مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: مِسنگ پرسن…

Hameed Hulio ڪهاڻيڪار، ناولنگار، ڪالم نگار

اسسٽنٽ پروفيسر (باٽني) GBDC لاڙڪاڻو.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جيئن ڪو ڪوئو ڇهن مهينن لاءِ ٻُرِ ۾ ڇَپي وڃي، مان به ايئن سي ايس ايس جي امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ انڊر گرائونڊ ٿي ويو هئس. ڪالهه منهنجو سي ايس ايس جو آخري پيپر ٿي ويو. مَسين مَسين وڃي منهنجي جان ڇُٽي. نصابي خشڪ ڪتاب پڙهي پڙهي اُلٽي پئي آئي… مان مِسنگ پرسن هن وقت ڪراچيءَ جي علائقي اعظم ٽائون، هِڪُ سئو فوٽ روڊ تي هڪ فليٽ ۾ ويٺو آهيان. فليٽن جي دنيا به عجيب آهي، ڪير آيو ڪير ويو…! ڪير ڪنهن سان ڳالهائي ئي ڪونه صفا گونگن، ٻوڙن ۽ نابينن جي دُنيا. امتحان ٿيڻ کانپوءِ مان ايئن محسوس ٿو ڪيان ڄڻ ڪو منهنجي دماغ تان بارُ لٿو هجي. دوستن منهنجو نالو مِسنگ پرسن ان ڪري رکيو ، جو سي ايس ايس جي تياري ڪرڻ لاءِ مان انڊر گرائونڊ ٿي ويندو هُئس.! يعني هنن کي نظر ئي ڪونه ايندو هئس، مسنگ پرسن ٿي ويندو هئس!
ڪالهه امتحان ٿي ويا. اڄ مان آزاد آهيان. اڄ مان ڏاڍو پرسُڪون آهيان. آزادي ڪيڏي نه خوبصورت آهي ڀلي اها پوءِ سي ايس ايس جا امتحان ڏيڻ کانپوءِ ئي کڻي ملي. اڄ هي ڊائلاگ مون کي ڏاڍو وڻي ٿو جيڪر ان تي ڪو رِيلُ يا ٽڪ ٽاڪ ٺاهيان منهنجي ڏاڍي دل ڪڍي ٿي، پر سوشل ميڊيا کي مان گهٽ استعمال ڪندو آهيان. ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا سوشل گهٽ اِموشنل وڌيڪ آهي. امتحان کان آزاد ٿيڻ کانپوءِ اڄ پھريون دفعو مان دوستن سان ڪانٽيڪٽ ڪري رهيو هئس ته هو ڪِٿي ٿا رسن ۽ وسن؟ پر ڪنهن به دوست مون کي رِپلاءِ نه ڏنو! هونئن، هُو مون کي مِسنگ پرسن ڪُوٺِيندا آهن، پر اڄ مان هنن کي مِس ڪري رهيو آهيان. سو آخر ۾ جڏهن ڪنهن به رِپلاءِ نه ڏنو تَه مان پاڻ ئي آزاديءَ کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ سمنڊ طرف نِڪري ويس.
سمنڊ تي ڏاڍو مزو لڳو پيو هو. ننڍا توڙي وڏا سمنڊ تي پنهنجي زندگيءَ جي خوبصورت لمحن کي ڀرپور آزاديءَ سان رِيلن ۽ ٽڪ ٽوڪن ۾ ڪيپچَرِ ڪري رهيا هئا. مان اڪيلو تَنِ تنها سمنڊ جي ڪناري تي هَلي رهيو هئس. سمنڊ جون ڇوليون منهنجي پيرن کي ڇُهي وري واپس وڃي رهيون هيون. مان سوچي رهيو هئس ته هي ڇوليون ڪيڏي سِڪَ ۽ اُڪير سان ڪنارن کي چمي وري واپس پنهنجي منزل ڏانهن موٽي وڃن ٿيون… پَريان هڪ جوڙو دنيا کان بيخبر هِڪ ٻِئي سان رومانس ڪري رهيو هو. سِجُ آهستي آهستي سمنڊ ۾ ٻُڏي رهيو هو، جنهن منظر کي ماڻهو ڏِسي رِيلَ ٺاهي رهيا هئا ۽ انجواءِ به ڪري رهيا هئا.
‌مان جڏهن سنڌي سمنڊ کان موٽِيس پَئي ته عبدالله شاهه جي مزار کان ٿورو پَريان هڪ ميڊيڪل ڪيمپ ڏي لَڙيس. ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جمع ڪَري رهيا هئا. ٿيليسيميا جي مريض کي جڏهن ڪوبه ماڻهو رت جو عطيو ڏيندو آهي ته هو موبائيل وانگر چارج ٿي ويندو آهي. ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هن جي جسم مان رت ايئن ختم ٿي ويندي آهي، جيئن موبائل استعمال ڪرڻ کانپوءِ بيٽري ختم ٿي ويندي آهي. جيئن موبائل جي اسڪرين تي ڳاڙهي بيٽري نظر ايندي آهي تيئن ٿيليسيميا جا مريض به جسم مان رتُ ختم ٿيڻ جي ڪري رڳو اکين کي هيڏي هوڏي ٽِمڪائيندا آهن. باقي، سندن جسم ۾ ٻي ڪابه حرڪت ڪرڻ جي سگهه نه رهندي آهي. هنن مون کي به هَٽو ڪَٽو سمجهي هڪ ٿيلهي رت جو عطيو ڏيڻ جي اَپيل ڪئي. هونئن به منهنجو قد ڪاٺ ۽ جسماني بيهڪ ڪنهن سُپر فِٽ فوجيءَ کان گهٽ ڪونهي…!
اپيل ڪرڻ واري جو آواز ڏاڍو پرسوز هو. هن مون کي اپيل ڪندي چيو ته توهان هنن بي سَهارا ٿيليسيميا جي مريضن کي بلڊ ڏيندا ته توهان کي آخرت ۾ اَجر ملندو ۽ دَنياوي مَنَ جون به سڀ مُرادون پوريون ٿينديون. مون کي اَپيل ڪندڙ جي پهرين سِٽ ته ڪوبه اثر ڪونه ڪَيو باقي پوئين سِٽَ “من جون مُرادون پوريون ٿينديون” موهي وڌو نه، بلڪه هِپنوٽائيز ڪري ڇڏيو. ڇو جو منهنجي من جي مُراد هئي سي. ايس پي ٿيڻ ۽ ان جو امتحان به هِڪ ڏينهن اڳ ڏنو هو. سو مان به نه ڪئي هم نه تم ۽ من جي مراد پوري ڪرڻ لاءِ اسٽريچر تي سمهي پيس.
هنن منهنجي جسم مان هڪ ٿيلهي رت جي ڪڍي. ان دوران هو پاڻ ۾ سس پس ڪري رهيا هئا. هنن منهنجي جسم مان ٻي به رت جي ٿيلهي ڪڍي. منهنجون اکيون ڦوٽارجي ويون ۽ نڪ جو ناسون ڦوڪجي ويون. هنن جي سس پس مان ڪجهه جملا مون ٻُڌي ورتا. هو هڪٻئي کي چئي رهيا هئا واهه جو هَٽو ڪَٽو نوجوان هَٿِ لڳي ويو آهي. هن جي جسم مان ٽي چار رت جون ٿيلهيون ته ڪڍنداسين، جنهن کي پوءِ وِڪڻي سٺا پئسا ڪمائينداسين. مان هنن جي حَرامپائي سمجهي ويس. هي ته ڪي وڏا ٺڳ ۽ فراڊي آهن، جيڪي اٻوجهه ماڻهن جو ٿيليسيميا جي نالي تي رت ڪڍي کپائي رهيا آهن. تيستائين منهنجي جسم مان ٽِين رت جي ٿيلهي ڪڍي رهيا هئا. مان سرنج ڪڍي ڦٽي ڪئي. جنهن تي هنن چيو “بس هڪڙو منٽ ليٽيا پيا هجو ته رت جي ٿيلهي ڪڍي وٺون ته توهان کي اُٿاريون ٿا، توهان کي هن ڀلي ۽ خيراتي ڪم تي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ملندو. مان هنن سان مزاحمت ڪري هنن مان مس جان ڇڏائي. هي ته هاڻي ئي مون کي جنت الفردوس ۾ موڪلي رهيا هيا…”
جسم مان گهڻي رت نڪرڻ جي ڪري مان صفا هيڻو ۽ هيڊو ٿي ويس. هڪ اڌ ڪلو ميٽر پنڌ ڪندو رهيس. رستي ۾ هڪ پوليس جي موبائيل ڪِراس ڪيو. هڪ دل چيو ته پوليس جي موبائيل کي روڪي هنن کي سڄي وارتا بيان ڪري ٻُڌايان ته “عبدالله شاهه جي ڀرسان چيئرٽي بلڊ بئنڪ جي نالي تي لڳل ميڊيڪل ڪيمپ وارا وحشي دَرندا آهن”، پر پوليس وارا پاڻ ڪهڙا کير جا ڌوتل آهن. ان ڀوَ وري منهنجي ذهن کي ئي مَٽائي ڇڏيو. مان ڳالهه کي ٺَهيو اَڻَ ٺهيو ڪري ڇڏيو…
مان هڪ عجيب خوفَ ۽ ڪشمڪش ۾ هلندو رهيس. ڇهن مهينن کان به ٽائيم گهڻو ٿي ويو هو جو مان ٻاهر شهر گهمڻ لاءِ نه نڪتو هئس. ذهن ۾ عجيب سوچون گردش ڪري رهيون هيون. رستي ۾ رڪشا وارن کي ۽ ڪار وارن کي هٿ ڏيندو رهيس، پر ڪوبه ڪونه بيهي رهيو هو. آخرڪار، هڪ ٽوڊي ڪارِ بيٺي…! مان ان ۾ اندر ويٺس …! ڇا ڏسان ته هڪ خوبصورت ليڊي ڪار ڊرائيوِ ڪري رهي آهي. مان سڄي ڪار جو هڪ نظر ۾ جائزو وٺي ويس. ڪار ۾ صرف هوءَ اڪيلي ئي ليڊي هئي. مان ان کي چيو “مون کي اعظم ٽائون وڃڻو آهي؟”
هُن چيو اوڪي! مان توهان کي اوڏانهن ڊراپ ڪيان ٿي، پر توهان مون کي ٻڌايو ته توهان ايڏا گهٻرائيل گهٻرائيل ڇو آهيو..
مان منهن تي ڦِڪي کِلَ کِلي نَٽائي ويس ته مان گهٻرائيل نه آهيان.
هُن چيو اِٽس اوڪي…
اهو چئي ڪري هن خوبصورت ليڊيءَ چيو مون کي عجيب سِميل ٿي اَچي. جيڪڏهن توهان مائينڊ نه ڪيو ته گاڏيءَ ۾ اِسپري ڪيان. مان چيو ٺيڪ آهي. توهان ڀلي اسپري ڪيو. هن اسپري ڪڍي سِڌو منهنجي منهن ۾ هنيو… مان بيهوش ٿي ويس.
جڏهن مون کي هوش آيو تڏهن مان ڪراچيءَ کان ٻاهر هڪڙي فارم هائوس ۾ موجود هئس. سڄو جسم رت هاڻو لڳو پيو هو. مون کي ڪنهن جي اچڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو . مان مَڪَر ڪري وري بيهوش ٿي ويس. ٻه ڄڻا منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيا جن کي هٿن ۾ سرجري ڪرڻ واريون سزرس هيون. هنن به ايئن ئي سمجهيو ته مان بيهوش آهيان. ٻئي پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ته هن نوجوان جو هڪ گردو ته ڪڍيو آهي. باقي هڪ ڦڦڙ ڪڍونس ته جيئن انهن آرگنس جي ٽريفڪنگ ڪري دُبئي موڪلي جام پئسا حاصل ڪري سگهون. ڪجهه سامان هنن کان ٻاهر رهجي ويو هو جنهن جي ڪري هو ٻَئي ٻاهر هليا ويا. هو جيئن ئي ٻاهر ويا. مان تڪڙ ۾ اُٿي در بند ڪري ڇڏيو. ڪمري ۾ هڪ وڏي چادر پئي هئي ان کي ويڙهي نوڙُ ٺاهيو. ايگزاسٽر فين کي ڀڃي ٻاهر اُڇلايو. چادر واري نوڙ کي ڪمري ۾ موجود ڪرسيءَ سان ڇِڪي ٻَڌو ۽ نوڙَ کي ايگزاسٽر فين واري جاري مان ٻاهر ڦٽي ڪيو. جاري مان نِڪري نوڙ ۾ هٿ وجهي مان هيٺ لهي ويس. جسم مان رت وهي رهيو هو. هڪ گردو نڪتل هو جنهن جي مٿان نوان ٽانڪا لڳل هئا. مان هلندو رهيس ۽ سوچيندو رهيس ته ڇَهن مهينن ۾ ملڪ جا حالات اهڙا خراب ٿي ويا آهن ڇا؟ يا مان ٻاهر عام دنيا ۾ هاڻي نڪتو آهيان؟ يا مون سان ڪجهه هي خاص قسم جي وارتا ٿي رهي آهي. منهنجي جسم تي رت هاڻا ڦاٽل ڪپڙا پهريل هئا باقي مون وٽ ٻيو ڪجهه به نه هو. جو مان ڪنهن سان ڪانٽيڪٽ ڪيان؟ متان هو منهنجي ڪڍ اچن مان تڪڙو تڪڙو انڊس هاءِ وي طرف هلندو رهيس. هاءِ وي تي هڪ ٻارهن وهيلر گڊز سامان سا ڀريل ٽرالر بيٺو هو. مان هيڏانهن هوڏانهن جو جائزو ورتو. ڏِسان ته ڊرائيور ۽ هڪ ٻيو همراهه پيشاب ڪرڻ لاءِ هيٺ ويٺا ها. مان انهن کان چوريءَ ٽرالر تي چڙهي سامان ۾ لِڪي ويس. ٽرالر جو ڊرائيور ۽ ٻيو همراهه ٽرالر تي چڙهي ويٺا. ٽرالر هليو ته مان ٽيڏي اک سان پوئتي ڏٺو ته ڪجهه همراهه هاءِ وي تي چڙهيا، پر مان انهن جي ريچِ کان پري ٿي ويس..!
ايئن رات جي وڳڙي ۾ ڪراچيءَ کان گڊس سان ڀريل ٻارنهن وهيلر تي حيدرآباد روانو ٿِيسِ. ذهن ۾ عجيب سوال ڪيميرا جي فليش وانگر اُڏريا پئي. جسم مان گهڻي رت وهڻ ۽ گردو نڪرڻ جي ڪري ساڻائي ٿي رهي هئي. اسر جي اذان ڪنن تي پوڻ وقت حيدرآباد ٽول پلازا پهچڻ کان ٿورو پوئتي هڪ هوٽل تي ڊرائيور وهيلر روڪيو…! مون سمجهيو شايد ڊرائيور صبح جي نماز پڙهندو، پر ڊرائيور ۽ ان جو ساٿي هوٽل جي بيري سان ڪجهه ڳالهائي هوٽل ۾ موجود صندلن تي چِيلهه ڊِگهي ڪري سُمهي پيا. ٿي سگهي ٿو بيري کي چانهه جو آرڊر ڏئي ان جو انتظار ڪري رهيا هجن.
صبح جي وقت هجي مون کي به پيشاب کڻي اچي تنگ ڪيو. مان وهيلر تان لهي روڊ کان ٿورو هيٺ لهي ديويءَ جي وڻن هيٺان پيشاب ڪرڻ لڳس. مان جيئن ئي پيشاب لاءِ هيٺ ويٺس ته ٺڪائن جا آوازَ ٻڌڻ ۾ آيا. وٺ… وٺ… وٺوس… مان به ڊَپَ ۾ کڻي ٿورو روڊ کان هيٺ لهي ويس ته مٿان قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيءَ جا اهلڪار منهنجي مٿان اچي ڪڙڪيا، جيڪي مون کي ڳالهائڻ ئي نه پيا ڏِينِ. هَٿ مٿي ڪر..! تون عليحدگي پسند دهشتگرد آهين… مان اڃان ڳالهائڻ جي ڪيان پيو ته هنن منهنجي واتَ تي پٽي ٻڌي ۽ هٿن کي پويان ڇِڪي ٻَڌَن. ٻن ٽن اهلڪارن کڻي مون کي ويگو گاڏيءَ ۾ بالَ وانگر ڦِٽي ڪيو.
مون کي چار باءِ چار فوٽ ڪمري ۾ رکيو ويو، جتي مان ڄنگهون به سڌيون ڪونه پئي ڪري سگهيس. مان ته پنهنجي قسمت تي پشيمان ۽ روئي رهيو هئس ته مان سمنڊ تي گهمڻ ويس ڇو؟ رات جو هڪ ماڻهو آيو جنهن کي ٻيا اهلڪار سَرِ سَرِ ڪري مخاطب ٿي رهيا هئا. منهنجون اکيون زور سان پٽيءَ سان ٻڌل هيون. مون کي هيٺ ڌرتيءَ تي ويهاريو ويو هو. جنهن ماڻهوءَ کي هو سر سر ڪوٺي رهيا هئا اهو منهنجي سامهون رکيل ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. هن انٽراگيشن شروع ڪيو…
توھان جو ڪهڙي عليحدگي پسند تحريڪ سان واسطو آهي؟
سر منهنجو ڪنهن به عليحدگي پسند تنظيم سان ڪوبه واسطو ناهي. مان ڪراچيءَ ۾ سي ايس ايس جي تياري ڪندو آهيان. سي ايس ايس جي تياري ڪرڻ لاءِ پاڻ کي انڊر گرائونڊ ڪري ڇڏيندو آهيان، جنهن جي ڪري دوست مون کي مسنگ پرسن چوندا آهن.
ڏس تون پاڻ ئي چوين ٿو ته تون انڊر گرائونڊ ٿي ويندو آهين. پاڻ کي لاپتا ڪري دهشتگرديءَ جون وارداتون ٿو ڪرين…! تنهنجي جسماني بيهڪ به ٻڌائي ٿي ته تون ڪنهن انڊر گرائونڊ تنظيم جو ڪارڪن آهين. هاڻي توهان جو ڇا پلان آهي ۽ هاڻي حيدرآباد ۾ ڪهڙي علائقي ۾ دهشتگردي ڪندئو؟
سر پليز ٽرسٽ مي! آءِ ايم ناٽ اَ سيپريٽسٽ آر ٽيررسٽ! سر مون تي اعتبار ڪيو مان عليحدگي پسند ناهيان ۽ آخري ڀيرو مان سمنڊ تي گهمڻ ويو هئس ۽ ان کانپوءِ جيڪا مون سان ويڌن ٿي آهي ۽ جنهن جي ڪري مان حيدرآباد جي ڀرسان اچي پهتو آهيان…
بس… ماٺ… انگريزي به سٺي ٿو ڳالهائين! لڳي ٿو ته تون اسرائيل جو ايجنٽ آهين. توھان جو نيڪسٽ ٽارگيٽ حيدرآباد ۾ موجود قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار آهن ڇا…؟ ڏس مون سان سچ ڳالهائي.
نو سر پليز لِسن مي…! سي ايس ايس جي تياري ڪرڻ جي ڪري مان انگريزي سٺي ڳالهائي ويندو آهيان.
تون بڪواس ٿو ڪرين… سي ايس ايس ۽ سمنڊ ڪو توهان جو ڪانفيڊنشل ڪوڊ آهي. تون اسان جي اهلڪارن کان ڀڄندي زخمي حالت ۾ مليو آهين ۽ تو وٽ تنهنجي سڃاڻپ لاءِ ڪجهه به ڪونهي…؟
ٽرسٽ مِي سر! مان سي ايس ايس ايساپائرينٽ آهيان. ڪجهه ڏينهن پهريان جيئن ئي سي ايس ايس جا امتحان ختم ٿيا ته مان سمنڊ تي گهمڻ ويس، سمنڊ تان انسانيت ناتي بلڊ ڊونيٽ ڪرڻ لاءِ هڪ چيئرٽي بلڊ بئنڪ ويس جيڪي فراڊي هئا، ان کانپوءِ گڙدن جي ٽريفڪنگ ڪندڙ گروهه وٽ ڦاٿس، پوءِ وهيلر پڪڙي حيدرآباد پهچڻ وارو هئس ته توهان جي وَرِ چڙهي ويو آهيان.
ڪجهه به نه ٿيندئي… ڪلمو پڙهه اڄ توکي ماريندا سين، پر توکي ڪلمو پڙهڻ ايندو آهي.؟ توهان ته ملحد آهيو نه…!
نو سر پليز…
مون تي چنبن ۽ لتن جو وسڪارو ٿي ويو. منهنجا ڪيڪاٽ هجن. وري ساڳي چار باءِ چار فوٽ ڪمري ۾ بند.
دوستن منهنجو نالو مذاق ۾ مِسنگ پَرسن رکيو، پر مان واقعي به مسنگ پرسن ٿي ويس..! ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ سوچي رهيو هئس ته هي مون سان ڇا ٿي رهيو آهي. سمنڊ تي گهمڻ کانپوءِ فراڊي بلڊ بئنڪ وارن جي ڏَٽي ۾ اچي ويس، ان کانپوءِ ٽوڊي گاڏيءَ واري لفٽ ته ايڏي مهانگي پئي جو مان پنهنجو هڪڙو گڙدو به وڃائي ويٺس، وري انهن کان گُسائيندي گُسائيندي وهيلر تي چڙهيس جنهن اچي هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ اُڇليو آهي…! اهو سوچي سوچي ته منهنجو دماغ پيو ڦاٽي… ان ئي سوچ ۾ گم هئس ته هڪ نَقاب پوش عملدار منهنجي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ آيو جنهن مون کي چيو “اڄ توکي مارينداسين، مٿان کان آرڊرز آهن ته ڪجهه دهشتگردن کي ماريو وڃي.” منهنجا ته هوش ئي خطا ٿي ويا.. مان ڏَڪي رهيو هئس…
مان ڀانئيان ٿو هو مون کي ٿاڻو بولا خان جي جابلو علائقي ڏانهن کڻي ويا هئا. هنن مون کي گاڏيءَ مان لاٿو. هنن مان هڪ سرڻن ۽ ڳجهن جا لامارا ڏسي چيو بس ٿورو صبر ڪيو توهان جي کاڌي جو انتظام ٿيڻ وارو آهي. ماڻهو ماريندڙ جَلاد جو ٽِرگر تي هٿ ئي هو ته فون جي رنگ ٽون وڳي..! جنهن کانپوءِ سڀ خاموش ٿي ويا. مون کي واپس گاڏيءَ ۾ وِڌو ويو. وڏي اسر ويل هنن مون کي ڄامشورو جي ريلوي اسٽيشن جي ڀَرسان کيسي ۾ ڪجهه پئسا وِجهي ڦِٽي ڪيو. مون کي ڇو ڪونه مارِيَائون ان آنڌ مانڌ ۾ مان پنڌ ڪندو اچي ڄامشورو ڦاٽڪ تي پهتس. مون کي بک ڏاڍي لڳي هئي. جنهن جي ڪري هڪ هوٽل تي ويٺس مس ته هوٽل جي بيري مون کي ڇڙٻ ڏئي اٿاريو “هل فقير صبح صبح جو اسان کي تنگ نه ڪر، توهان جهڙا فقير صبح جو نرڙ ۾ لڳن ٿا ته پوءِ سڄو ڏينهن اسان جو خراب ٿو گذري.” منهنجي حالت به ڪنهن فقير کان گهٽ ڪونه هئي. ميرا ڪپڙا، وار وڏا اڻڀا ۽ ڏاڙهي سونهاري وڌيل هئي. مان بيري کي سمجهي ويس ته هن مون کي پينو فقير سمجهي تَڙيو آهي. مان هن کي کيسي مان هزار ڪڍي ڏنو ته مان فقير ناهيان هي پئسا وٺ مون کي ناشتو ڪرائي…! هن به سٽ ڏئي پئسا ورتا ۽ پوءِ ناشتو کڻي آيو، متان مان ماني کائي، آئون نه ڪيان… هوٽل ۾ نوجوانن جا ٽولا ويٺا هئا. جيڪي پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي رهيا هئا ۽ اَنڊو پَراٺو کائي عياشي ڪري رهيا هئا. هنن جي ٽهڪن ۾ مون کي رومانس جي خوشبو اچي رهي هئي. ڇو ته هنن جي ڳالهين جو مهور يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ وڏن هيلس وارا سينڊل پائيندڙ ڊيل جيان هلندڙ شاگردياڻيون هيون.
مان جڏهن ناشتو کائي ڍئو ڪيو ته اٿي وڃي هڪ شاگرد کان موبائيل گُهري ته “پليز مون کي هڪڙي ڪال ڪرڻ لاءِ موبائيل فون کپي.”
جنهن تي سڀني شاگردن وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا. هڪڙي شاگرد چيو “هي به ڪو يونيورسٽي جو اڳوڻو سڙيل عاشق ٿو لڳي جنهن کي عشق فقيري ويس ۾ رنگي ڇڏيو آهي.” يار موبائل ڏينس ته ڀلي محبوبا سان ڳالهائي هڪ شاگرد کلندي چيو…
مان موبائل وٺي پنهنجي دوست سان ڳالهايو. “جنهن تي فون تي ڳالهائيندڙ دوست چيو، “اڙي مسنگ پرسن تون ته واقعي به مسنگ پرسن ٿي ويو آهين!”
مان به چيو “ها واقعي…”
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو