرڪي پئي ته ٻاهريون هر منظر به مُرڪي پيو، جنهن دل ڪڏهن ڪي نغما نه ٻُڌا هئا ۽ خاموشيءَ جي نغارن تي نچي هُئي، تنهن جي گهٽين ۾ سڀ اُهي نظم گونجڻ لڳا، جيڪي نظم اڻ چيا اڻ ڇُهيا سانڍي رکيل هئا. هڪ مُرڪ چپن کان اُٿي ۽ هر ٻئي منظر تائين ڇيڙو ڪري نظر نهار ۾ مُرڪون ڀري وئي، ٻاهر سرءُ جا سٽيل وڻ ٻوٽا به مُرڪڻ لڳا، پوئتي ويندڙ جايون، ٻنيون، کيت، نهرون، ڌڻ سڀ جا سڀ مُرڪندي هنن کي ڏسندا ويا.
“منهنجو سفر اُڀ جو سفر آهي.”
ڀنڀوريءَ جهڙي ڇوڪري مُرڪندي چيو.
هن جي اکين جي سانت وري گِهري ٿي پئي، حيرتن جو جهان اکين ۾ اچانڪ ٽُٽي پيس. هُن مُڙي ڪار هلائيندڙ ڇوڪري ڏي نهاريو، ساڳئي وقت ڇوڪريءَ به سامهون کان نظرون هٽائي هن جي طرف نهاريو، اکين جو ٽڪر ٿيو ته ڊيش بورڊ تي کُپيل شو پِيس واري گُڏيءَ جهومندي گُڏي کي ٽڪر هنيو ۽ موٽ ۾ گُڏي به وري گُڏيءَ کي ٽڪر هڻي ورتو.
“اُڀ جو سفر؟؟”
حيرتن جي جهان مان هُن جو آواز وريو ته ڀنڀوري جهڙي ڇوڪري پنهنجا ٻئي ڪُلها لوڏيا ۽ سامهون نهار کُپائيندي چوڻ لڳي، “ها اُڀ جو سفر! قدمن کان کَنڀن جو سفر!”
“مان سمجهيس ڪونه.”
“سڀ سمجهي ويندين تون به!” ڇوڪري بي نياز ٿيندي چيو، “صبر ڪر رُڳو منهنجا پَر نڪرڻ ڏي، پوءِ تون به ڏسجانءِ ڪيئن نه جهان منهنجي جُتي هيٺ هوندو.”
“هتي وڏيون گاڏيون ننڍين گاڏين کي پوئتي ڇڏي اڳتي مٽي وينديون آهن، پر گهڻيون تِکيون گاڏيون تڪڙ ۾ حادثن جو شڪار به ٿي وينديون آهن.”
“مان پوئتي رهڻ نٿي چاهيان، پوئتي رهي تقدير تي ڀاڙڻ نٿي چاهيان.” ڀنڀوري جهڙي ڇوڪري چيو، “منهنجا حواس سالم آهن ۽ منهنجي نگاھ اڳتي منزل تي آهي. دنيا جي هر آسائش منهنجي سُونهن ۽ سوڀيا لاءِ ايجاد ڪئي وئي آهي ۽ اڳتي وڃي دنيا جي ٻي ڪُنڊ تائين مون کي رسڻو آهي. مان اُڀ ۾ ستارن جيئن جرڪڻ ٿي چاهيان.”
هاڻ هُو به مُرڪي پيو، پر هُن جي مُرڪ بي انتها مُختصر هئي. هُن ٻئي طرف مُنهن ڪري شيشي جي پريان نهاريو، دريءَ کان ٻاهر هُن پار سڀ منظر هُن کي خشڪ نظر آيا، ڪار اندر مُرڪون به ڇنڊجي ويون هيون، سِگهو جائيتو ويهندي هُن سامهون نهار ڪئي ۽ ڌيرج سان چوڻ لڳو، “سونهن جي اُڀ ۾ چمڪندڙ چنڊ کي سڀ سِتارا طواف ڪن ٿا، پر چنڊ کي وري سِتارن جي جهرمٽ ۾ سِتارو بڻجي رهڻ جي آرزو هُجي… اِهو ڪُجھه عجيب آهي.”
“اوهان مون کي چنڊ پيا چئو؟”
“نه…! مان ته چنڊ کي چنڊ پيو چوان.”
شوخ ڇوڪري جي اکين ۾ حيا جي لهر اُڀري آئي ۽ هُن جا کُليل وار اُڏامڻ لاءِ ڦٿڪي هُن جو اُجرو چهرو چُمڻ لاءِ اُتاولا ٿيڻ لڳا، تڏهن اُن ڇوڪريءَ هُن کان پُڇيو، “پر اوهان ڪيڏانهن پيا وڃو؟”
“مان ته مُدتن جي سفر ڪرڻ جو ارادو کڻي نڪتو هئس.”
“مُدتن جو سفر؟” ڇوڪري غير يقيني مان دُهرائي پُڇيو ته هُن چيو، “ها… مُدتن جو سفر! مون کي مُختصر سفر جي لاڳ کان مُدتن جي سفر جو ويراڳ وڌيڪ پُرڪشش لڳي ٿو.”
“مُدتن جو سفر ۽ خالي هٿين!؟” سامهون ايندڙ موڙ ڏسي گاڏي جھڪي ڪندي ڇوڪري چيو، “اهڙا سفر ته ڊگھا سفر هوندا آهن! بِنا ڪُجھه ساڻ کڻڻ جي اهڙي وڏي سفر تي نڪتا آهيو؟”
“مان طمع جي طلب ۾ ناهيان.”
ڪار ايندڙ موڙ گُذري چُڪي هئي، هاڻ وري پنهنجي ساڳي رفتا وٺندي وئي ته ڀنڀوري جهڙي ڇوڪري هٽايل گيئر ڏئي گاڏي کي ڇُوٽ ڇڏي ڏنو، تڏهن هُن چيو، “مُنهنجا هٿ سونا ڪونهن، پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو منهنجيون اکيون جيڪي خواب اُڻن ٿيون، اُهي سارا سپنا منهنجي آڱرين مان ڇڻن ٿا، مون کي جنهن موڪليو آهي، ان تي ايترو يقين ضرور اٿم، اهو مون کي بِنا ڪڻي جي مرڻ ڪٿي به نه ڏيندو، پر تون اِهو ٻُڌائي منهنجي لاءِ گاڏي تو ڪيئن روڪي؟ جڏهن ته هِن پاسي ڪوبه ويندڙ نه هو.”
“جنهن پاسي ڪو ويندڙ نه هُجي، اُن پاسي ويندڙ مُسافر مُنفرد هوندا آهن.”
“پر مان ته اجنبي هئس تولاءِ… توکي ڀئو نه لڳو ته…”
“ڀئو کائيندڙ گهٽي جي مُسافت اُڪري نٿا سگهن، مون ٻُڌايو ته آهي مون کي اُڀ جو سفر ڪرڻو آهي.”
ايترو چوندي ڇوڪري وري مُرڪي پئي ۽ ڪار جو اندريون سڀ ماحول مُرڪ جو هُڳاءُ ٿي ويو.
سامهون نظر ايندڙ وستي ويجهو ٿيڻ لڳي هئي، ڇوڪري ڪار جي رفتار گهٽائي ورتي، هڪ ڀيرو ٻيهر هن ڏي نهاري هُن چيو، “تنهنجي منزل ۾ خوابن جون کوڙ سٿيون ڏسجن ٿيون اجنبي، پر مون کي پتنگ ڪونه ٿا وڻن، ڇو جو اُهي جلد جلي ويندا آهن.”
“شمع جو ٻرڻ ئي ته پتنگن جي پڇاڙي هوندو آهي.” هُن ڌيرج سان چيو، “شمع وسائڻ زندگي جو انت آهي، پر خواب پالڻ ڪو بُرو ڪم ڪونهي! سِتارن جي ديس ۾ وڃي سِتارو بڻجڻ به ڪو خواب ئي آهي، پر مون وٽ خوابن جون نه ڪاڳرن جون ٿهيون آهن، ڪاڳر جيڪي ڪجھه لکڻ لاءِ ڪورا ڄڻ ڪنوارا اڻ ڇُهيل ۽ ڪي وري اڌورا لکيل جيئن اُکڙيل اُڊڙيل…”
اُن مهل سج لهي رهيو هو ۽ مغرب مان ٻُڏندڙ سج جي ايندڙ روشني ڪار جي شيشي سان ٽڪرائي ڇوڪري جي ڳٽن کي ڳاڙهسرو ڪرڻ لڳي، تڏهن ڇوڪري چيو، “اڌورا ڪاڳر لکي مڪمل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي، اهڙو شوق نه پالجي، جنهن سان هٿ ڦٽجي پون، مقصد جي جستجو ۾ ڪجھه ڇڏڻو پوندو آهي، ڇڏيل پنا ڦاڙي ڇڏجن.” گاڏي بيهندي ڇوڪري ٻاهر نهاريو، رستي ڀرسان فِلنگ اسٽيشن ۽ ان جي اڳيان جديد ڪيفي ٽيريا هُئي، ڪيفي ٽيريا جي پريان سُپر مارڪيٽ روشنين سان جرڪي رهي هُئي، ڇوڪري پنهنجي ڳالھه جاري رکندي چيو، “هتي هميشه وڏين گاڏين ننڍين گاڏين کان ڪراس ڪري وينديون رهيون آهن، اهو زندگي جو اصول آهي ۽ مون کي وڏي گاڏي تائين رسڻو آھي، جيئن ڪو مون کان مَٽي نه سگهي.”
“ٻين کي پوئتي ڇڏڻ جي آس طمع جي ڪڙي آهي.”
“مون کي هڪ گُلدستو گُهرجي ٿو.”
ڇوڪري ٻاهر سُپر مارڪيٽ ڏي نهاريندي چيو، “مان گُلدستو وٺي اچان ٿي.”
هُن جي دل چاهيو کيس روڪي وٺي ۽ پاڻ وڃي هڪ نه، پر ٻه گُلدستا وٺي اچي، هڪ ڇوڪري کي کپيو پئي، ٻيو هُن ڇوڪري کي پنهنجي طرفان ڏيڻ چاهيو ٿي، پر ٻاهر نھاريندي هُن جون اکيون ڪيفي ٽيريا جي آڳر ۾ اٽڪي پيون، جتي ڪئي جوڙا ڏسندي هُو وري مُدتن جي سفر ۾ غرق ٿي پيو.
ڇوڪري ڪار جي انجڻ بند ڪري ورتي هئي پر هُن سوچيو پئي، “ڪار جو در کُلڻ کانپوءِ هُو جيئن ئي ٻاهر نڪرندي، تيئن ئي سڀ ڪجھه وِکري ويندو، بند بوتل جي ڍڪ کُلڻ سان خوشبوءِ پکڙجي ويندي آهي يا جيئن پاڻي جو قطرو ڊهندو آهي ته اُن هڪ ڦُڙي جي ٻه اڌ ٿيڻ سان ان جي وجود جي جسامت ٽُٽي پوندي آهي.”
ڪار بند ڪري در کولي هيٺ لهڻ کان اڳ هُن کي سوچن ۾ ورتل ڏسي ڇوڪري چيو، “ڇا ٿيو؟ چانھن جو موڊ آهي ڇا؟”
“هونئن…” ھو خيالن مان نڪري آيو، تڏهن ڇوڪري مُرڪي پئي ته ڇوڪري جي ويڪري ڪالر وٽان هُن جي ڪنڌ جي ساڄي پاسي وارو تِر جهاتيون پائي هُن کي نهارڻ لڳو.
خوبصورت ڇوڪري چانھن جي آفر ڪري، اهڙي آفر به خوبصورت هُجي ٿي.
“تنهنجي اکين ۾ وڏي تانگھه آهي.” هُن اڃان سندس چانھن جي صلاح ۽ تِر جو سوچيو پئي ته پاڻ ڏي گھوريندي ڏسي ڇوڪري هُن کي چيو، “تنهنجيون اکيون ڄڻ ٿر هجن! ڪو اُڃارو برپٽ! اهڙي اُڃ جنهن جا ڇيڙا بي انت رُڃ جو ڏس ڏين ٿا.”
“مان ڇا ڪريان؟” هُن ڇوڪري جي ڪنڌ ۽ ڪنڌ واري تِر کان نظرون هٽائيندي چيو، “جڏهن هڪ 0.05 ملي ميٽر جو ڪارو ٽُٻڪو ڪنهن کي ٻڌي رکڻ جي صلاحيت پاڻ ۾ رکندو هجي، تڏهن اکين کان ننڊون چورائجي وينديون آهن ۽ دل جو سڪون ويندڙ ٿي پوندو آهي. اهو حادثو ئي ته آهي جڏهن اکين ۾ رُڃ ۽ اُڃ ڪاهي پوندي آهي ۽ اتي هرڪو بيوس ٿي پوندو آهي.”
ڇوڪري جو ڌيان پنهنجي ڳچيءَ واري تِر ڏي وري ويو، هُن هڪدم پنهنجي هٿ سان اُهو تِر ڇُهي ڪالر ڇِڪي سوڙهو ڪندي پنهنجو تِر لڪائي ورتو ۽ گڏ ئي فطري شرم ۾ وٺجي چوڻ لڳي، “مون چيو هو نه مون کي پتنگ ڪِنا لڳندا آهن، جلد جلي پوندا آهن.”
ڇوڪري اسٽيئرنگ کان مٿي اڳيان ڊيش بورڊ تان پنهنجو پرس کڻندي چيو، “لڳي ٿو پنهنجا اڌورا ڪاڳر هتي مڪمل ڪندين، خير چانھن جو موڊ هجي ته ٻڌايو.”
ڇوڪري کي پنهنجي ڀر ۾ ويٺل اجنبي شخص جا خشڪ چپ وڻڻ لڳا هئا، پرس سيبتو ڪري ڪُلهي ۾ لڙڪائيندي ڇوڪري هن جي اکين ۾ نهاريو، اکين ۾ ڏسندي هُو ڪو سمونڊ ٿي پئي.
بند ڪار مان هيٺ لهڻ کان اڳ هُو پاڻ کي روڪي نه سگهي ۽ اوچتو پنهنجا نرم، نازڪ ۽ گُلاب جي پنکڙين جهڙا ڪومل ۽ معطر چپ اجنبي جي اڃارن چپن تي رکي ڇڏيا.
“هي مُهر تنهنجي اڻپورن ڪاڳرن جي مڪملتا آهي ۽ منهنجي اُڀ جي سفر جي انتها آهي.” چپن تان چپ کڻڻ کانپوءِ ڇوڪري چيو، “اچ چانھن پيئون.”
چانھن پي هُو گاڏي ڏي موٽي آيو، پر اُتي گاڏي نه هُئي. هُو گاڏيءَ جو سوچي رهيو هو ته ڀنڀوري جهڙي ڇوڪري سُپر مارڪيٽ مان گُلدستو وٺي ايندي هن کي چيو، “هي سرءُ جي آخري سرحد آهي.”
“هي سرءُ جي آخري سaرحد آهي؟”
“ها هي سرءُ جي آخري سرحد آهي ۽ مان توکي پنهنجي ڳچيءَ جي ڪاري تِر ۾ قيد ڪري کنيو وڃان پئي.” ڀنڀوري جهڙي ڇوڪري پنهنجي هٿن ۾ جهليل گلدستي کي نهاريندي چيو، “تون سپنا پوکيندو رهجان، مان جڏهن ڪامياب ٿي تمنائن جي اُڀ تي ڪنهن ستاري جيئان جرڪي پوندس، تڏهن تنهنجن سپنن سميت توکي مُدتن جي سفر لاءِ وٺي ويندس، بس ڄاڻي وٺ هي سرءُ جي آخري سرحد آهي، هن کان اڳتي بهار جون حدون آهن.”
اُن پل هڪ وڏي گاڏي اچي هنن جي ڀر ۾ بيٺي ۽ ڀنڀوري جهڙي ڇوڪري هُن کي اُتي ڇڏي اڳتي وڌي وئي. اُن مهل هن ڪجھه چوڻ چاهيو، پر هن کي لڳو، سندس زبان تارون سان چنبڙي پئي آهي.
هُن جي ڪجھه ڳالهائڻ کان اڳ وڏي گاڏي ۾ هُوءَ رواني ٿي وئي ۽ هن ڄاڻي ورتو، وڏيون گاڏيون ننڍين گاڏين کان ڪراس ئي ڪري وينديون آهن. هن جا هٿ خالي هئا ۽ هُو اڃان رستي ڪناري بيٺو هو، جنهن رستي کان ڪو اچڻو هو.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو