ڪهاڻي: جگولو
Akhtar Hafeez تعليمدان، ڪهاڻيڪار، صحافي، مترجم
2023ع ۾ انٽرنيشنل وزيٽرس ليڊر شپ پروگرام ھيٺ صحافي جي حيثيت ۾ آمريڪا جا مختلف ادارا گهمي چڪو آھي. آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان پريس فائونڊيشن پاران فيلوشپ سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪندڙ
اڄ جيسمن سان گهڻن ڏينهن کانپوءِ ملڻ پئي ويس. صبح جا ڏهه پئي ٿيا. مون سندس پسند جي آسماني رنگ واري شرٽ ۽ نيوي بليو جينس پاتي هئي. گاڏيءَ ۾ گانا هلايم ته پهريون گانو “رات ڪا نشه اڀي آنک سي گيا نهين” ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳو. هن کي سدائين مون کان اها شڪايت هوندي آهي ته آئون کيس وقت ڪونه ٿو ڏيان. جڏهن به ملڻ جو ڪو وقت رکندو آهيان ته ڪو نه ڪو ڪيس يا ڏوهه جي واردات رنڊڪ بڻجي ويندي آهي. پوليس انسپيڪٽر هجڻ ڪري آئون ڄڻ چوويهه ڪلاڪ نوڪريءَ تي هوندو آهيان. سرڪاري نوڪريءَ جو ڏانوڻ اهڙو آهي جو ماڻهو ان مان پاڻ ڇڏائي نٿو سگهي. فيبروريءَ جو مهينو شروع ٿي ويو آهي ۽ 14 فيبروريءَ تي ويلنٽائن به آهي. مون کي اهو سڄو ڏينهن هن سان گذارڻو آهي. ان ڪري مون موڪل وٺڻ لاءِ بهانا به سوچي ڇڏيا آهن. اڄ هن سان ان ساڳئي ڪافي شاپ ۾ ملاقات رٿيل هئي، جتي آئون پهريون ڀيرو کيس ڪافي پيارڻ لاءِ وٺي ويو هئس. اسان ٻنهي کِلندي مُرڪندي ۽ خوش ٿيندي ڪجهه گهڙيون گذاريون هيون. جڏهن کان آئون جيسمن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آهيان، تڏهن کان هن سان وقت گذارڻ لاءِ بهانا ڳولهيندو آهيان. شروع وارن ڏينهن ۾ هن سان ملاقاتن جو سلسلو تڪڙو هو، پر پوءِ شهر ۾ وڌندڙ وارداتن، قتل ۽ آپگهات جي واقعن سبب منهنجي ڊيوٽي سخت ٿيندي وئي. ايتري قدر جو ڪيترين راتين تائين مون کي ننڊ به نصيب ڪونه ٿيندي هئي. جيسمن منهنجي زندگيءَ ۾ نه اچي ها، جيڪڏهن ان مشنري اسڪول ۾ چوريءَ جي واردات نه ٿئي، جتي آئون پڙهيو هئس.
گذريل سال مارچ جي مهيني ۾ جڏهن آئون سالن پڄاڻان پنهنجي اسڪول ويو هئس. اسڪول ۾ گهڙندي سڀئي يادون ذهن جي ڪنڊن پاسن مان مِڙي ڄڻ منهنجي سامهون اچي بيهي رهيون هيون. اسڪول جي ڳاڙهه سري عمارت جيئن جو تيئن هئي. ونگون، ڪمرا، در دريون، وڻ، گل ٻوٽا، ۽ راند جو ميدان، سواءِ چهرن جي هتي ڪجهه ڪونه بدليو هو.
آئون اسڪول جي پرنسپال پاران داخل ڪرايل ليبارٽريءَ مان چوري ٿيل سامان واري رپورٽ لاءِ ملڻ ويو هئس. وڏي ونگ مان ٿي ڪاٺ جون چاڙهيون اڃان مس چڙهڻ وارو هئس ته منهنجي ڪنن تائين هڪ سُريلو آواز پهتو. سندس آواز ۾ ايتري مٺاڻ هئي جو آئون هن جي سُرن ڏانهن ڇڪجي ويس. جنهن ڪلاس روم مان اهو آواز آيو پئي آئون مُڙي اوڏانهن هلڻ لڳس. هوءَ سنڌو ندي وارو گيت ڳائي رهي هئي.
آڪاس مان لهندي اچي… هي سُرڳ مان وهندي اچي…
آئون ڪلاس روم جي در تي اچي بيهي رهيس. گلابي وڳي ۾ پنهنجي قد بُت ۾ ڪشش رکندڙ ميوزڪ ٽيچر جا چپ چرندا ويا، هارمونيم تي آڱريون حرڪت ڪنديون رهيون ۽ سُر وکرندا رهيا. گيت جي جهونگار ڪمري، ونگن ۽ ٻاهرئين اڱڻ تائين مسافت ڪندي هوا ۾ وکري رهي هئي. آئون ڪجهه پلن لاءِ پنڊپهڻ ٿي سندس سُريلو آواز ٻڌندو رهيس.
ڳائيندي ڳائيندي نيٺ هن مون ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏٺو، سندس چپ ان مهل چُرڻ بيهي رهيا، آئون هڪو ٻڪو رهجي ويس. اکين تان اُس وارو چشمو لاٿم ۽ کيس تڪيندو رهيس.
“جي ڪهڙو ڪم آهي؟” هن پڇيو.
“مون کي… مون کي پرنسپال سان ملڻو آهي. توهان جا سُر مون کي هيڏانهن ڇڪي آيا.” مون سندس اکين ۾ نهاريندي وراڻيو.
هوءَ مُرڪي پئي. “موسيقيءَ جو اهوئي ڪمال آهي اها پٿرن کي به ميڻ ڪري ڇڏيندي آهي، پر پرنسپال جي آفيس مٿي آهي.” سندس ٻيو جملو رُکائي وارو هو.
“باءِ د وي آءِ ايم سائرس… انسپيڪٽر سائرس.”
“آئون جيسمن آهيان. هاڻي آئون ڪلاس وٺان؟”
“جي بلڪل.”
آئون سُرن سان شرارتون ڪندڙ هڪ سهڻي ڇوڪريءَ کي ڪلاس روم ۾ ڇڏي پرنسپال آفيس ڏانهن ويندڙ چاڙهيون چڙهڻ لڳس. هن جا سُر وري به منهنجي ڪنن ۾ٻُرندا رهيا.
جيسمن کي ڏسي منهنجي دل جي ديول ۾ ٻيو ڀيرو پيار جو گهنڊ وڳو هو. پهريون ڀيرو ميٽرڪ دوران ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندي مس ساره تي آئون موهت ٿي پيو هئس. سانوري رنگ، ڀريل ڇاتين، بيضوري چهري ۽ ڊگهي قد واري مس ساره رياضي جي استاد هئي. مون کي ڪڏهن ميٿ جو نصاب سمجهه ۾نه آيو، رڳو نشانيون ياد رهنديون هيون. ونڊ، ڪٽ، جوڙ ۽ ضرب، پر آئون ان مضمون ۾ صفا ڏڏ رهيس. مون کي ان زماني ۾ ڪتابن وارا حساب سمجهه ۾نٿي آيا، پر مس ساره سان بي حساب پيار هو. هن سان پيار ۾ رڳو جوڙ ۽ ضرب هوندي هئي. رڳو واڌ ئي واڌ هئي. هوءَ جڏهن بورڊ ڏانهن منهن ڪري الجبرا جو ڪو فارمولو يا سوال لکندي هئي ته سندس پولهه جون گولايون مون کي بي چين ڪري ڇڏينديون هيون. سندس اسٽائيلش فريم واري عينڪ پويان چمڪندڙ بادامي اکيون حسابن جو سوال ڪرڻ وقت گهورينديون هيون ته دل چوندي هئي سندس اکيون منهنجن اکين کي پڙهن ۽ پوءِ هوءَ اکين سان جواب ڏئي ته سائرس منهنجي به توسان دل آهي. هن جون اڀريل ۽ وڏيون ڇاتيون ڏسي مون کي فوم وارا نرم وهاڻا ياد ايندا هئا. جڏهن اسڪول جي موڪل ٿيندي هئي ته آئون هن کي اسڪول جي در کان نڪرڻ وقت اکين کان اوجهل ٿيڻ تائين ڏسندو هئس ته جيئن سندس پولهه کي ڏسندو رهان. جنهن ۾ هلڻ وقت ان ۾ ردم پيدا ٿيندو هو.
اسڪول جي فنڪشن ۾ سندس ڪڍيل هڪ تصوير کي مون پاڪيٽ سائيز ۾ پرنٽ ڪرايو هو. اها تصوير آئون واش روم ۾ کڻي ويندو هئس ۽ واش بيسن تي رکي پاڻ مان لذت وٺندو هئس. راتين جو هن جو تصور ڪري آئون پنهنجا ٽرائوزر آلا ڪندو هئس. مس ساره جا ٽهڪ، هن جي پڙهائڻ جو انداز ۽ سندس مرڪ مون کان وڏي وقت تائين ڪونه وسريا. جڏهن يونيورسٽي پهتس ۽ ڊگري پوري ڪيم ته غمِ يار بدران غمِ روزگار ضروري هو.
مون کي ايترو پتو هو ته ان زماني ۾ مس ساره جو پيار منهنجي پيار سان ضرب ٿي رهيو هو. منهنجي دل هڪ دل بدران ڪيئي دليون ٿي وئي هئي ۽ اهي سڀئي هن لاءِ پئي ڌڙڪيون. مون کي لڳي ٿو ته رياضي جهڙو بور مضمون پڙهائيندڙ ماڻهو پيار نٿا ڪري سگهن. انگي حساب پڙهائيندڙ مس ساره لاءِ ٻه ۽ ٻه چار هئا، پر پيار ۾ ٻه ۽ ٻه چار نه هڪ ٿيندا آهن. منهنجو اهو حساب هن کي ڪڏهن سمجهه ۾ ڪونه آيو. سندس ڳلي ۾ چانديءَ جي زنجير ۾ لڙڪندڙ ٽياس کي ڏسي دل چوندي هئي آئون اهو ٽياس هجان ها، هلندي گهمندي هن جي ڳچي ۽ ڇاتين سان ٽڪرائيندو ۽ کينچلون ڪندو رهان ها. کيس رياضي جا سڀئي فارمولا ياد هيس، پر پيار جو ڪو فارمولو نٿي آيس. پيار ڪو رياضيءَ جو ڪتاب به ناهي جو اهو ڪنهن فارمولي آهر ٿي سگهي. پيار ته ٿي ويندو آهي. ائين جيئن درياءَ وهندو آهي، برسات وسندي آهي، سمنڊ ڇوليون هڻندو آهي يا هوا گُهلندي آهي.
گرمين جي مند ۾ ڪلاس وٺندي هن جي بغلن مان پگهر ظاهر ٿيندو هو. اهو پگهر سندس پرفيوم سان گڏجي هڪ وڻندڙ سڳنڌ ۾ مٽجي ويندو هو. سندس پگهر ۽ پرفيوم جي سڳنڌ منهنجي حواسن تي سوار ٿي ويندي هئي. هوا لڳڻ سان اهو پگهر سڪندو هو ته چولي تي بغلن وٽان لوڻياٺا اڇا نشان اڀري ايندا هئا. ڪيئي سالن تائين آئون مس ساره جي پگهر ۽ پرفيوم گاڏڙ خوشبوءِ جي گهيري ۾ رهيس. مون کان ڪڏهن الجبرا جو ڪو سوال حل نه ٿيو، پر مس ساره لاءِ منهنجون اکيون الجبرا جو اهڙو سوال ٿي ويون جنهن کي هوءَ ڪڏهن سمجهي ڪونه سگهي. هوءَ ڄڻ حسابن جي ننڍين، وڏين ۽ وچين ڏنگين جي قلعي جي قيد ٿي وئي هئي، آئون ڪنهن بيوس سپاهي وانگر ان قلعي جو اڏيل ڪوٽ ٽپي نٿي سگهيس. پوءِ هڪ ڏينهن مس ساره اسڪول ڇڏي هلي وئي. مس ساره گهڻو ڪري بورڊ تي ايڪس جو مُلهه ڄاڻڻ وارو سوال ڏيندي هئي، پر منهنجي دل جو مُلهه هوءَ ڪڏهن ڪونه ڄاڻي سگهي. هن جي وڃڻ کانپوءِ هڪ نئين مس ساڳئي بورڊ تي مون کي سمجهه ۾ نه ايندڙ ساڳيا فارمولا ۽ سوال لکڻ لڳي.
مون جيسمن کي ان اسڪول ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو. پوءِ آئون ان ڪيس کي ڪجهه ڊيگهه ڏيڻ لڳس ته جيئن جيسمن کي ڏسي سگهان. هن سان ڳالهائڻ جا بهانا ڳولهڻ لڳس، ائين جيسمن جي ڌڙڪندڙ دل نيٺ هڪ ڏينهن مون لاءِ ڌڙڪڻ لڳي. جيسمن سان پهريون ڀيرو مون سانوڻيءَ جي مند ۾ پنهنجي فليٽ تي قرب ونڊيو هو. شام ڌاري پهريون ڀيرو منهنجي آڱرين ڪنهن مسافر وانگر هن جي بدن جي راهن تي سفر ڪيو هو ۽ ڪيئي ڀيرا منزل ماڻي هئي. ٻاهر وسندڙ برسات جي موسيقي هئي. ڪمري ۾ اسان ٻنهي جون آهون ۽ دانهون وچڙندڙ ساهن ٻکجي ويون هيون. مون سندس چپن، ڳچي، ڪن جي پاپڙين ۽ ڇاتين کي جيئن چمڻ شروع ڪيو هو ته هن جي بدن ۾ سوين جلترنگ ظاهر ٿي پيا هئا. تڏهن به مون کي لڳو منهنجي ڀاڪر ۾ مس ساره آهي، پر سچ اهو هو ته بستري تي مون سان مس ساره ڪونه هئي، ڇو ته جيسمن جي بدن ۾ مس ساره جي پگهر جي بوءِ ڪونه هئي.
آئون جيئن شهر جو مُک چوڪ پار ڪري ڪافي شاپ واري روڊ ڏانهن مڙيس ته منهنجي موبائيل فون جي گهنٽي وڳي. وڏي صاحب يعني ايس پي جي ڪال هئي. مون گاڏي پاسي تي بيهاري ڪال رسيو ڪئي.
“هيلو سر”
“سائرس ڪٿي آهين؟” ايس پي ڳالهايو.
“سر آئون شهر ۾ آهيان.” حڪم ڪريو.
“بختاور ڪاٽيج واري علائقي ۾ هڪ ماڻهو آپگهات ڪيو آهي. اتي منهنجا ڪجهه دوست رهندا آهن. هنن مون کي فون ڪري اطلاع ڏنو آهي ۽ ٿاڻي تي به ڄاڻ ڪيو اٿن. تنهنجي پوليس اسٽيشن جي حد ۾ واقعو ٿيو آهي، توکي اتي جلدي وڃڻ گهرجي.”
“پر سر ٿاڻي تي ٻي نفري موجود آهي، سب انسپيڪٽر مٺل ۽ ٽيم کي موڪليو، آئون هڪ ڪم اڪلائي اتي پهچان ٿو.”
“ٺيڪ آهي آئون ٽيم کي موڪليان ٿو، پر تون اڌ ڪلاڪ ۾ اتي پهچ.”
“ٺيڪ آهي سر.”
ڪهڙي مصيبت آهي، هن کي به اڄ آپگهات ڪرڻو هو. جڏهن به آئون جيسمن سان ملڻ جو سوچيندو آهيان ته ڪو نه ڪو ڪيس ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو آهي. آئون پنجن منٽن ۾ ڪافي شاپ پهچي ويس.
جيسمن کي شاڪنگ پنڪ رنگ جو وڳو پاتل هو. سندس ڪلهن تائين ڪٽيل وار کليل هئا. هن گلابي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳائي هئي، سندس چپ ٽاري ٽڙيل مکڙي وانگر پئي لڳا. جيئن هن مون ڏانهن ڏٺو ته سندس چپن تي مرڪ تري آئي. ڪرسي سوري ويهي رهيس.
“ڪيئن آهين؟”
“ٺيڪ آهيان، تون ڪيئن آهين سمارٽ بواءِ؟”
“بلڪل ٺيڪ.”
“توکي خبر آهي پاڻ اڄ ڪيتري عرصي کانپوءِ پيا ملون؟”
“ها خبر اٿم. ڪافي مهينا ٿي ويا آهن. جيسمن تون ڄاڻين ٿي پوليس جي نوڪريءَ ۾ وقت ۽ سُک ٻئي ڪونه آهن. تنهنجو مياري آهيان، پر وري به ڏس اڄ توسان ملڻ لاءِ ڏنل وقت تي پهچي ويو آهيان.”
“تو گذريل آچر تي چيو هو ته چرچ ايندين ۽ اتان پاڻ ڪيڏانهن گهمڻ هلنداسين، پر تون ڪونه آئين.”
“ها ياد اٿم، بس ڪم ۾ ڦاسي پيو هئس.”
“سائرس پيار ڇا آهي؟”
ڪجهه پلن لاءِ سندس اوچتي سوال تي آئون حيران ۽ پريشان ٿي ويس.
“ڀلا اهو سوال هينئر پڇڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟”
“تون سوال مٿان سوال نه ڪر، پر پڇيل سوال جو جواب ڏئي.”
“پيار، پيار آهي.”
“آئون پيار جو مفهوم پئي پڇان، ان جو مطلب سمجهڻ ٿي چاهيان. تون رڳو ساڳيو لفظ ورجائين پيو. مون کي خبر آهي تو وٽ ان جو ڪو مناسب جواب ڪونهي. پيار اصل ۾ ڪنهن لاءِ هر گهڙي موجود هجڻ جو نالو آهي. ڪنهن جي سڏ تي ڪهي اچڻ، ڪنهن جي ماٺ ۾ شڪايت کي سمجهڻ. ڪنهن کي وقت ڏيڻ يا ان مهل ان سان ساٿ ڏيڻ، وسندڙ برسات ۾ گڏ پسڻ، سياري ۾ سج جي تڙڪي ۾ ڪنهن بينچ تي هٿ ۾ هٿ ۾ ڏئي ويهڻ.”
“واهه واهه جيسمن تون فلسفي ٿي وئي آهين، پيار جي اهڙي وصف ان کان اڳ مون ڪڏهن ناهي ٻڌي.”
“ڇڏ هاڻي طنز نه ڪر.”
“آئون طنز نه پيو ڪريان. سچ ٿو چوان، پر اهو به سچ آهي ته جن پلن ۾ آئون توسان هوندو آهيان ته بس توسان ئي هوندو آهيان. خير ڇڏ انهن ڳالهين کي، پهرين ڪافي جو آرڊر ڏيون پوءِ باقي ڳالهيون ڪريون ٿا. مون بيري کي سڏيو، ڪافي جو آرڊر ڏنم.
“تنهنجو اسڪول ڪيئن پيو هلي ۽ ٻارن تنهنجي موسيقيءَ جي ڪلاسن مان ڪجهه پرايو آهي يا رڳو تون پئي هارمونيم تي آڱريون ڦيرين؟”
“منهنجا ٻار ڏاڍا هوشيار آهن. ڪجهه ڏينهن ۾ موسيقيءَ جو وڏو مقابلو پيو ٿئي، ان ۾ منهنجا شاگرد شرڪت ڪندا.”
“عاليشان.”
بيرو گرم گرم ڪافي کڻي آيو. اسين ٻئي ڪافي جا ڍڪ ڀريندا ۽ ڪچهري ڪندي وقت گذاريندا رهياسين. ان مهل منهنجي فون جي رنگ وڳي. سب انسپيڪٽر مٺل جي ڪال هئي.
“ها مٺل.” مون ڪال کڻي چيو.
“سر جاءِ واردات تي آهيون. توهان جو انتظار آهي.”
“ٺيڪ آهي آئون ڪجهه دير ۾ اچان ٿو.”
جيسمن جي منهن تي اهڙا تاثر اڀريا، جن مان لڳو هوءَ سمجهي وئي آهي ته آئون هاڻ هن کان موڪلائي پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ نڪري ويندس.
“مون سان ملڻ وقت تنهنجو اهو معمول رهيو آهي، مون کي لڳي ٿو تون مون لاءِ وقت زوري ڪڍندو آهين.” هن جي ڳالهائڻ ۾ ڪاوڙ هئي.
“ائين ناهي جيسمن، آئون اڄ توسان ملڻ آيو آهيان، هي هڪ اوچتو آپگهات جو ڪيس سامهون اچي ويو آهي.” مون کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آئون ناڪام ويس.
“چڱو هاڻي تون ان لاش جي جاچ ڪر ۽ مون کي گهر ڇڏ.”
هاڻ مون وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه ڪونه بچيو هو. مون بل ڏنو ۽ هن کي گهر ڇڏڻ لاءِ نڪري پيس. واٽ تي ڳالهيون ٿينديون رهيون، پر هن جو موڊ خراب هو. مون کيس گهر ڇڏيو ۽ آئون بختاور ڪاٽيج ڏانهن نڪري ويس.
ٻي ماڙ جي هڪ فليٽ ۾ ڪنهن نوجوان آپگهات ڪيو هو. آئون جيئن فليٽ ۾ گهڙيس ته منهنجي ٽيم اڳ اتي موجود هئي. ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي گولي لڳل لاش پيل هو. لوندڙيءَ مان گولي آر پار ٿيل هئي. رت جا ڇنڊا ڀت تي پکڙيل هئا، لوندڙيءَ مان وهندڙ رت سندس ڳلن ۽ ڪرسيءَ جي ٻانهن کان ٿيندو هيٺ فرش تي ٽميل هو. رت جو هڪ ليڪو لوندڙي ۽ ڳل تي ڄمي ڪارو ٿيندو پئي ويو. هن جون کليل اکيون ڇت ۾ کُتل هيون ۽ ڪنڌ ڪرسيءَ تي ڍرڪيل هو. ريوالر سندس ساڄي هٿ ۾ جڪڙيو پيو هو. گوليءَ جو خول فرش تي ڪرسيءَ کان ٿورو پريان ڪريل هو. سندس ڪتابن واري ميز تي ڪجهه ڪتاب ۽ هڪ آپگهاتي نوٽ هو.
هڪ اڇي پني تي شيڪسپيئر جو مشهور قول Life is a tale told by an idiot (زندگي احمق جي ٻڌايل ڪهاڻي آهي) لکيل هو. اتي ئي سندس موبائيل فون به پيل هو.
مون ڪمري جو جائزو ورتو، هن جون ڪجهه تصويرون ڀتين تي مختلف انداز ۾ ٽنگيل هيون. جن ۾ هو ڪلين شيو ۽ سهڻو نوجوان هو. پلنگ تي رنگ برنگي چادر وڇايل هئي. هڪ وڏي ايل اي ڊي ڀت ۾ لڳل هئي. ڪمري ۾ سامان گهڻو ڪونه هو. مون کي فوٽو ڏسي ائين لڳو ته هن کي اڳ به مون ڪٿي ڏٺو آهي، پر في الحال مون کي ياد ڪونه پئي آيو ته ڪٿي ڏٺو اٿم.
“فون تي ڪنهن اطلاع ڏنو هو.” مون مٺل کان پڇيو.
“سر هن همراهه اطلاع ڪيو هو.” هن هڪ اڌڙوٽ همراهه ڏانهن اشارو ڪيو، هو ڪمري جي در ڀرسان بيٺو هو.
“توهان کي ڪيئن خبر پئي ته هن آپگهات ڪيو آهي؟”
“گوليءَ جو آواز ٻڌي اسين هن جي در تائين آياسين در اندران بند هو، گارڊ در جو ڪڙُ ٽوڙي، جيستائين هتي پهتاسين ته هي پنهنجا آخري پساهه کڻي رهيو هو.”
“هن جو نالو ڇا هو ۽ هتي ڪيتري وقت کان رهيل هو؟”
وشال نالو هئس. گذريل پنجن سالن کان هتي رهيل هو، پر ڪنهن سان ميل جول ڪونه هئس. پنهنجي منهن هوندو هو.”
“لاش کي ڪنهن هٿ ته ناهي لاتو.”
“نه سائين اسان هڪدم ٿاڻي تي اطلاع ڏنو.” همراهه منهنجي سوال جو جواب ڏنو.
مون هٿن تي پلاسٽڪ جا دستانا پاتا، هن جو موبائيل فون کنيم. فون اسڪرين لاڪ هئي.
“فارنزڪ ٽيم کي گهرايو. سڀئي شاهديون گڏ ڪريو ۽ هتي جيڪي به ماڻهو آهن، انهن کان بيان وٺي ڇڏيو. سڌي ريت آپگهات ٿو لڳي، پر ڪي آپگهات قتل به هوندا آهن. هي فون فارنزڪ ٽيم کي ڏئي ان جو پاسورڊ رڪور ڪري جاچ ۾ شامل ڪريو ۽ ها مون کي هن جي نمبر جي سي ڊي آر به کپي ۽ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو.” مون مٺل کي چيو.
“جي سر.”
آئون ٿاڻي تي ويس، سي ڊي آر جو انتظار ڪرڻ لڳس. ان دوران آئون اهو سوچيندو رهيس ته مون ان نوجوان کي ڪٿي ڏٺو آهي. ڪجهه دير ۾ مٺل سي ڊي آر جي پرنٽ مون وٽ کڻي آيو.
“سر سي ڊي آر.” هن مون کي پرنٽ ڏيندي چيو ۽ ڪمري مان هليو ويو.
مون سي ڊي آر جو جائزو ورتو. اها هڪ وڏي لسٽ هئي، پر انهن مان ڪجهه نمبر اهڙا هئا جيڪي بنهه گهڻا استعمال ٿيا هئا ۽ رات به انهن تي ڪالز ويون هيون. مون ڪجهه نمبر ٽڪ ڪري مٺل کي چيو ته انهن سان رابطو ڪري کين ٿاڻي تي گهرائي، ڪجهه معمول موجب پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي.
ڪلاڪ کانپوءِ ڪجهه عورتون ٿاڻي تي پهچي ويون. مون جڏهن هنن کي وشال جي تصوير ڏيکاري ته انهن کيس جگولو جي نالي سان سڃاتو. مون واري واري سان سڀني کان وشال بابت پڇا ڪئي. آئون حيران هئس ته هنن سڀني عورتن جا وشال سان جسماني لاڳاپا هئا، پر مون ان معاملي کي ميڊيا ۾ آڻڻ نٿي چاهيو. مون انهن کان جيڪي بنيادي سوال پڇيا هئا، انهن ۾ هي سوال هئا. جگولو کي توهان ڪيتري عرصي کان سڃاڻو. هن سان ڪهڙو تعلق هو، هو ڪهڙي قسم جو ماڻهو هو ۽ هن سان تعلق رکڻ جو ڪهڙو سبب هو. ڇا هن ڪڏهن ڪا ڏوهه جي واردات ڪئي، ڪڏهن هن آپگهات ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.
اڌڙوٽ عورت جو بيان:
هوءَ ڪنهن امير گهراڻي جي هئي، هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته جگولو هن لاءِ هڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن سندس اڪيلائيءَ ۾ ساٿ ڏنو. پنهنجي گهرڀاتين جي هوندي به هوءَ اڪيلائي ڀوڳي رهي هئي. ان ڪري هن کي ڪنهن اهڙي نوجوان مرد جي ضرورت هئي جيڪو نه رڳو هن جون ڳالهيون ٻڌي، پر هن سان هڪ سٺي ساٿي طور ساٿ به نڀائي سگهي ڀلي ان لاءِ کيس ڪجهه به ڪرڻو پوي. هن ٻڌايو ته جگولو هڪ زندگيءَ سان ڀرپور ماڻهو هو. هو کيس کلائيندو هو. هو ڪڏهن مايوس نظر ڪونه آيو. گهر ۾ نظرانداز ٿيل ان عورت جگولو سان گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن کان رابطي ۾ هئي، جگولو هن جي هڪل تي حاضر ٿي ويندو هو.
نوجوان ڇوڪريءَ جو بيان:
ڇوڪري پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته هوءَ جنسي طور فرسٽريٽ هئي، مڱيندي جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ هوءَ اڪيلي ٿي وئي هئي. ذهني طور ڊپريشن ۾ رهڻ لڳي هئي، انهن ڏينهن ۾ جگولو ئي هو جنهن کيس ان پريشانيءَ مان ڪڍيو هو. هن جگولو سان راتيون گذاريون، زندگيءَ ڏانهن موٽ کاڌي ۽ اهو ماضي جيڪو کيس هر وقت ڏنگيندو رهندو هو، ان مان هوءَ نڪري خوش زندگي گذارڻ لڳي. جگولو ڀلي ماڻهن لاءِ مرد طوائف هو، پر هن سندس زندگيءَ جي ڏکن کي ختم ڪيو هو. جگولو کي ياد ڪندي ۽ سندس آپگهات جو ٻڌي هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
بيواهه جو بيان: هوءَ پنهنجي بيهڪ ۾ بنهه سهڻي ۽ سدا بهار پئي لڳي. سندس چوڻ هو ته جگولو هن لاءِ زندگيءَ جي ڊڪشنري هو. جنهن وٽ ڏک، پيار، جذبن ۽ سُک جي الڳ معنا هئي. سندس مڙس جي گذاري وڃڻ کانپوءِ هن جگولو تائين رسائي ڪئي هئي ۽ ان دوران جڏهن جگولو هن کي هڪ سڪون ڀريو ساٿ ڏنو ته کيس ڪنهن ٻئي مرد جي ضرورت ڪونه پئي. ائين جگولو هن جي زندگيءَ جو اهڙو ساٿي بڻجي ويو جنهن جو ساٿ هن ڪڏهن ڇڏڻ ڪونه ٿي چاهيو. شهر ۾ اهڙيون درجنين عورتون هيون، جيڪي جگولو سان دل وندرائي رهيون هيون.
انهن عورتن سان ڳالهه ٻولهه ڪري مون کي ياد آيو ته جڏهن آئون ڇهن مهينن لاءِ ٻئي شهر بدلي ٿيو هئس ته جگولو کي مون هڪ هوٽل مان هڪ عورت سان گرفتار ڪيو هو. جگولو مرد طوائف هوندا آهن، جن کي ٻين به ڪيترن ئي نالن سان سڏيو ويندو آهي، جيئن لائونج رلزڊ، رينٽ بواءِ ۽ سيڪس ورڪر وغيره. هنن جي وڏي ڪميونٽي سڄي دنيا ۾ موجود آهي. انهن کي عورتون پئسن عيوض پاڻ سان وٺي وينديون آهن. جگولو شهر جي عورتن لاءِ وندر جو سامان هو. جنهن انهن عورتن کي پنهنجو پاڻ آڇيو هو، جيڪي اڪيلائي ۽ پريشانيءَ ۾ ورتل هيون.
جگولو جي آپگهات واري ڪيس جي پوري جاچ ڪرڻ کانپوءِ مون کي اندازو ٿيو ته هن انهن عورتن ۾ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙي ساٿي کي ڳولهيو پئي جيڪو جگولو کي رڳو ٽائيم پاس پارٽنر طور نه بلڪه ڪنهن حقيقي عاشق طور ڏسي ها. اهو هن جي آپگهاتي نوٽ مان ظاهر هو ته هو پنهنجي ان ڪم مان هاڻ خوش ڪونه رهيو هو. شايد هن سماج ۾ پنهنجي ڌنڌي کي ڇڏي هڪ عام ماڻهو ٿي زندگي گذارڻ ٿي چاهي، پر انهن عورتن کيس ان ريت قبولڻ نٿي چاهيو. زندگي هن لاءِ بي معنا ٿي وئي هئي. جڏهن انسان جو هجڻ ڪا معنا ناهي رکندو ته گهڻو ڪري ماڻهو پنهنجو انت آڻيندو آهي.
جگولو هاڻ شهر جي مشهور قبرستان ۾ دفن هو. مون کي هن سان همدردي ٿي پئي هئي. ڇو ته هن جيڪي ڪجهه ڪيو گهٽ ۾ گهٽ انهن عورتن جي زندگين ۾ خوشيون آنديون ۽ انهن کي بليڪ ميل ڪرڻ بدران پنهنجي منهن جيئندو رهيو. ان ڪيس جي جاچ دوران آئون جيسمن سان ڪونه ملي سگهيس، مون پڪو پهه ڪيو هو ته 14 فيبروريءَ تي هن سان ملندس ويلنٽائن ملهائيندس، پر پهرين کيس گلن جو تحفو ڏيندس. کيس اڳواٽ ان ڪري نٿي ٻڌائڻ چاهيم ته متان اوچتو ڪنهن ڪم ۾ ڦاسي نه پوان. مون سندس گهر وڃڻ جو سوچيو هو. ويلنٽائن واري ڏينهن مون گلن جا ٻه بڪي ورتا هئا، هڪ مون کي جگولو جي قبر تي رکڻو هو ۽ هڪ جيسمن کي ڏيڻو هو. جتي جگولو پوريل هو، ان قبرستان جا ٻه مک در هئا، هڪ اُڀرندي پاسي ٻيو اُولهندي پاسي. آئون ان ڏينهن اوُلهندي پاسي واري در کان آيس. صبح جو پهر هو. آئون جيپ مان لٿس ۽ هن جي قبر ڏانهن وڌيس. هن جي قبر وٽ پهچي مون کي حِيرت ٿي. سندس قبر تازن گلن سان سينگاريل هئي. آئون سمجهي ويس اهي سڀئي گل انهن عورتن رکيا هئا، جن سان جگولو جو تعلق رهيو هو. جيسمن سان ملڻ جو سوچيندي جگولو لاءِ آندل گل گاڏيءَ ۾ رهجي ويا. آئون واپس گل کڻڻ لاءِ جيپ ڏانهن ويس ۽ گل کڻي جڏهن وري هن جي قبر ڏانهن آيس ته ڪجهه پلن لاءِ مون کي جهٽڪو لڳو. مون کي لڳو ته آئون چڪرائجي ڪري پوندس. اکين تي ويساهه ڪرڻ ڏکيو هو، پر سچ منهنجي سامهون نچي رهيو هو. جگولو جي قبر تي ملوڪ ڇوڪري گل رکي اداس بيٺل هئي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي ڳلن تائين پهتا هئا، هوءَ اکيون پوري هن لاءِ دعا گهري رهي هئي. جگولو جي قبر تي اداس بيٺل ڇوڪريءَ منهنجي محبوبا جيسمن هئي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟