مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: منافعي بخش ڪاروبار

Shahzad Sahito ايم.اي (انگلش)، ايم.ايس.سي (سماجيات)، ايم.ايڊ (ايجوڪيشن)، پي ايڇ ڊي (شاگرد).

استاد، محقق، ڪهاڻيڪار، ترجمه نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ھڪ ڏينهن مون ھڪ شادي ڏٺي… پر نه، ان کان بهتر اھو ٿيندو ته مان توھان کي ڪرسمس جي وڻ بابت ڪجهه ٻڌايان. شادي تمام سٺي ھئي ۽ مون کي ڏاڍي وڻي، پر ھڪ ٻيو واقعو ان کان وڌيڪ دلچسپ ھو. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته شاديءَ ۾ شرڪت دوران مون کي ڪرسمس جو وڻ ڪيئن ياد اچي ويو. واقعو ھن ريت آھي، جو اڄ کان صرف پنج سال اڳ، نئين سال جي شام تي، مون کي ٻارن جي ھڪ تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ملي ھئي. ان پارٽيءَ جو ميزبان مشهور ۽ ڪاروباري شخصيت ھو. سندس سڃاڻپ ڪيترن ئي وڏن ماڻهن سان ھئي ۽ مستقبل لاءِ ھن وٽ ڪيترائي منصوبا ھئا، ان ڪري ھيءَ دعوت والدين سان ميل جول، عام ۽ رواجي طرح انهن سان دلچسپ ڳالهيون ونڊڻ جو ھڪ بهانو ھئي. مان ھن محفل ۾ اوپرو ھئس ۽ مون وٽ انهن سان سلڻ لاءِ ڪا خاص ڳالهه به نه ھئي، تنهنڪري مون اھا شام اڪيلي ئي گذاري.
ان محفل ۾ ھڪ ٻيو معزز شخص پڻ موجود ھو. مون کي لڳو پئي تہھ هن جو ان خاندان سان ڪو ويجهو تعلق نه ھو ۽ نه ئي سندس ڪا خاص اھميت پئي نظر آئي. ائين پئي لڳو ته ھو به بلڪل مون وانگر رڳو اتفاق سان ھن دعوت ۾ شريڪ ٿيو ھجي. منهنجي نظر سڀ کان پريان ان تي پئي ھئي. ھو ڊگهو ۽ ڪمزور جسامت وارو وڏو سنجيده شخص ھو، کيس سٺو ۽ سيبتو لباس پهريل ھو، پر ڏسڻ سان ئي ائين پئي لڳو ته کيس ھن قسم جي خانداني محفلن مان لطف وٺڻ ۾ ڪا دلچسپي ناھي. ھو جنهن به وقت ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي پئي ويٺو ته کلڻ بند ڪري پنهنجن ڪارن ڀرونئن ۽ شهپرن کي ٺيڪ ڪرڻ پئي لڳو. ان پارٽيءَ ۾ ميزبان کانسواءِ سندس ڪو سڃاڻو نه ھو. ھو ان محفل ۾ صفا تنگ ٿيندي نظر پئي آيو، پر تنهن ھوندي به ھو زبردستي پاڻ کي خوش ۽ مطمئن ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. مون کي بعد ۾ خبر پئي ته ھي معزز شخص ڪنهن ڏورانهين علائقي مان آيل ھو، جنهن جو پيٽرزبرگ ۾ سنجيده ۽ نازڪ قسم جو ڪو ڪاروباري ڪم ھو. ھو پنهنجي ميزبان لاءِ سفارشي خط کڻي آيو ھو ۽ ميزبان به رڳو لحاظ خاطر سندس خيال ڪري رھيو ھو ۽ ان ئي سبب کيس ٻارن جي ان پارٽيءَ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ھئائين. ھن پتي راند به ڪونه پئي ڪئي، نه ئي کيس سگريٽ ڏنا ويا ۽ سڀ ماڻهو ساڻس ڳالهائڻ کان لنوائي رھيا ھئا. شايد انهن سندس چهري مان ئي کيس سڃاڻي ورتو ھو ته ھو اوپرو شخص آھي. بس ان ڪري ئي ھي معزز شخص پورو وقت پنهنجا شهپر وٽيندو رھيو ته جيئن سندس ھٿ به وندريا پيا ھجن. ھن جا شهپر ڪافي بهتر ھئا. ھن پنهنجن شهپرن کي وڏي چاھہ مان ائين پئي وٽيو، جيئن ڏسندڙن کي ائين لڳي ڄڻ ته سندس شهپر اڄ وجود ۾ آيا ھجن ۽ ھن کي بعد ۾ انهن سان ان سبب ڪري چنبڙايو ويو ھو ته جيئن ھو انهن کي سنواريندو رھي.
ھن معزز شخص کان علاوه اسان جي ميزبان جي گهريلو تقريب ۾ ساڳي نموني ھڪ ٻيو ماڻهو به شامل ٿيو ھو. هن سان سندس ٿلها متارا، بهتر نموني پاليل پنج پٽ ھئا. ھن محفل ۾ مون کي ھڪ ٻئي شخص به تمام گهڻو متاثر ڪيو، پر ھو بلڪل مختلف قسم جو شخص ھو. ھو واقعي ئي ھڪ وڏي “شخصيت” پئي لڳو. سندس نالو يوليان ماسٽاڪووچ ھو. پهرين نظر ۾ ئي معلوم پئي ٿيو ته ھو معزز مهمان آھي ۽ ھن جو ميزبان سان سندس اھوئي تعلق ھو، جهڙو ميزبان جو ان شهپرن سنوارڻ واري معزز مهمان سان ھو. اسان جو ميزبان ۽ سندس زال ان شخص سان بيحد ادب سان پيش اچي رھيا ھئا، سندس خدمت لاءِ اڀي پير بيٺا ھئا، کيس پيئڻ لاءِ زور ڀري رھيا ھئا، ھن جي ھيٺانهين ڪري رھيا ھئا، کيس ٻين وٽ وٺي وڃي تعارف ڪرائڻ بدران، مهمانن کي ھن وٽ وٺي اچي ساڻس تعارف ڪرائي رھيا ھئا. مون کي نظر پئي آيو تہه جنهن به وقت ان شخص پارٽيءَ بابت چيو پئي، “مان اھڙيون شاندار محفلون تمام گهٽ ئي ڏٺيون آھن.” ته ميزبان جي اکين ۾ خوشيءَ جي لهر پئي نظر آئي. مون اھڙي وڏي شخصيت جي موجودگيءَ ۾ ڄڻ ته ٿورو خوف محسوس پئي ڪيو، ان ڪري ٻارن جي ٿورڙي تعريف ڪرڻ کانپوءِ، مان چپ ڪري ھڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ويس، جيڪو پورو خالي ھو ۽ اتي گلن جي ھڪڙي محراب نما سجاوٽ ۾ ويهي رهيس، جنهن سان اڌ ڪمرو ڀريل ھو.
ٻار سڀئي بيحد سهڻا ھئا ۽ سندن مائرن يا سنڀاليندڙن جي بيحد نصيحتن جي باوجود وڏن وانگر سنجيده رھڻ بدران شرارتون ڪري رھيا ھئا. ھنن اک ڇنڀ ۾ ڪرسمس ٽري ۾ رکيل مٺائي کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو ۽ اھو ڄاڻڻ کان اڳ ته ڪهڙو رانديڪو ڪنهن جي حصي ۾ ايندو، اڌ کان مٿي رانديڪا ٽوڙي ڇڏيا. خاص طور تي ھڪ ٻار جنهن جون اکيون ڪاريون ۽ وار گهنڊيدار ھئا، سو ڏاڍو وڻندڙ ھو ۽ ھو ھر ھر مون کي ڪاٺ جي بندوق سان گولي ھڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، پر منهنجو ڌيان ھن کان به وڌيڪ سندس ڀيڻ تي ھو. ھن جي عمر يارھن ورهيه کن ھئي. ھوءَ خاموش، گم سُم ۽ سندس منهن لٿل، وڏيون خماريل اکيون، بلڪل محبت جي ديوتا جهڙي لڳي رھي ھئي. ٻيا ٻار کيس تنگ ڪري رھيا ھئا، تنهنڪري ھوءَ اتان کان پاسو ڪندي ان ساڳئي خالي ڪمري جي ڪنڊ ۾ اچي پنهنجي گڏيءَ سان راند ڪرڻ لڳي، جنهن ۾ مان ويٺو ھئس.
آيل مهمانن وڏي احترام سان سندس پيءُ سان مخاطب ٿي رھيا ھئا، جيڪو ھڪ امير ٺيڪيدار ھو ۽ ڪنهن شخص ٻئي کي ڪن ۾ ٻڌايو تہه ڇوڪريءَ جي پيءُ پنهنجي ڌيءَ جي ڏاج لاءِ ٽي لک روبل ھاڻي کان ئي رکي ڇڏيا آھن. مون ان ٽولي ڏانهن مُڙي ڏٺو، جيڪي اھڙي قسم جي ڳالهين ۾ دلچسپي وٺي رھيا ھئا ۽ اتي ئي منهنجي نظر يوليان ماسٽاڪووچ تي پئي، جيڪو پنهنجا ھٿ چيلهه تي پويان ٻڌي، ڪنڌ ٽيڙو ڪري، وڏي ڌيان سان سندن بيڪار ڳالهيون ٻڌي رھيو ھو.
ان کانپوءِ ميزبان ۽ سندس زال جي طرفان ٻارن ۾ رانديڪن جي ورھاست ۾ “امتيازي سلوڪ” ڪرڻ تي تعريف ڪرڻ کان رھي نه سگهيس. اها ڇوڪري، جنهن لاءِ سندس والد ٽي لک روبل ڏاج طور رکيو ھو، ان کي سڀ کان مهاَنگي گڏي ملي وئي.
تنهن کانپوءِ ان محفل ۾ مزو ماڻيندڙ ٻارن جي والدين جي حيثيت مطابق تحفا آھستي آھستي سستا ۽ سادا ٿيندا ٿي ويا. آخر ۾، ھڪ سنهڙي، چهري تي داغن ۽ ڳاڙھن وارن وارو ڏھن سالن جو ٻار (جيڪو حيثيت ۾ سڀ کان گهٽ ھو.) کي قدرت جي عجوبن بابت ڪهاڻين واري ڪتاب ۽ لڙڪن کانسواءِ ڪجهه ڪونه مليو. جنهن ۾ نه ڪي تصويرون ھيون، نه ئي وري ڪا ڊزائين. ھو ستايل ۽ ڊنل ڇوڪرو ھڪ غريب بيواهہ جو پٽ ھو، جيڪا ان ئي گهر جي ٻارن جي سارسنڀال ڪندڙ ھئي. ھن کي سستي ۽ ننڍي چيني جيڪيٽ پاتل ھئي. ڪتاب وٺڻ کان پوءِ ھو ڪافي وقت تائين ٻين رانديڪن جي اردگرد چڪر ھڻندو رھيو. سندس دل پئي گهريو ته ھو به ٻين ٻارن سان کيڏي، پر ھو ھمت نہه ڪري سگهيو. اھو ته واضح ھو ته کيس پنهنجي اوقات جي اڳ ئي خبر ھئي.
مان ٻارن کي ڏسڻ پسند ڪندو آھيان. سندن زندگيءَ ڏانهن شروعاتي آزاد قدم ڏاڍا دلچسپ ٿيندا آھن. مون ڏٺو ته ڳاڙھن وارن واري ڇوڪري کي ٻين ٻارن جي قيمتي رانديڪن جي تمام گهڻي ڇڪ ھئي، خاص طور تي ان راند کان گهڻو متاثر ٿيو، جنهن ۾ ھن پاڻ حصو وٺڻ پئي چاھيو. آخرڪار ھن پنهنجي وقار ۽ عزت کي قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ھو ٿورو مُسڪرائي وڃي ٻارن سان کيڏڻ لڳو. ھن پنهنجو صوف ھڪ ٿلهي منهن واري ڇوڪري کي ڏئي ڇڏيو، جنهن کي اڳ ۾ ئي ھٿ واري رومال ۾ ڪافي تحفا ويڙھيل ھئا. راند مان نيڪاليءَ جي خوف کان، ھو پنهنجي پٺيءَ تي ٻين ٻارن کي کڻي پئي گهميو، پر ٿوري دير ۾ ھڪ بدتميز ڇوڪري کيس زور سان ڌڪ ڏنو. ڇوڪرو دانهن ڪرڻ جي به ھمت ساري نه سگهيو. پوءِ سندس ماءُ، جيڪا ان ئي گهر جي سارسنڀال ڪندي ھئي، اچي کيس چيو، “ٻارن جي راند خراب نه ڪر.” ان کانپوءِ ڇوڪرو ان ئي ڪمري ۾ آيو، جتي اها ننڍڙي ڇوڪري ويٺي ھئي. ان ڇوڪريءَ کيس پاڻ وٽ ويهڻ ڏنو ۽ ٻئي گڏجي وڏي شوق سان ان مهانگي گڏيءَ کي سينگارڻ لڳا.
مان اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ گلن جي محراب ۾ ويٺو رھيس، مان ڳاڙھن وارن واري ڇوڪري ۽ ٽي لک روبل واري ڇوڪريءَ جي ڪچهري ٻڌي رھيو ھئس، جيڪا گڏيءَ سان کيڏي رھي ھئي. اوچتو يوليان ماسٽاڪووچ ڪمري ۾ داخل ٿيو. ھو ٻارن جي جهيڙي کانپوءِ پيدا ٿيل ھل ھنگامي جو فائدو وٺندي ڊرائنگ روم مان ٻاهر نڪري آيو ھو. مون کيس ٿوري دير اڳ وڏي پيار سان مستقبل ۾ ٽي لک روبل جي ٿيڻ واري وارث ڇوڪريءَ جي پيءُ سان ھڪ نوڪريءَ جي ٻي نوڪري مٿان برتري بابت ڳالهائيندي ڏٺو ھو، جنهن سان ھن جي ٿوري دير اڳ واقفيت ٿي ھئي. ھاڻي ھو ڪمري ۾ ٿورو پريشان بيٺو ھو ۽ لڳو پئي ته ھو آڱرين تي حساب ڪري رھيو ھو.
“ٽي لک… ٽي لک،” ھو چپن ۾ چوندو رھيو. “يارھن… ٻارھن… تيرھن… چوڏھن… پندرھن … ۽ سورهن… پنج سال! ڀلا فرض ڪريون ته چار سيڪڙو تي… پنج ٻارھو سٺ ٿيندا؛ ھائو، ان سٺ سان… ڀلا پنجن سالن ۾ لڳ ڀڳ چار لک ٿي ويندا. صحيح!… پر اھو ماڻهو چار سيڪڙو تي ئي ڪونه رڪجندو، اهو ته چالاڪ آھي. ھو اٺ يا ڏھہ وٺي سگهي ٿو. ڀلا، پنج لک، گهٽ ۾ گهٽ پنج لک… اھا پڪ آھي؛ ڀلا ٿورو وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو… ھممم…!”
ھاڻي سندس هٻڪڻ ختم ٿي چڪو ھو. ھن نڪ صاف ڪيو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ وارو ئي ھو، جو اوچتو ننڍڙي ڇوڪريءَ تي نظر وجهندي بيهي رھيو. ھن مون کي نه ڏٺو، ڇو ته مان گلن جي پويان ويٺو ھئس. مون کي لڳو ته ھو وڏي حيرت ۽ جوش ۾ ھو. شايد حساب ڪتاب سندس دماغ تي طاري ٿي ويو ھو يا وري ڪا ٻي ڳالهه ھئي، ڇو ته ھو هٿ مهٽڻ لڳو ۽ مشڪل سان ئي خاموش رھيو. جڏھن ھن مستقبل جي ٽي لک روبل جي مالڪياڻي تي بامقصد نظر وڌي ته ھن جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رھي. ھو اڳتي وڌڻ وارو ھو، پر پهريان ھن ھيڏانهن، ھوڏانهن ڏٺو، پوءِ ڏوھارين وانگرآھستي آھستي ٻارن ڏانهن اڳتي وڌيو. ٿورو مسڪرائيندي، جهڪي، ان ڇوڪريءَ جي مٿي تي چمي ڏني. ڇوڪري، پاڻ تي اھڙي حملي کان بي خبر ھئي، ان ڪري ڊپ مان رڙ نڪري ويس.
“تون ھتي ڇا پئي ڪرين، پياري ڇوڪري؟” ھن اوسي پاسي نهاريندي، ڇوڪريءَ جي ڳٽي تي ٿپڪي ڏيندي سندس ڪن ۾ سس پس ڪندي چيو.
“اسان کيڏي رھيا آھيون.”
“اڙي…! ھن سان؟” يوليان ماسٽاڪووچ اک ٽيٽ ڪري ڳاڙھن وارن واري ڇوڪري ڏانهن ڏٺو. “منهنجا پيارا، تو لاءِ بهتر آھي ته تون ڊرائنگ روم ۾ وڃي ٻارن سان راند ڪر.” ھن ان غريب ڇوڪري کي چيو.
ڇوڪري اکيون ڦوٽاري کيس ڏٺو، پر خاموش رهي . يوليان ماسٽاڪووچ ان ٻار کي ھيٺ کان مٿي تائين ڏٺو ۽ وري جهڪي ننڍڙي ڇوڪري ڏانهن متوجهه ٿيو.
“۽ ھي توکي ڇا مليو آھي، منهنجي پياري… گڏي؟” ھن پڇيو. “ها، گڏي.” ڇوڪريءَ ٿوري ڪاوڙ ۾ ۽ ٿورو شرمائيندي جواب ڏنو.
“اڇا… گڏي. پياري! ڇا توکي خبر آھي ته اھا ڇا مان ٺهيل آھي؟”
“مون کي خبر ناھي…” ڇوڪريءَ ڪنڌ جهڪائي آھستي جواب ڏنو.
“منهنجي مٺڙي! اها گڏي تہه پراڻين ليڙن مان ٺهيل آھي… ۽ تون ڇوڪرا، ڊرائنگ روم ۾ وڃي پنهنجي دوستن سان ڇو نٿو وڃي کيڏين،” يوليان ماسٽاڪووچ ڳاڙھن وارن واري ڇوڪري کي ڪاوڙ مان ڏسي چيو. ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ ٻنهي منهن گهنجايو ۽ هڪٻئي جو ھٿ زور سان پڪڙيو. ٻنهي نه پئي چاھيو ته ھو الڳ ٿين.
“۽ توکي خبر آھي، ته توکي اھا گڏي ڇو ڏني وئي آھي؟” يوليان ماسٽاڪووچ اڃان به وڌيڪ نرم لهجي ۾ پڇيو.
“مون کي خبر ناھي.”
“ڇاڪاڻ ته تون ھي پورو ھفتو سٺي نموني ۽ فرمانبرداريءَ سان پيش آئي آھين.”
ھاڻي يوليان ماسٽاڪووچ پهريان کان وڌيڪ پرجوش ٿي، تمام نرمي ۽ پيار ڀريي لهجي ۾، آخرڪار ڪنڌ جهڪائي بلڪل آھستي ۽ بي صبريءَ ۽ چاھت ڀريل لهجي ۾ ڇوڪريءَ کان پڇيو، “منهنجي پياري! ته ڇا توکي سٺو لڳندو، جيڪڏھن مان تنهنجي بابا ۽ امان سان ملڻ اچان؟”
ائين چوندي يوليان ماسٽاڪووچ ٻيهر ننڍڙي ڇوڪري کي چمڻ لاءِ جهڪيو، پر ڳاڙھن وارن واري ڇوڪري ڏٺو ته ڇوڪري روئڻ واري آھي، تنهنڪري ھن سندس ھٿ پڪڙيو ۽ ساڻس گڏ همدردي ڏيکارڻ لڳو. يوليان ماسٽاڪووچ ھن ڀيري واقعي ۾ ڪاوڙجي پيو.
“هليو وڃ! هليو وڃ ھتان! ٻاهر نڪري وڃ! ھن ڇوڪري کي ڪاوڙ مان چيو، “ڊرائنگ روم ۾ وڃي پنهنجن دوستن سان کيڏ!”
“نه، ھن کي ناھي وڃڻو! ھن کي وڃڻ جي ضرورت ناھي! تون ھتان ھليو وڃ!” ڇوڪريءَ چيو، “ھن کي ڪجهه نه چئو، ڇڏي ڏي ھن کي!” ھن لڳ ڀڳ روئيندي چيو.
اوچتو در وٽ آواز آيو. يوليان ماسٽاڪووچ هڪدم ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ ٿورو ڊڄي ويو، پر ڳاڙھن وارن وارو ڇوڪرو يوليان ماسٽاڪووچ کان به وڌيڪ ڊڄي ويو. هو ننڍڙي ڇوڪريءَ کي ڇڏي، ڀت سان لڳي لڪندي، چپ چاپ ڪمري مان نڪري ڊائننگ روم ڏانهن ھليو ويو.
شڪ شبهي کان بچڻ خاطر، يوليان ماسٽاڪووچ به ڊائننگ روم ۾ ھليو ويو. هو گانگٽ وانگر ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ڄڻ ته ھو پنهنجي پاڻ کان ئي شرمندو ٿي پيو ھجي. شايد ھو پنهنجي بي صبري ۽ تڪڙ تي پاڻ کان ڪاوڙيل ھو. ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي حساب ڪتاب ۽ انهن مان پيدا ٿيل خيالن مان تمام گهڻو متاثر ٿيو ھجي، جو ھو پنهنجي سنجيدگيءَ ۽ وقار جي باوجود ٻارن وانگر ورتاءَ ڪرڻ جو فيصلو ڪري سڌو سنئون پنهنجي اصل مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، پر جڏھن ته سندس اھو مقصد ايندڙ پنجن سالن تائين پورو ٿيڻ ممڪن ئي نه ھو. مان به ان معزز شخص جي پويان ڊائننگ روم ۾ ويس ۽ اتي مون حيرت انگيز منظر ڏٺو. يوليان ماسٽاڪووچ ڪاوڙ ۽ ساڙ ۾ ڳاڙھو ٿيل، ان ڳاڙھن وارن واري ڇوڪري کي ڊيڄاري رھيو ھو، جيڪو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، پر کيس خبر ڪونه پئي ته ان صورتحال ۾ ڪيڏانهن وڃي.
“هليو وڃ! هتي ڇا ٿو ڪرين؟ هليو وڃ، حرامي! تون ميوي لاءِ آيو آهين نه؟ ھليو وڃ، حرڪتي ڇورا! هليو وڃ، روئڻا ڪنهن جاءِ جا، وڃ پنهنجن سنگتين ڏانهن!”
خوف ورتل ٻار، پريشانيءَ مان ڊڄي، ميز جي ھيٺان ھليو ويو. ان وقت سندس مٿان ظلم ڪرڻ وارو جابر اچي پٺيان نڪتو ۽ ڪاٽن جو ھٿ وارو رومال ميز ھيٺان خاموش ويٺل ٻار کي ھڻڻ لڳو. ڇوڪرو پوءِ به چپ ڪري ويٺو رھيو. يوليان ماسٽاڪووچ ٿلهو نظر اچي رھيو ھو. ھن جو چهرو چمڪدار ۽ ڳاڙھو، مضبوط جسامت، پيٽ نڪتل ۽ ٽنگن تي ماس چڙھيل ھئس. اھڙي ماڻهوءَ کي عام زبان ۾ “سٺي جسامت وارو مرد” چيو ويندو آھي. ھڪ اخروٽ وانگر گول مٽول… ھو پگهر ۾شل، ساهہ کڻڻ کان لاچار ۽ ڪاوڙ ۾ لال ٿي چڪو ھو. آخرڪار ھو ھيٺ جهڪي ڪونه پئي سگهيو. ڪنهن کي ڪهڙ خبر ته کيس ڪاوڙ کان وڌيڪ ساڙ ٿي رھيو ھو.
اھو منظر ڏسي مون کان ٽهڪ نڪري ويا. يوليان ماسٽاڪووچ مڙي مون ڏانهن ڏٺو. ۽ پنهنجي پوري وقار جي باوجود، حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ ۾ ورتل ھو. بس ان وقت سامهون واري دروازي مان اسان جو ميزبان اندر داخل ٿيو. ڇوڪرو ميز ھيٺان نڪري، پنهنجون ٺونٺيون ۽گوڏا صاف ڪيا. يوليان ماسٽاڪووچ تڪڙ ۾ پنهنجي ھٿ ۾ جهليل رومال نڪ تي رکيو.
اسان جي ميزبان اسان ٽنهي ڏانهن ٿورو حيرت ۾ ڏٺو، پر جيئن ته ھو زندگي ۽ دنيا جي سمجهه رکندڙ شخص ھو، ھڪدم موقعو وٺي پنهنجي مهمان کي پاسي تي وٺي اڪيلائي ۾ ڳالهائڻ لڳو.
“ھي اهوئي ٻار آھي،” ھن ڳاڙھن وارن واري ڇوڪري ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “جنهن لاءِ مون توھان کي مدد ڪرڻ جو عرض ڪيو ھو.”
“ھان …!” يوليان ماسٽاڪووچ، جنهن اڃان پاڻ کي مشڪل سان ئي سنڀاليو ھو، چوڻ لڳو، “منهنجي ٻارن جي سنڀالڻ واريءَ جو پٽ آھي،” ميزبان عرض ڪندي چيو، “۽ اھا نهايت ئي غريب عورت ۽ ايماندار سرڪاري ملازم جي بيواهہ آھي، تنهنڪري… تنهنڪري، يوليان ماسٽاڪووچ، جيڪڏھن ممڪن ٿي سگهي ته…”
“نه نه نه…!” يوليان ماسٽاڪووچ ھڪدم جواب ڏنو، “نه… معاف ڪجو، فيليپ اليڪسيوِچ اھو ته بلڪل ممڪن نه آھي. مون پڇا ڳاڇا ڪئي آھي، جاءِ خالي ئي ڪونهي ۽ جيڪڏھن جاءِ ھجي به ته ان کان وڌيڪ حقدار ٻيا ويهه اميدوار آھن. مون کي معاف ڪجو، مان ائين ڪونه ٿو ڪري سگهان.”
“سائين مهرباني ڪريو،” ميزبان چيو، “ھو سٺو، سلڇڻو ۽ فرمانبردار ڇوڪرو آھي.”
“مان محسوس ڪيو آھي ته ھي نهايت ئي شيطان قسم جو ٻار آھي،” يوليان واڇ ٽيڙي ڪري مسڪرائيندي چيو، “او ڇوڪرا! ھل ھتان… ھتي ائين ڇو بيٺو آهين؟ پنهنجي سنگتين سان وڃي کيڏ!”
ان لمحي، ھو پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ مون ڏانهن ڪنڌ ٽيڙو ڪري ڏسڻ لڳو، مان به پاڻ کي روڪي نه سگهيس، سڌو سنئون سندس چهري ڏانهن ڏسي کلڻ لڳس. يوليان ماسٽاڪووچ ھڪدم منهن ٻئي پاسي ڪري ورتو ۽ ھلڪي آواز ۾ پڇڻ لڳو ته اھو اجنبي شخص ڪير آھي؟ پر اھو آواز منهنجي ڪن تائين آرام سان پهچي ويو. ھو ٻئي سس پس ڪندي ڪمري مان ٻاھر نڪري ويا. مون بعد ۾ ڏٺو ته يوليان ماسٽاڪووچ ميزبان جون ڳالهيون ٻڌي انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي رھيو ھو.
مان دل تي کلڻ کانپوءِ واپس ويهڻ واري ڪمري ۾ ھليو ويس. اتي اھو وڏو ماڻهو، ٻارن جي مائرن ۽ پيئرن جي گهيري ۾، ميزبان ۽ سندس زال سميت، ھڪ عورت سان بي تڪلف ٿي ڳالهائي رھيو ھو، جنهن سان ٿوري دير اڳ ئي سندس تعارف ٿيو ھو. اها عورت ان ئي ننڍڙي ڇوڪريءَ کي ھٿ کان جهلي بيٺي ھئي، جنهن سان يوليان ماسٽاڪووچ جو ٿوري دير اڳ ان ننڍي گلن واري ڪمري ۾ واقعو پيش آيو ھو. ھاڻي ھو ان دلڪش ڇوڪريءَ جي حسن، قابليت، نفاست ۽ خوش مزاجيءَ جي تعريف ڪندي بيحد خوشيءَ جو اظهار ڪري رھيو ھو ۽ نظر ٿي آيو ته ھو ان ڇوڪريءَ جي ماءُ سان ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ان شخص جي واتان تعريف ٻڌي خوشيءَ مان ماءُ جون اکيون ڀرجي آيون ۽ پيءُ جي چهري تي مرڪ اچي وئي. ميزبان سڀني کي مطمئن ڏسي خوش نظر پئي آيو. دراصل سڀئي مهمان ان پارٽيءَ مان مطمئن ھئا. ٻارن جون رانديون پڻ اھڙي نموني رٿيون ويون ھيون، جيئن وڏن جي ڪچهرين ۾ خلل نه پوي. سڄي ماحول ۾ ھڪٻئي لاءِ احترام ڇانيل ھو. مون بعد ۾ ٻڌو ته ان پياري ڇوڪريءَ جي ماءُ بيحد متاثر ٿي، وڏي احتياط سان يوليان ماسٽاڪووچ کي عرض ڪيو ته کيس ۽ سندس مڙس کي سندس دوستيءَ جو اعزاز نصيب ٿئي ۽ مون ڏٺو ته يوليان ماسٽاڪووچ ڪيتري نه خوشيءَ سان اها دعوت قبول ڪئي. پوءِ، جڏھن مهمان پنهنجي پنهنجي رستي وڃڻ لڳا ته سڀئي هڪٻئي سان ٺيڪيدار، سندس زال، سندن ننڍڙي ڌيءَ بابت ۽ سڀ کان به وڌيڪ يوليان ماسٽاڪووچ بابت ٺٺولي ڪندي تبصرا ڪندا ٿي ويا.
“ڇا اهو وڏو صاحب شادي شده آهي؟” مون ٿورو زور سان پنهنجي هڪ سڃاڻپ واري کان پڇيو، جيڪو يوليان ماسٽاڪووچ جي ويجهو بيٺو هو. يوليان ماسٽاڪووچ مون ڏانهن سنجيده ٿي ڪاوڙ منجهان ڏٺو.
“نه!” منهنجي سڃاڻپ واري جواب ڏنو ۽ بغير موقعي جي ۽ ڄاڻي واڻي منهنجي اھڙي سوال پڇڻ تي ھو شديد پريشان ٿي ويو.
تازو ئي، منهنجو ڪنهن چرچ وٽان لنگهڻ ٿيو. مون کي ماڻهن جي ھجوم کي ائين بگيُن ۾ ڏسي حيرت ٿي. ماڻهو ان شاديءَ بابت ڳالهيون ڪري رھيا ھئا. آسمان تي ڪڪر ڇانيل ھئا ۽ بس برف باري ٿيڻ ئي واري ھئي. مان ميڙ مان لنگهي، اچي دروازي وٽ پهتس ۽ گهوٽ کي ڏٺو. سندس چهرو چمڪدار، جسامت ۾ ٿلهو متارو، گول مٽول، پيٽ نڪتل ۽ کيس نهايت ئي سليقي سان عمده ڪپڙا پهريل ھئا. هو پريشانيءَ مان ھيڏانهن ھوڏانهن ڊوڙي حڪم ڏئي رهيو هو. آخرڪار، ھجوم ۾ ھر طرف ڳالهه ھلي وئي ته ڪنوار پئي اچي.
مان به وڏي وٺ پڪڙ ڪري، ماڻهن کي پوئتي ڌڪيندي اڳتي وڌيس ۽ هڪ انتهائي حسين حور جهڙي ڇوڪريءَ کي ڏٺو. شايد اھا سندس جوڀن جي پهرئين موسم هئي، پر اها سونهن راڻي پنهنجي خيالن ۾ گم ۽ اداس نظر اچي رھي هئي ۽ سندس منهن لٿل ھو. مون کي ته ائين پئي لڳو ڄڻ ته لڳاتار روئڻ جي ڪري سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ھيون. ھن جي چهري جي ھر خدوخال ۾ سمايل پريشاني، سندس سونهن کي هڪ قسم جو وقار ۽ سنجيدگي بخشي رھي ھئي، پر انهيءَ سنجيدگيءَ، وقار ۽ انهيءَ اداسيءَ جي باوجود، سندس چهري مان معصوميت نمايان ھئي ۽ اھا معصوميت، اھا سادگي ۽ اھا جواني، سڀ گڏجي ڄڻ ته رحم لاءِ ليلائي رھيون ھجن.
ماڻهن چيو پئي ته ڪنوار صرف سورھن سالن جي آھي. جڏھن مان گهوٽ ڏانهن غور سان ڏٺو ته مان کيس سڃاڻي ورتو، ھو اهوئي يوليان ماسٽاڪووچ ئي ھو، جنهن کي مون پنجن سال اڳ ڏٺو هو. مون وري ڪنوار تي نظر وڌي. اي منهنجا رب پاڪ! مان جيترو ممڪن ٿي سگهيو پئي ايترو تيز ميڙ کي چيريندي گرجا گهر مان ٻاھر نڪري آيس. مون ميڙ ۾ ماڻهن جي واتان ٻڌو ته اها ڪنوار وڏي مالدار آھي، کيس ھڪ وڏي رقم، پنج لک روبل جو ڏاج طور مليو آھي… ۽ ڪپڙو لٽو ۽ ٻيو قيمتي سامان الڳ سان مليو اٿس.
مان گهٽيءَ ۾ نڪري، دل ۾ سوچيندي چيو، “اهو ته واهه جو ڪاروباري سودو ٿيو!”
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو