ڪهاڻي: مرون
Ain Saher
تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، شاعره
ڀورل ۽ غلام رسول ميربحر جي ملھه ڏسڻ لاءِ پري پري کان خلق آيل ھئي…
“واااھ! اکر وارو ملھه آھي، انگبازي تي پورو آھي اکري آھي داءَ پڪل اٿس ڏاڍا ڀلا ٿو ھڻي جانٺو توڙي منڙي سڀ اٽڪل ڄاڻي ٿو، وڏو حرفتي آھي… نادر ڏسين ٿو؟” خان محمد غور سان ڏسندي حيرانگيءَ مان ڀائٽي سان مخاطب ٿيو.
“ھائو چاچا جوان به ٺاھوڪو آھي، پر ھن تر جو نه ھوندي به ھتان جو ٿو لڳي..”
“ھائو نادر ڳالھه واااھ جي ڪئي اٿئي مھانڊو ڏٺل ڏٺل ٿو لڳي واقفڪار ٿو لڳي… پر ڏسئون به پھريون چڪر ٿا.”
خان محمد کان راند جا داءَ پيچ ڏسڻ ئي وسري ويا ھو غلام رسول جي چھري جا انگ اکر ڏسندي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پھتو…
” نادر…” خان محمد دانھن ڪئي
” جي چاچا..”
“ابا ھمراھ سڃاتم…”
”چئين ڇا ٿو چاچا…” نادر عجب کائيندي چاچي کي ڏٺو.
“بلاشڪ ماڻھو ھٿيڪو آھي، دل ٻولي ٿي ائين وڃڻ… ڪونه ڏبو …” خان محمد ڀڻڪيو
چاچا ڇا ٿو چئين ڪير آھي؟ ھمراھ جي سڃاڻپ مون سان ته ظاھر ڪر..” نادر اصرار ڪندي چيو.
“جھل پير راند پوري ٿي ته مان ڏسان ٿو غلام رسول کي سڃاتو اٿم نقشا ساڳيا آھن!”
ڪيئن چاچا ڪھڙا نقشا..؟” نادر تجسس کان بي صبرو ٿيندي پڇيو.
“تون نه سمجهندين راند بيھڻ ڏي غلام رسول تي نظر رک ملڻو آھي ان ھمراھ کي ڇڏڻو ناھي….”
راند جو چوٽيءَ جو مقابلو ٿيو، آخري انگ تي بازي غلام رسول کڻي ويو پو ته سندس سنگت ڀاڪرين ڀريو رش ۾ غلام رسول نظر ڪونه پئي آيو.. خان محمد ھنب ميڙ چيريندو لر ڀڳو وڃي غلام رسول جي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو..!
غلام رسول ٻانھن ڇڏائيندي کيس سواليه نظر سان ڏٺو….!
“ابا وٽ تي اچ ڳالھائڻو آھي…”
غلام رسول ٿورو گهٻرائيندي ھٻڪندي پڇيو “ڪير آھين؟ ڇا ڳالھائڻو آھي..؟”
“ابا پاسي تي اچ ته حوالي ٿيون ٿا..”
غلام رسول جو ڀاءُ جانب ۽ سندس دوست مٺل به گڏ ھلڻ لڳا ته ھٿ سان خان محمد اتي بيھڻ جو اشارو ڪيو..
سڀ بيھي رھيا خان محمد پاسي تي اچي خان محمد غلام رسول سان بيتابيءَ مان مخاطب ٿيو
“ابا پنھنجي امڙ جو نالو ٻڌاءِ؟”
ڇو…. ڇو ٻڌايان نالو، زائفن جا نالا پڇڻ وارو تون ڪير ٿيندو آھين؟” غلام رسول اکيون ڦوٽاريون
“ابا ابا ڪاوڙ نه ڪر امڙ اسان جي ڦريءَ مان آھي اھو شڪ لاھڻو آھي تون اسان جو ٻچو آھين” “خان محمد کاڏيءَ ھٿ وڌس پو ھٿ جوڙي بيھي رھيس.”
“ابا تون پيٽ ٻروچياڻي جو آھين…”
نه نه مان مڇي ماريندڙ ميربحر آھيان زھرو به ناھيان ٻروچن سان ڪو واسطو ڪونھي….
نادر کي خان محمد ڪجھه ڪن ۾ چيو نادر تڪڙو نڪري ويو
غلام رسول وڌيڪ پريشان ٿي ويو… پر کيس ته خبر ھئي ته امڙ مھاڻي نه پر ٻروچياڻي آھي….
“چاچا مون کي وڃڻ ڏي مان ٻروچ ناھيان…” غلام رسول بيزاريءَ مان چيو
“منھنجو پنھنجو آھين ابا تون سچ ڳالھاءِ ماءُ جو نالو ٻڌاءِ توکي نقصان نه پھچندو…. تون منھنجو رت آھين…”
“نه مان ميربحر آھيان مان کي وڃڻ ڏي..” غلام رسول ضد ٻڌو.
تيستائين خلق غلام رسول ۽ خان محمد جي چوڌاري بيھجي وئي….
خان محمد جي سوٽن ماساتن سمجهو ڦڏو آھي سي لٺ بانٺو ڳولھڻ ويا.
ھل ٿي ويو خان محمد جو ماسات لٺ ھٿ ڪري غلام رسول ڏانھن وڌي رھيو ھو ته نادر ھڪل ڪئي “جهل پير….! استاد تڪڙ نه ڪجان ائين چوندي تڪڙو تڪڙو خان محمد کي قرآن شريف اچي ڏنو…
غلام رسول جو ڀاءُ ۽ دوست به حيران پريشان ٿي ويا…
خان محمد قرآن مٿي تي رکي اعلان ڪيو “سڀ ٿڌا ٿيو بابا جهيڙو ڦڏو ناھي پنھنجا نڪري پيا آھن ھمراھَ…. ھن قرآن تي مان ساک ٿو ڏيان ته ڪو نقصان نه پھچندو ھن قرآن لڳ رڳو امڙ جو نالو ٻڌاءِ ابا غلام رسول…!”
“اربيلي….”
“او ائين ڪجان جيءُ چوان…. يار سال ٿيا، پر ساڳيا مھانڊا ڀيڻ وارا آھن.، منھنجا ابا منھنجو ڀاڻيجو آھين تون منھنجي رت آن
روئندو رڙندو خان محمد غلام رسول کي ڀاڪرين پئجي ويو… ٻيا سڀ مٽ مائٽ ويڙھي ويس” اسان جو پيٽ آھي پري کان پڌرو صفا:
سڄي خلق سک جو ساھ کنيو!
“ابا مائٽ نڪري پيا ھن
کٽڪو نه ڪيو اڙي گامڻ وڃاءِ دھل کي….” اھو چوندي ماڻھن دھل سان گڏ وڇڙيل مائٽن جي ملڻ جو لطف وتو پو ڪکين پنين ٿيڻ لڳا.
“پٽ مھماني کائي وڃ ائين نه ڇڏيندو سانءِ خان محمد ڀاڻيجي کي زور ڀريو ته اھو راضي ٿي ويو غلام رسول پنھنجي ڀاءُ جانب ۽ دوست مٺل جو تعارف به ڪرايو ، سڀ خان محمد جا دعوتي ٿيا، ماني کاڌائون ناناڻن قرب ڏنا رات ٽڪي ڏينھن جو پنڌ پيا سڀني ايلاز ڪَين ته امڙ کي وٺي اچ.. خان محمد اربيلي جو ننڍو ڀاءُ ھو…
“ماما ڪوشش ڪندس امڙ به ھاڻي جهوني ٿي وئي آھي…!”
“ پٽ ائين نه ڇڏيندو سانءِ وعدي سان وٺي اچجان ڏٺي ڏينھن ٿيا مان اڃان مڇن جي ساول سان به ڪونه ٿيو ھيس ابا”
”ھا… ھا وٺي ايندس! “
غلام رسول وعدو ڪري موڪلاڻي ڪئي!
“امڙ پيرن تي ھٿ” غلام رسول ماءُ سان پيرين پئي مليو
“جي ڪيان بابا خير سان پڄي وئين، بابل ملاکڙو ماريئي؟”
“ھائو امڙ دعا کپي..”
“وڃي آرام ڪر سانجھي ٿي وئي آھي…”
“امان آرام نه ايندو.” پٽ ڪجھه سوچيندي ورندي ڏني
“ڇو ابا…. دشمنين ڇا ٿيو؟”
“امان تڙ ڪيان پوءِ حوالي ٿيون ٿا.”
غلام رسول ماءُ جي پيرن ۾ ويٺو…
سندس ماءُ جيڪا پلٿي ماريون الله الله ڪري رھي ھئي…!
“امان اسان قمبر ويا ھئاسي“
“ھا اھا سڌ اٿم “
“امان اسان ناني جي گھر ويا ھئاسي!”
ڇا……! اربيلي کان دانھن نڪري وئي، غلام رسول حوال ڏيڻ لڳو پر اربيلي ڪيئي سال پوئتي وقت جي واچوڙي سان وچڙندي ھلي وئي.
“ھمت ڪر دادن ڀڄي ويندئي” ڪَوڙي سھڪندي ھڪل ڪئي.
“نه ويندي ٽڪر ڪري ھن درياءَ جي پيٽ ۾ اڇلبس”
دريا جي ڪڙ سان ڊڪندڙ ڇوڪريءَ جون خوفناڪ دانھون ھيون “الله….. بچايو مارن ٿا….. گهل ڙي ابا ڙي نه ماريو….. الله لڳ قرآن لڳ ڇڏيو”
دريا جي پيٽ ۾ رڇ وجھي ويٺل خميسو خان ۽ آندل ڪچھري ڪري رھيا ھا ته آوازن تي درياءَ کان نڪري ٻاھر بيٺا ڇوڪري ڊڪندي سندن ڀرسان اچي ڪري! ڇوڪري جا ساھ ايترا تيز پئي کڄيا جو گمان پئي ٿيو ته دل ڦاٽي پوندس خميسو خان آندل اچي ڇوڪري جي ڀرسان بيٺا اچرج مان سندن اکيون ڦاٽي ويو “وچ رات ۾ ھي ڪنھن جي نياڻي آھي ڇو پيا ڊيڙائن؟” …. اڃان سوچ ۾ ئي ھيا ته پٺيان ٽي ھمراھ جن ۾ ھڪ کي ڪھاڙي ھئي اچي آندل ۽ خميسي جي سامھون بيٺا…
ان لڙ تي درياءَ جي وٽ تي ستل آندل جو پٽ پنھل به اٿي آيو ، ڪھاڙيءَ واري ھمراھ ھڪل ڪئي “نه ويندينءَ” ائين چوندي ڪھاڙي ھوا ۾ لھرائي پنھل به ھو جانٺو جوان ٽپو ڏئي ڪھاڙي ۾ ھٿ وڌائين…!
“ڇو ٿا نياڻي ماريو؟ آھيو ڪير اسان جي حد ۾ آھيو بنا حالي احوالي ٿي ھي ڇا پيا ڪيو اسان سان ويھو حال ڪيو ابا، اھڙو ڪلور ڪرڻ نه ڏينداسي دريا بادشاھ جو قسم نياڻي اسان جي ھاڻي سام ۾ آھي، پنھنجي تڏي تي خون وھڻ نه ڏينداسي…..”
آندل ڪڙڪي سان ڳالھايو
“اڙي ڪارو منھن ڪيو اٿائين ڪاري آ..”
“چڱو ادا ويھو ته سھي اسان جا ڀائر آھيو تڪڙ نه ڪيو ڪا ڏيٺ ڏيو آھيو ڪير، ڪاٿئون جا؟ پار پتا ڏيو ابا” خميسي ٿڌو ڪندي نرمي سان ڳالھايو.
“اسان ٻروچ آھيون ويھه ڪوه پريان صاحب پور ۾ رھون ٿا..”
“ابا اسان جا ڀائر آھيو وچور ڪڍو ماڻھو آھي ائين نه ماريوس قياس ڪيو بابل” خميسي ھمراھن کي ڳالھين ۾ آڻڻ ۽ ٿاٿرائڻ جي ڪوشش ڪئي جن تي خون سوار ھو…..
“ادا الله جي گنھگار آھي” مائي کي موت کان بچايو ٻيلي، شئي وري به توھان جي آھي، مالڪ آھيو پر جيڪو مالڪ مٿي آھي ان جي رضا به سوچيو، نياڻي اسان جي ڪکن ۾ آئي آھي ھي ٻيڙيون اسان جون بيٺيون ھن اسان ماڻھو مرڻ نه ڏينداسي، جي توھان جي ڪني به آھي ته وڍي يا ڪڍي ڳالھه برابر سمجهو توھان ماري ڇڏي قيامت تائين ڇوڪري اکين نه ڏسندئو اسان ان کي عزت سان پرڻائي پنھنجي گھر جي عزت بڻائينداسي مندا ناھيون، بحر جا مير آھيون ڀائو…” آندل ڀاءُ جي ڳالھه کي ور ڏنو.
دادن جيڪو ڇوڪري جو پيءُ ھو ڪجھه نرم ٿيو پر سندس چاچو ڪوڙو ۽ سوٽ شيرو سولائي سان ٺھڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيا
آخرڪار آندل ڪنڌ نوائي چيو “ڌڪ ھڻي ماري ڇڏيو پر نياڻي مرندي آندل ميربحر نه ڏسي سگهندو منھنجي امڙ آھي منھنجي حد ۾ آيل سام آھي!
دادن شيروءَ ۽ ڀاءُ کي ڇڙٻ ڏيندي چيو “بيٺا ڇو آھيو مري وئي اسان لاءِ دم ڪڍڻ يا ھيئن ڪڍڻ ڳالھه ساڳي وڍي يا ڪڍي بس ختم…”
جڏھن ٻروچ موٽي ويا ته آندل ميربحر ٽالھي جي پٺيان لڪل ڇوڪريءَ کي سڏي مٿي تي ھٿ رکي چيو “امان تون جيئن جيڪا به آھين اسان جي آھين.”
ٻيڙي ۾ ڇوڪري پھتي ته مھاڻيون مايون ڦري آيون ان ٻيڙي تي اٺ ڀاتي ھئا ٽي ڀائر ٻن جون زالون ٽيون ننڍو پنھل ڪنوارو ھو… ھڪ وڏو ڀاءُ غازي ان جا ٻه ٻار ھئا ان ٻيڙي تي نئون مھمان نائون ڀاتي اربيلي بڻي ھئي.
“امان تنھنجو نالو ڇا آھي؟“
“اربيلي…”
“گناھ ڪيو ٿئي؟”
“نه…..!”
“بس بس ڪجھه ناھي پڇڻو گنهگار ھجي به ته رب جي جوابدار آھي نياڻي کي رلھي وجهي ڏيو ته سمھي…” آندل زائفن کي تڙي پٽي.
ڇوڪري جي اکين ۾ ڊڄ سان گڏ شڪر وارو احساس ھو ھي ماڻھو ھن جي زندگي بچائڻ جو سبب ھئا، اربيلي الله کي سڏ ڪيا ۽ ھي فرشتا الله جي طرفان ڄڻ آيا…..!
پنھل جڏھن ڪھاڙي ۾ ھٿ وڌو ھو تڏھن ٽالھي جي اوٽ مان اربيلي کيس ڏٺو ھو پنھل جي اکين جو چمڪاٽ کيس ڪھاڙي جي چمڪاٽ کان وڌيڪ تيز لڳو ھو!
اربيليءَ کي پنھل ٻيڙي ۾ لالٽين جي روشني ۾ ڏٺو ته دنگ رھجي ويو گلاب جي گل جهڙي صورت…. اصل ڪچي سون جهڙو حسن…!
پنھل جي دل اچي وئي ھئي اربيليءَ تي….
پر ڪيئن چوي ڪجھه خبر ڪونه ٿي پيس ته پڻھس ڇا فيصلو ڪندو؟
ھفتو سوا ايئن ئي تجسس ۽ انتظار ۾ گذريو، پنھل جي ماءُ پٽ جي اک صحيح ڪري ورتي جيڪو اربيلي مان ڪڍي ئي نه پيو ڏينھن ٿيندي ئي منجي تان ٽپ ڏئي تري ۾ اچي دري کان پيو تاڙ ٻڌندو ھو…
“پنھل ماءُ ڇا ٿي چوين جوان ٻانھن آھي ويھارڻ به واجب ناھي ڏوھ ثواب جو راز رب ڄاڻي ھت پرڻائي ڇڏيون؟”
جيسين آندل جي زال جواب ڏي سامھون پٽ پنھل کي ڏٺائين جيڪو اربيلي کي تڪڻ ۾ ايڏو محو ھو جو پيءُ ماءُ جي ھجڻ کي به وساري ويٺو ھو…. ماءُ پٽ جي نظر ته اڳي ئي سمجهيون ويٺي ھئي.
“پنھل پيءُ ڇوڪر پنھل کي پرڻو وجهي ڏي…!”
پنھل جون واڇون وڃي ڪنن سان لڳيون ھفتي اندر نڪاح ٿي ويو اربيلي جي پنھل سان دل لڳي وئي…
اربيلي ايڏي عرصي ۾ پيڪا وساري نه سگهي ھئي پر ذڪر به نه ڪيو ھئائين بس دل جي دل ۾… ھاڻي ته پڙ ڏاڏي ٿي وئي ھئي وڏي پٽ امير جي ڌيءَ کي به فجر مھل پٽڙو ڄائو ھو…..
اڄ پيڪن جي ذڪر تي وڃي پوئتي نڪتي يادن جي ورن وڪڙن دل ماندي ڪري ڇڏيس…
“غلام رسول ابا پوپري جي ننڍڙي جي ڇٺي گذري ڇلي مان نڪري، مٿي پاڻي وجهي پو ھلنداسي…”
“حاضر امان…”
جانب مڇي کڻي شھر جي مارڪيٽ ۾ ڏيڻ ويو اتي ئي دوست جي ويھانء جو سڏ ڀرڻ لاءِ رات ٽڪڻ جو چئي ماءُ کان موڪلائي ويو….
اربيلي پنھنجي پٽ غلام رسول سان ڪچھري ڪرڻ ويٺي…
“ابا اڳي ته ٻيلي جي ٿم ۾ رڳو بڇڙيون بلائون رھنديون ھون ھاڻي ته ڪھڙ ۾ ماڻھو مرن وانگر لڪا ويٺا ھن” “مرون ھجي يا سڪيءَ جو ماڻھو اسان لاءِ ٻئي جوکائتا…!”
“پٽ فوٽي جي ڌيءَ ھفتي کان کڻي ويا آھن موٽائي ناھن سگهيا، مرون آھن ماريا ماني به اسان کان وٺي کائن نيمڪ جا ڪا مار پوين ننگ به اسان جا نئن، بي نيمڪا بيغيرت بي لڄا، بي نڪا اسان نياڻين کي لڪائي پيا ٿا لڪايون، ڪيترو ٻيڙي جي تري ۾ دري بند ڪري ويھن منجي تي ويھاري نٿا سگهون، وڃن پڪي تي ته لڻجي وڃن، پڪو لٽي ڦري کڻي اچي به زندگي ته ڪھڙ ۽ ٿم ۾ ٿا گذارن سوئر وانگر، لڌي جي ڌيءَ به وڃائي ڏئي ويا اھو ته ڀلو ٿيو ڀاٽيھنس جو جو نڪاح ڪيائين…”
اڄ تائين سڀائي جي ڇوڪري سنئين نه ٿي مئن موٽائي به جهڙي ڏني تھڙي نه، مت وڃائي ويٺي پئي ٿي وات پٽيون سڀ کي ڏسي، وسن جهڙي ڇوڪر چري ٿي وئي بت بڻي ويٺي آھي نه سمجهي نه سڻي….!”
“ھائو امان ان ڪري ادا وڏي بندوق ورتي آھي اسان جي ٻيڙي تي اچن ته ٺڪاء ڪبن…” غلام رسول ماءُ کي دلاسو ڏنو.
“ھئه ڙي زمانا الائي ڪھڙو وقت اچي ويو نه ته ننگن جي لڄ ھوندي ھئي ننگپال ماڻھو ھا ھاڻي عزت وارا لڄپال ڪونھن… بي لڄا ڪڌا ڪمين پيا ٿا ڦرن. ڪو سرڪار کي ڪھل اچي ته انھن کي ڊياڙائن وڃي جيل ڀرن، ابا چئن پيرن وارن مرن کان ٻن پيرن وارن مرن جا وڄ تکا آھن ابا…..” اربيلي ڪاوڙ ڪڍي
“امڙ گهڻي گهڻي ڪيائون ته پيٽ ڦاڙي ڇڏبن سڀن مھاڻن جون ھڪ ئي ڌڪ ۾ ڪسرون نڪري ويندن رک الله تي!” غلام رسول ماءُ کي ٽيڪ ڏيندي چيو
“ابا ڦڏا به چڱا ناھن جوانن کي مالڪ جواني بخشي ڏي برين بلائن جو بَر ڏي منھن ھجي پر اھو به ته حق آھي بنا غيرت جي زندگي ڪنھن ڪم جي ڪونھي انسان ۾ زھر ذري نه ٿي ته انسان ڪھڙو…”
ٻئي ڏينھن تي ساجن سھڪندو ڪنڌيءَ تي پھتو….
“امير.. او امير…..
ھائوووو…. اربيلي جي پٽ امير سڏ جو جواب ڏيندو منجي تان ٽپو ڏئي لٿو….
“امير ھي نه مڙندا ٽي گهر اسان سڪيءَ تي ٿا وڃون نياڻيون محفوظ ناھن ٽيون چڪر ڇوڪري ڪڍي ويا آھن ھفتو ٿي ويو ناھي موٽي اسان غيرت نٿا ٻوڙي سگهون…” ساجن پڪو پھ ڪيون آيو ھو
“رک لال تي ٻوڙبو انھن کي ٽڪر ڪري اڇلائبن، تون گهٻراء نه ھٿيار وٺي آيو آھيان….” امير دلجاءِ ڏنس
“نه يار سنبريل سڀ وڃئون ٿا پوئتي جيڪي آھن انھن جي به پارت ٿئي پنھنجو به خيال رکجانءِ!
باقي ڪاٺي جام پئي ٿي ڪنڌي تي ڪڙھ جا ٽي سئو انگ ٺھيا پيا اٿئي انجام تي گاڏي اٺين ڏينھن ايندي لوڊ ڪرائي پئسا وٺجو مان آيس ته پندرھين ڏينھن سماء لھڻ ايندس يار”
صفا دل من ھڻي بيٺو آن؟
ھائو ادا مون واري ڀاءُ ٻيو ڏينھن ٿيو آھي گرھ وات ۾ نه وڌو آھي چوي ٿو وات ۾ زھر آھي، جيڪو کائيندس زھر ٿي ويندو.. “ائين چوندي ساجن جو من ڦسي پيو ڳوڙھا وھي پيس!
“يار مان نه روڪيندو سانءِ دريا بادشاه پنھنجو ابو امان داتا آھي ان جي پيٽ ۾ پليا آھيون پر ننگن دنگن کان سر مٺا نه ڪبا مان ھتي آھيان ھنن کي مئي ماري کانسوا نه ڇڏيندس رھيلن جا ٻچا به منھنجا ٻچا آھن ھٿين خالي ھيس ان ڪري اڳي ڪجھه نه ڪيو ھن مھل ھٿيار ساڻ آھي جيڪو خبر اٿئي زال جو ڪابينو نياڻين جا ھڙ زيور کپائي ورتو اٿم….”
ساجن ته ھليو ويو پر امير جو ھنيانء به ڄڻ ڳري پيو.
“سڀ نڪتا ٿا وڃن سڪيءَ تي پنھنجو ڇا ٿيندو؟” امير جي زال ڳڻتيءَ ۾ مڙس کان پڇيو
“پاڻ به ھڪ ڏينھن نڪري وينداسي لڄن ۾ ھٿ پوندا ته بيوس آھيون ڇا ڪبو؟ امير رڇ تيار ڪندي چيو.
تنھن جي معنيٰ اڻڏٺل سڪي جي دنيا ۾ ھلنداسي…. اسان ڇولين جا پليل دريائي ماڻھو خشڪيءَ مان ڇا ڄاڻو…. اسان جي دنيا ته دلبر درياھ آھي ابي امان جهڙو مٺو اھو ئي ڪل جھان ھيٺ پاڻي مٿي آسمان ٻيڙين تي عمر گذري ڪيئي پيڙھيون ايئن گذاري ويون..
امير ڏک ۾ ڀرجي ويو جيڪا رڇ تيار ڪري رھيو سا تھر ۽ ڦريءَ سوڌو ڦٽي ڪئي ۽ مٿن کان انگوڇو رکي ٻيڙي جي تري ۾ سمھي پيو….
رات ٿي چوڏھين جو چنڊ ڄڻ ٽڪ ھنيو ٻيڙن مٿان نظر رکيو بيٺو ھو، سڀ ستل ھئا
پاڻي جي ڇٻ… ڇٻ تي اربيليءَ جي اک کلي پئي…
ڇرڪ ڀري ڏٺائين ھڪ ڌاڙيل سندس پوٽي پوپريءَ جي مٿن کان بيٺو آھي ٻيو ٻيڙي تي چڙھي پيو….
خبردار ڪتا ڇوڪر ۾ ھٿ نه وجهجان…
رڙ تي امير اٿي پيو…
اربيلي ۽ امير جيسين اٿن ڌاڙيل پوپريءَ جي ڳت ۾ ھٿ وجهي کيس گهلڻ لڳو…
پوپري رڙ ڪئي “ابا او ابا اوءِ!”
امير تڪڙو ھٿيار سنڀالڻ لڳو
نه ويندين ڀيڻ جا…..
ٻيو ڌاڙيل به چڙھي آيو ٻنھي جا ھٿ پوپريءَ ۾…
اڙي حرامي نياڻي آل ويائي آھي ڇلي ۾ آ ٽيون ڏينھن ٿس ٻڏي نٿا مرو اربيلي ھڪل ڏيندي ويجهو وڃي ڌاڙيل کي بجو ڏنو.
ڌاڙيل نه مڙيا ڇوڪري گهلڻ لڳا….
امير مھاڻي ھڪل ڪري ھڪ ڌاڙيل جي نرڙ تي بندوق رکي ڊز ڪرايس
اونڌو ٿي درياءَ ۾ ڪريو…
ٻئي ڌاڙايل بندوق جيستائين سڌي ڪئي امير ڳچيءَ ۾ فائر ڪيس اھو به ڪري پيو مئل کي لت ھڻي امير درياھ ۾ ڪيرايو….
غلام رسول به ڀاءُ سان گڏ اچي بيٺو
ٽيون ڌاڙيل ڊڪندو ڪپ تي پھتو فائر ڪيائين ته امير کي ڪلھي ۾ لڳو امير ڪري پيو اربيلي امير جي ھٿ مان بندوق کڻي سڌا فائر ڪيا ۽ ڪپ وارو ڌاڙيل ماري ٻيڙي جا رسا ڇڏائي ٻيڙي ھلائڻ لڳي، وري فائر ٻيلي ڏانھن ھلڻ شروع ٿيا
تيتر غلام رسول گولين جو ٿيلھو کڻي آيو بندوق ماءُ کان وٺي گوليون چاڙھي چڪو ھو….
نه ويندين ڪچي گار ڏئي ڌاڙيلن تي سڌا فائر ڪيا ماڻھس ٻيڙو ڇڪيندي رھي غلام رسول مقابلو ڪندو رھيو، ٻيڙو ھلائيندو رھيو غلام رسول ڌاڙيلن سان وڏو مقابلو کاڌو آخر گولين جا آواز ڍرا ڍرا ۽ پري ٿيندا ويا شايد گهڻو انگ سڪيءَ طرف ويل ھو. امير کي زال گوڏي تي سمھاري رڙي رھي ھئي اربيلي صدمي وچان بي حال ھئي سڄي ٻيڙي ۾ ڪھرام متل ھو سيوھڻ واري پاسي رخ رکيائون اڇو ڏينھن ٿيندي ئي سڪيءَ تي وڃي پھتا… پر تيستائين امير خون وھڻ ڪري نه ٻچي سگهيو موڪلائي ويو!
اربيلي جو وجود ئي ڌڏي ويو ھو پر ڀاتين کي دلجاءِ ڏيندي چيائين…
“دنگن تان سر گهوربا آھن پر عزت تي اچي ته ننگن جي ڪري دنگ ڇڏڻا پوندا آھن!
پيءُ ڌيءَ لاءِ سر ڏئي سرھو ٿيو عزت جي خاطر موت قبولڻ مھانگو سودو ناھي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟