مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: اينا اخماتوفه جو نظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ٽن ڏينهن کان شهر سڙي رهيو آهي، مان فليٽ جي دريءَ مان سڙندڙ شهر جو نظارو ڏسي رهي آهيان. سچ پڇو ته پنهنجي شهر کي سڙندو ڏسي مون کي ڪا به حيرت نه ٿي رهي آهي. معاف ڪجو مان نه ته اوهان کي پنهنجو نالو ٻڌائينديس، نه ڪوئي وري پنهنجي شهر جو، نه ئي وري مرڻ وارن جو نه ڪو وري مارڻ وارن جو. نالو سڃاڻپ جي علامت هوندو آهي ۽ اسان بيبي بومرز ۽ ملينيلز پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺا آهيون. جڏهن ته جين زي ۽ جين ايلفا کي ڪنهن به سڃاڻپ جي ضرورت ئي ڪونهي. ائين پيو لڳيم ڄڻ اهوئي هن شهر جو مقدر هو. اسين ملينيلز جين زي ۽ جين ايلفا هٿان هارجي ويا آهيون. شهر ۾ اڪثر بيبي بومرز ۽ ملينيلز جو قتل ڪيو ويو آهي. منهنجي هٿ ۾ ڪافي جو مڳو آهي ۽ سامهون سڙندڙ شهر آهي. گاڏين ۽ دڪانن کي ڏنل باهه مان نڪرندڙ دونهين جي ڪري اڃان به آسمان ڪارو آهي. پوليس چوڪين ۽ ڪورٽن کي باهيون ڏنيون ويون آهن. شهر ۾ نه ته ڪو ٻاهريون ماڻهو داخل ٿي سگهي ٿو ۽ نه وري ڪو شهر مان ٻاهر وڃي سگهي ٿو. جين ايلفا جي اڳواڻي ڪندڙ جين زي جي جٿن سموري شهر جي رستن کي بند ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه رات دير سان هنن شهر جي وڏي اسپتال کي باهه ڏئي ڇڏي. انهيءَ ۾ اڪثر مريض چاليهه سالن جي ڄمار جي لڳ ڀڳ يا مٿي وارا هئا. اهي سڀ سڙي ويا، ڊاڪٽر ۽ نرسون به سڙي ويون. اسپتال کي باهه ڏيڻ کانپوءِ هنن خوشي مان ننگو ناچ ڪيو. هر ڀيري ڪنهن عمارت کي باهه ڏئي ساڙڻ کانپوءِ اهي ائين ئي ننگو ناچ ڪندا آهن ۽ گدڙن جيان اوناڙيون ڪندا آهن. هڪ جين زي جو اگهاڙو ڇوڪرو ڪلهن تي جين ايلفا جي اگهاڙي ڇوڪريءَ کي اونداهي ڪنڊ ڏانهن کڻي وڃي رهيو آهي (ائين ٿو ڀانئجي هو منهنجي ڌيءَ کي ڪلهي تي کنيو پيو وڃي. منهنجي ڌيءَ به جين ايلفا آهي ۽ هوءَ به هن ڀڃ ڊاهه ۾ پنهنجن دوستن سان گڏ آهي، هوءَ ڪيترن ئي ڏينهن کان گهر ڪونه آئي آهي. آخري ڀيرو مون سان وڙهي گهران نڪتي هئي ۽ چيو هئائين ته مان سندس فڪر نه ڪريان) اهي ٻئي خوشيءَ مان رڙيون ڪري رهيا آهن. ٻن اگهاڙين جين زي ڇوڪرين جي وچ ۾ هڪڙو اگهاڙو جين ايلفا روڊ جي وچ ۾ ليٽيل آهي، هڪ ڇوڪري چرس جو ڀريل سگريٽ ڇوڪريءَ کي ڏنو آهي، ڇوڪريءَ ان مان وڏو ڪش هڻي ٻي ڇوڪريءَ ڏانهن سگريٽ وڌايو آهي. اهي چرس جا سوٽا هڻي وڏي واڪي پنهنجو ترانو ڳائڻ لڳا آهن:
دنيا کي هاڻي هنن حرامي پوڙهن جي ضرورت ڪونهي
کين پٺيان لت هڻي هن دنيا مان ڪڍي ڇڏيو
دنيا اسان جي آهي
اسان هن دنيا کي پنهنجي مرضي سان هلائينداسين
نه هو اسان مان آهن
نڪو وري اسان هنن مان آهيون
ان تراني جي ڪري منهنجي بي چيني وڌي وئي آهي. اهو ترانو گذريل پنجن مهينن کان شهر جي مختلف حصن ۾ وڄندو رهيو آهي. اول ته ان کي ٻاراڻي سمجهي نظرانداز ڪيو ويو، پر جڏهن حالتون اسان جي هٿن مان نڪرڻ لڳيون ته ان تراني تي پابندي هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان تي جين زي ۽ جين ايلفا مڇرجي پيا ۽ روڊن رستن تي نڪري آيا ۽ هل هنگاما شروع ٿي ويا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو منهنجو شهر ٽن ڏينهن کان سڙي رهيو آهي.
مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هن صورتحال جي شروعات انهيءَ اسڪول کان ٿي جنهن اسڪول ۾ مان انگريزي پڙهائيندي آهيان. اهو ترانو به منهنجي اسڪول ۾ پڙهندڙ ڪنهن شاگردياڻي جو لکيل آهي. هوريان هوريان اهو ترانو ٻين اسڪولن ۾ به مشهور ٿيو ۽ هر پاسي باهه پکڙجي وئي. شهر ۾ باهيون لڳڻ جي شروعات اسان جي اسڪول کان ئي ٿي. سڀني کان پهريان شاگردن پرنسپال کي آفيس ۾ بند ڪري کيس باهه ڏني. هوءَ رڙيون ڪندي ڪندي باهه ۾ سڙي وئي. ان کانپو مڇريل شاگردن اسٽاف روم ۾ ٽيچرن کي قيد ڪري انهن کي باهه ڏني. ان ڏينهن مان موڪل تي هئس جو بچي ويس، نه ته اوهان سان پنهنجي شهر جي سڙڻ جو هي قصو نه ڪري سگهان هان. هاڻي شهر جي هر چوڪ تي رڳو هڪڙي ئي مائي جا وڏا وڏا پوسٽر لڳل آهن. جنهن کي جين زي ۽ جين ايلفا ديوي جي نالي سان سڏين ٿا. هي سمورو شهر انهيءَ ديوي جي ڪري ئي سڙي رهيو آهي. دريءَ کي پردي سان ڍڪي مان بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي رکيل پنهنجي ۽ هن جي تصوير کي تڪڻ لڳي آهيان. اها تصوير اسان جي شاديءَ جي سال جي ئي آهي. اسان هڪ پارڪ ۾ ويٺل هئاسين، منهنجو ڪنڌ هن جي ڪلهي تي رکيل هو ۽ هن جي هٿ ۾ اينٿوني برگس جو ناولٽ “اي ڪلاڪ ورڪ اورينج” هو. هو شام جي چانهه تي مون کي ان ناولٽ مان ڪجهه صفحا پڙهي ٻڌائيندو هو. هر صفحي سان ڊپ وڌي ويندو هو ته ڪٿي اهڙو وحشي نسل اسان وٽ به نه پيدا ٿي پئي. ان ناولٽ جو موضوع نوجوانن جو حد کان وڌيڪ پرتشدد ۽ آزاد ٿي وڃڻ آهي. ناول ۾ نوجوان دوستن جا ڪردار آهن جيڪي روڊن رستن تي پوڙهن سان مارڪٽ ڪن ٿا، گهرن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪري گهرن جي عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪن ٿا، نشو واپرائين ٿا. اهو ناولٽ سن 1962ع ۾ ڇپيو هو ۽ لڳ ڀڳ چوهٺ سالن کانپوءِ اها ساڳي صورتحال منهنجي شهر ۾ پيدا ٿي چڪي آهي. تصوير کي سيني سان لائي مان پنهنجين يادن جي اڏام کٽولي تي سوار ٿي آهيان.
هن سان پهريون ڀيرو يونيورسٽي ۾ ملي هئس. معاف ڪجو هن جو نالو به نه کڻندس. هونئن به جڏهن سڀ ڪجهه سڙڻ تي هجي ته ڪنهن جو به نالو نه کڻجي. انهن ڏينهن ۾ مان انگريزي ادب جي شاگردياڻي هئس ۽ هو صحافت جو شاگرد هو، اسان اڪثر فلسفي جي ڪلاس ۾ گڏجندا هئاسين جيڪو اسان ٻنهي جو گڏيل ڪلاس هو. هڪ ڀيري هن فلسفي جي ڪلاس ۾ سماج وادين تي تنقيد ڪئي هئي ۽ سڀني جي نظرن ۾ اچي ويو هو. هن لاءِ آڪٽوبر 1917ع وارو روس ۾ آيل انقلاب، انقلاب نه، پر انارڪي هو. هو ته اهو به چئي ويو هو ته 1917ع واري انارڪي نوجوانن کي زومبي ڪرڻ جي پهرين وک هئي. ان تي کاٻي ڌر وارا شاگرد هن تي چڙي پيا هئا، پر فلسفي واري ميڊم هن سان سهمت هئي.
ان انارڪي ۾ غريب نوجوانن کي محنت ڪري امير ٿيڻ جي صلاح ڏيڻ بدران اهو ٻڌايو ويو ته هي جيڪي امير آهن اهي اصل ۾ پنهنجي محنت جي ڪري امير ڪونه ٿيا آهن، پر اهي اوهان غريبن جي دولت چوري ڪري يا ڦٻائي امير ٿيا آهن، ان جي ڪري غريب نوجوان محنت ڪرڻ بدران اميرن سان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ اميرن کان سندن دولت کسڻ، کين جاني ۽ مالي نقصان ڏيڻ کي پنهنجو حق سمجهڻ لڳا، اهي غريب نوجوان اميرن ۽ سندن ٻارن کان ساڙ ۽ نفرت ڪرڻ لڳا، کين لڳندو هو اهي امير ڄڻ انهن غريبن جي پئسن تي عياشون ڪندا هجن! اهي کاٻي ڌر جا نوجوان زومبين جيان ورتاءُ ڪرڻ لڳا ۽ جڏهن سندن انارڪي 1917ع ۾ ڪامياب ٿي تڏهن به اهي غريب نوجوان غريب ئي رهيا. ان جي ڀيٽ ۾ ان انارڪي جي ڪري سندن حالت ويتر خراب ٿي وئي. هن چيو هو ۽ اسان کيس وائڙن جيان ڏٺو ٿي، جڏهن ته ميڊم مرڪندي رهي هئي. ان تي کاٻي ڌر وارن جي اندر ۾ ويٺل زومبي جاڳي پيا ۽ اهي نعرا هڻڻ لڳا:
سامراجي ايجنٽ… حرامي سامراجي ايجنٽ…
ميڊم ڪلاس جي ماحول کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وئي. ڪلاس پورو ٿيو ته ڪاريڊور ۾ کيس کاٻي ڌر جا زومبي ورائي ويا، ان کان اڳ جو اهي پاڻ ۾ وڙهي پون ها، فلسفي جي ميڊم کيس پنهنجي آفيس ۾ گهرائي ورتو هو. فلسفي جي ٻئي ڪلاس ۾ هن ويتر 1917ع جي روس واري انارڪي تي تنقيد ڪئي هئي. جڏهن کاٻي ڌر وارا وري رڙيون ڪرڻ لڳا ته هن کين ڏسندي چيو:
مان اوهان زومبين کان ڪونه ٿو ڊڄان…! ان جملي ته انهن زومبين جا منهن ويتر خراب ٿي ويا. هن کي زومبي ڪامريڊن کان ڪوبه ڀئو ڪونه ٿيندو هو ۽ هنن جي هر ڳالهه کي سياسي پروپيگنڊا جو نالو ڏيندو هو. هو هڪ حوالي سان مون کي عجيب لڳو. هڪ ڀيرو اسان يونيورسٽيءَ جي پارڪ ۾ ويٺل هئاسين جو هن مون کي ٻڌايو:
مان شاعري ڪونه پڙهندو آهيان، شاعري مون کي سمجهه ۾ ئي ڪونه ايندي آهي.
ادب جي شاگردياڻي هجڻ ناتي مون شاعري جي حوالي سان بحث ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهندي چيومانس:
ڀلي ٻي ڪابه شاعري نه پڙهه، پر روسي شاعرا اينا اخماتوفه جا ٻه نظم “اي پوئم ود آئوٽ هيرو” ۽ “لاٽس وائيف” ضرور پڙهجان.
هن مرڪي منهنجي ڳالهه ٽاري ۽ مون سان جارج اورويل جي اينيمل فارم تي ڳالهائڻ لڳو، هن کي ان ناول جو ڪردار نيپولين زهر لڳندو هو، اهوئي موقعي پرست سوئر جنهن فارم کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي.
هن جي سالگره تي مون کيس اينا جي نظمن جا ڪتاب تحفي ۾ ڏنا هئا. هن ڪتاب وٺندي چيو هو:
لڳي ٿو اسين ڪتاب پڙهندڙ آخري نسل هونداسين!!
سندس ان جملي تي مان حيران ۽ پريشان ٿي وئي هئس. ٻئي ڀيري جڏهن اسان ملياسين ته هو اينا جي انهن ٻن نظمن جو ديوانو بڻجي چڪو هو. هن لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ تائين انهن ٻن نظمن تي ڳالهايو هو، ائين ٿي لڳو هن اينا جي انهن ٻن نظمن کان سواءِ ٻيو ڪجهه پڙهيو ئي نه هجي! يونيورسٽي پاس ڪري مان ٽيچر ٿي ويس ۽ هو صحافي ٿيو. ٻنهي جي نوڪرين جي ڇهين مهيني شادي ڪئسين ۽ هي فليٽ وٺي رهڻ لڳاسين. شاديءَ جي چوٿين سال اسان کي ڌيءَ ڄائي. ٻي هر ڳالهه سان گڏ اينا جا نظم به اسان جي زندگين جو اهم حصو ٿي پيا. جڏهن به بيزاري ٿيندي هئي ته اينا جا نظم پڙهڻ لڳندا هئاسين. مان فوٽو کي سيني سان لائي ڪتابن جي ڪٻٽ وٽ آئي آهيان ۽ ان مان اينا جي چونڊ نظمن وارو ڪتاب کڻي ورتو اٿم:
Alas, Sodom’s celebrants are
Stumbling, death’s wine flows.
Foam-borne Aphrodite’s risen,
Helens shivering in the mirror,
And the age of dementia moves nearer.
مون تي اينا جي لفظن جو جادو ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. هي ڇا ته ڪمال جو نظم آهي، هڪ الڳ ڪائنات، هڪ طلسم، هڪ دعا، هڪ راڳ، هڪ رقص، هڪ دانهن، هڪ عشق، هڪ ارتقا، هڪ دريا هڪ محبوب ۽ هڪ وجود…
اينا جو نظم “اي پوئم ودآئوٽ هيرو” خبر ناهي ڪيترا ڀيرا پڙهي وئي آهيان، وقت جو ڪو احساس ئي ڪونه رهيو آهي، شام ٿي رهي آهي. اوچتو فليٽ جو در تيزي سان وڳو آهي، مان ڊڄي وئي آهيان، اينا جي چونڊ نظمن وارو ڪتاب هٿان ڇڏائجي ڪارپٽ تي ڪريو آهي، ٻاهران تيز رڙيون اچي رهيون آهن. ڀانيان ٿي جين زي ۽ جين ايلفا سڄي شهر کي ساڙي هاڻي منهنجي در تي پهتا آهن…
در کول حرامزادي… ٻاهران کان ڪنهن ڇوڪري جي رڙ آئي آهي، مون رڙ کي نظر انداز ڪري هيٺان ڪتاب کڻي وري نظم پڙهڻ شروع ڪيو آهي. فليٽ جي در تي ڌڪ تيزي سان لڳي رهيا آهن.
مون کي پڪ ٿي چڪي آهي ته منهنجي مرڻ جو وقت اچي ويو آهي. مرڻ کان اڳ مان اوهان کي ضرور ٻڌائينديس ته پنج مهينا اڳ ڇا ٿيو؟ منهنجي اسڪول جي پرنسپال باغ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي چرس جا سگريٽ ڇڪيندي پڪڙي ورتو. اسڪول ۾ هُل هنگامو ٿي ويو. ميڊم ٻئي ڏينهن پيرنٽ ٽيچر ميٽنگ رکي، اسين سڀ پريشان هئاسين. خبر پئي ته رڳو اسان جي اسڪول جا شاگرد ئي نه، پر شهر جي هر ننڍي وڏي اسڪول جا شاگرد نشو ڪن ٿا. ان ۾ چرس ۽ آئيس جو نشو عام آهي. جاچ ڪرڻ تي خبر ته اسڪول ۾ ٻارن کي نشو ڏيڻ ۾ ڪجهه ٽيچر شامل آهن، اسان جي اسڪول جي ڪيمسٽري ٽيچر ٻارن کي چرس ۽ آئيس وڪرو ڪندي آهي. پوليس هن کي پڪڙي وئي. ان ٽيچر سان ٻار ڏاڍي محبت ڪندا هئا ۽ هن جي ائين ٻڌجڻ تي احتجاج ڪرڻ لڳا. انهيءَ احتجاج ۾ منهنجي ڌيءَ به شامل ٿي ته مان کيس گهر وٺي آيس ۽ کيس ڪمري ۾ بند ڪري ٻه چماٽون هڻي پڇيومانس:
ڇا تون به نشو ڪندي آهين؟
هوءَ مون کي گهورڻ لڳي. مون هن جي ٿيلهي جي چڪاس ورتي ۽ جڏهن هن جي ڪپڙن واري الماريءَ ڏانهن وڌيس ته هوءَ منٿون ڪرڻ لڳي:
ممي پليز… ممي پليز مون وٽ ڪجهه به ناهي…
مان چرين جيان هن جا ڪپڙا الماري مان ڪڍي بيڊ تي اڇلائڻ لڳيس. ڪپڙن جي هيٺان پلاسٽڪ جي هڪ ننڍڙي ٿيلهي نظر آئي ان ۾ ناسي ۽ ڪاري رنگ جون گوريون هيون، منهنجي هانءُ ۾ سٽ پئي ۽ هن جي سامهون ٿيلهي لوڏيندي پڇيومانس:
هي ڇا آهي؟
گو ٽو هيل يو بچ…! هوءَ ڪاوڙ مان مون کي ڌڪو ڏئي ٻاهر وڃڻ لڳي. ايتري ۾ فليٽ جو در کليو ۽ هن جو پيءُ اندر آيو.
هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ اسان کي هڪٻئي تي رڙيون ڪندو ڏسي هن حيراني مان پڇيو. اسان ماءُ ڌيءَ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون. مان ڊائننگ ٽيبل جي پاسي کان ڪرسي ڇڪي ويهي رهيس ۽ شيشي جي ٽيبل تي اها ٿيلهي رکيم ۽ چيومانس: هي هن جي الماريءَ مان ملي اٿم.
ٿيلهي ڏسي هن جو پيءُ وائڙو ٿي ويو ۽ ڌيءَ جو نالو کڻندي پڇيائنس:
هي ڇا آهي؟
هوءَ اسان ٻنهي کي ڪاوڙ مان گهورڻ لڳي، ڄڻ هن دنيا ۾ اسان ٻنهي کان وڏو دشمن ڪوبه ڪونه هئس. هوءَ اسان کي ڪاوڙ ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي ۽ در لاڪ ڪري ڇڏيائين.
مان پنهنجي مڙس سان ڊائننگ ٽيبل تي ويٺي رهيس، هن ٿيلهي کڻي پنهنجي کيسي ۾ رکي.
خبر آئي آهي ته پوليس ڪجهه اسڪولن مان ڊرگ ڊيلر پڪتا آهن، انهن سڀني ڪنهن گلابي ميڊم جو نالو کنيو آهي، ڪيترائي نوجوان هن جي نيٽ ورڪ ۾ آهن، هي ڪو وڏو نيڪسس پيو لڳي. ڪجهه ڏينهن ۾ پوليس گلابي ميڊم کي پڪڙڻ واري آهي. هو چپ ٿي ويو، مان ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ويهي رهيس ۽ سڏڪا ڀري پنهنجي ڌيءَ جو نالو کنيم. هو مون ڏانهن سرڪي آيو ۽ ڳراٺڙي پائيندي چيائين:
فڪر نه ڪر کيس ڪجهه به ڪونه ٿيندو.
هوءَ ڏاڍي جذباتي ۽ وايولنٽ ٿيندي پئي وڃي، مون کيس چيو. هو چپ ٿي ويو، ڪجهه دير کانپوءِ چيائين:
مون کي گلابي ميڊم واري هيءَ اسٽوري فائنل ڪرڻي آهي، پوءِ هن سان ڳالهايون ٿا.
مون هاڪاريءَ ۾ ڪنڌ لوڏي هيڊي مرڪ مرڪي ۽ اٿي ڪچن ۾ بيهي هن لاءِ چانهه ٺاهڻ لڳيس. هو ليپ ٽاپ کولي اسٽوري لکڻ لڳو. مون هن جي سامهون چانهه جو ڪوپ رکيو ۽ پنهنجي ڌيءَ جي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳيس، اڃان ٻه وکون مس کنيو هونديون جو هوءَ ڪمري مان رڙيون ڪرڻ لڳي:
Give me my pot, you bastards!
اهي رڙيون ٻڌي اسين ٻئي ڇرڪجي وياسين ۽ هن جي ڪمري ڏانهن ڀڳاسين، در وڄائي هن جو نالو کڻي چيوسينس:
در کول…!
گو ٽو هيل يو اولڊ بفونز… جسٽ پاس مي ما ڊرگس. هن روئيندي رڙ ڪئي. مان ڀت کي ٽيڪ ڏئي هيٺ ويهي رهيس ۽ سڏڪا ڀرڻ شروع ڪيم. هڪڙي پاسي ڌيءَ جون رڙيون هيون ٻئي پاسي مڙس جون در کولڻ لاءِ رڙيون هيون.
ٺيڪ آهي جيڪڏهن اوهان کي پنهنجو فڪر ناهي ته مان به اوهان جي ڪا پرواهه نه ڪنديس. ڪمري مان رڙ آئي. پوءِ فليٽ ۾ ماٺ اچي وئي.
در کول…! منهنجي مڙس هوريان ڌيءَ جو نالو کڻي چيو.
گو ٽو هيل… اندران رڙ آئي. منهنجي مڙس مون کي اٿاريو ۽ ڊائننگ هال ۾ وٺي آيو، مون کي ڪرسيءَ تي ويهاري پاڻي جو گلاس ڀري پيئڻ لاءِ ڏنائين ۽ چيائين:
اڄ ڇڏيئنس سڀاڻي ڳالهائينداسينس…
مون سڏڪا ڀريندي هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو. هو وري اسٽوري لکڻ ۾ لڳي ويو. اها رات مون لاءِ قيامت مثل ٿي پئي.
اسٽوري ڇپجڻ کانپوءِ هو ويتر پريشان هو، کيس ڌمڪي ڀريا فون اچڻ لڳا، اسٽوري ڇپجڻ جي چوٿين ڏينهن هو غائب ٿي ويو، مان ديوانن جيان پوليس اسٽيشن ڀڳيس ۽ هن جي گم ٿي وڃڻ جي رپورٽ لکرايم. گهر وريس ته منهنجي ڌيءَ به گهر ۾ ڪونه هئي وري پوليس اسٽيشن ڀڳيس ۽ ڌيءَ جي رپورٽ لکرايم. پنهنجي بلڊنگ ۾ پهتيس ته سڀ فليٽن وارا هيٺ پريشاني واري حالت ۾ بيٺل هئا، عورتون سڏڪا ڀري رهيون هيون، خبر پئي ته جين زي ۽ جين ايلفا وارا ٻار گهر ڇڏي ڀڄي ويا. اسان سڀ ڪنهن جي نه ڪنهن جي انتظار ۾ هيٺ ئي ويهي رهياسين، رات گذري وئي، پر اسان جن جو انتظار ٿي ڪيو انهن مان ڪوبه نه وريو. منهنجي ڌيءَ سان گڏ منهنجو مڙس به گم هو ٻي شام جو بلڊنگ جي در وٽ هڪ گاڏي اچي بيٺي ۽ ان مان هڪ لاش ڦٽو ڪيو ويو. اهو لاش منهنجي مڙس جو هو، مان هن جي لاش کي ڀاڪر پائي روئيندي رهيس، منهنجي حالت چرين جيان ٿي وئي. ڪنهن به ڳالهه ۾ دل نٿي لڳي، اک ڇنڀ ۾ منهنجي دنيا ئي برباد ٿي وئي. اسٽوري جي ڏهين ڏينهن گلابي ميڊم جي گرفتاري جو اعلان ڪيو ويو ۽ شهر جي پوش علائقن ۾ ڊرگ سپلاءِ بند ٿي وئي. جيتري تائين جين زي ۽ جين ايلفا وٽ نشي آور شيون هيون اهي شانت هئا. جيئن سندن ڊوز ختم ٿيڻ لڳا ته اهي وايولنٽ ٿيڻ لڳا، احتجاج ڪرڻ لڳا. گلابي ميڊم جا پوسٽر شهر جي چوڪن تي هڻڻ لڳا، باغي ترانا جهونگارڻ لڳا. هنن کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ اهي وري بيبي بومرز ۽ ملينيلز کان بدلو وٺڻ نڪتا. ڪيترن ئي نوجوانن کي شرپسندي جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو. ان تي ٻيا نوجوان مڇرجي پيا ۽ “ديوي جي” جا نعرا هڻندا پوليس اسٽيشنن کي باهيون ڏئي پنهنجن ساٿين کي ڇڏرائي گهٽي گهٽي ۾ ترانو ڳائڻ لڳا. اهي پنهنجي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ ۾ سموري شهر کي ساڙڻ لڳا، شهر ۾ هر پاسي باهه ئي باهه لڳل هئي. وڏي عمر وارن کي مارڪٽ کانپوءِ جيئري ئي ساڙي ٿي ڇڏيائون. هر انارڪي جيان شروع ۾ ته اهي نوجوان ڀڃ ڊاهه مان مزو وٺڻ لڳا، پر جيئن ئي نشي وارين شين جي سپلاءِ گهٽجڻ لڳي ته اهي منتشر ٿيڻ لڳا ۽ ٽولن ۾ ورهائجڻ لڳا. هڪ شام جو خبر آئي ته جين زي ۽ جين ايلفا جي هڪ گروهه شهر جي فارمسين تي حملو ڪري ڏنو، پنهنجي مقصد جون ٽڪيون وغيره کڻي فارمسين کي باهه ڏئي ڇڏيائون، شهر ۾ دوائن جي کوٽ ٿيڻ لڳي، هنن سموري شهر کي يرغمال ڪري ڇڏيو. هڪ مخصوص گروهه وٽ ڊرگ سپلاءِ اچي وئي. اهي پنهنجي مرضيءَ جنهن کي وڻين پيو ان کي نشي وارين ٽڪين، چرس ۽ آئيس جي مقدار ڏين پيا. وري خبرون هليون روڊن رستن تي نوجوانن جون ڪيتريون ئي لاشون مليون جيڪي نشو وڌيڪ واپرائڻ ڪري مري ويا هئا. مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ مان بيٽ مين جي ڪامڪ سيريز جو ڪو ڪردار هجان ۽ منهنجو هي شهر ڄڻ گوٿم شهر هجي. ائين ٿي لڳو ڄڻ سمورو شهر جوڪر ۽ هن جي پوئلڳن جي ور چڙهي ويو هجي!
اهي منهنجي فليٽ تائين پهچي چڪا آهن. فليٽ جي در تي زور سان ڌڪ لڳي رهيا آهن. در ڀڄي چڪو آهي. گهر ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي چڪي آهي.
هوءَ هن ڪمري ۾ هوندي! هڪ ڇوڪريءَ جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو، ڀئو بدران منهنجي منهن تي هيڊي مرڪ اچي وئي آهي، مون آواز سڃاڻي ورتو آهي، اهو منهنجي ڌيءَ جو آواز آهي. مان اينا جي نظمن جو ڪتاب کڻي بيڊ تي سڪون سان ليٽي هن جو نظم پڙهڻ لڳي آهيان.
هاڻي اسان کي هڪ به نصيحت ڪندڙ مادر ذات بيبي بومرز يا ملينيلز نه گهرجي. ساڳيو ئي ڇوڪريءَ جو آواز ڪنن تي پيو اٿم، مون ان کي نظرانداز ڪري اينا جي نظم ۾ ڌيان ڌريو آهي. ڪمري جو در کليو آهي. منهنجي ڌيءَ جي اڳواڻي ۾ ڏهه ٻارنهن نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون جن جي هٿن ۾ ٻرندڙ سگريٽ آهن اندر آيا. اهي مون تي زومبين جيان ڪڙڪيا آهن، مون کي مٿي ۾ زور سان ڌڪ لڳو آهي، رت وهندو منهن تائين اچي ويو آهي، سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿي ويو آهي. اهي مون کي مارڪٽ ڪري ڪمري ۾ پيٽرول ڇڙڪڻ لڳا آهن. اهي ڪمري کي باهه ڏئي رڙيون ڪندا ٻاهر نڪري ڪمري جو در لاڪ ڪري ويا آهن. مان باهه لڳل ڪمري ۾ پنهنجو فوٽو ۽ اينا جي چونڊ نظمن وارو ڪتاب ڳولڻ لڳي آهيان. اهي ٻئي مون کي ملي ويا، مان ڪارپٽ تي ويهي رهي آهيان، اينا جا چونڊ نظم ۽ اسان جو فوٽو منهنجي سيني سان لڳل آهن. ڪمري ۾ باهه جي تپش وڌڻ لڳي آهي، مان اکيون بند ڪري پنهنجي موت جو انتظار ڪرڻ لڳي آهيان، ڪنن ۾ هن جي جملي جو واڄٽ پيو ٿئي:
لڳي ٿو اسين ڪتاب پڙهندڙ آخري نسل هونداسين!!
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو