ڪهاڻي: فريئر هال جي بينچ
Kaleem Butt
ڪهاڻيڪار
هن جيئن ئي سائيبر ڪرائيم پاران مليل ليٽر پڙهيو ته هن جا ٺپ ئي ٺري ويا، هن کي لڳو ڄڻ هن ملڪ ۾ پيدا ٿيڻ ئي هن جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه هو. ان ليٽر ۾ هن جي ايپ کي ملڪي ۽ مذهبي قانون جي خلاف هجڻ جي بنياد تي بند ڪرڻ جي ڳالهه ٿيل هئي. اها ايپ هن هڪ سال اڳ شروع ڪئي. ان هڪ سال اندر شهر جي پوش علائقن ۾ رهندڙ ڪيترين ئي ماين هن سان رابطو ڪيو. هڪ سال اڳ هن هڪ مشهور ڪمپني لاءِ هڪ ايپ ٺاهي، پر آخري ميٽنگ ۾ ڪمپني هن کان ايپ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن ان ايپ کي تيار ڪرڻ لاءِ ڇهن مهينن تائين ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا، پر جڏهن آخري ميٽنگ ۾ ڪمپني هن جي ايپ وٺڻ کان انڪار ڪيو ته هو نراسائي ۾ فريئر هال جي پارڪ ۾ آيو. هوريان هوريان سج لهي رهيو هو ۽ پارڪ ۾ مرد ۽ مايون واڪ ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳا. ڪجهه ماين سان ٻار به هئا. هرڪو پنهنجي ئي دنيا ۾ گم لڳو پيو هو، ڪنهن کي به ٻئي ڪنهن جي پرواهه ڪونه هئي. هن کي پارڪ ۾ ڪيترا ئي اداس چهرا ڏسڻ ۾ آيا، انهن سڀني چهرن ۾ هڪ ڳالهه ساڳي هئي، هر چهرو کيس پريشان ۽ زندگيءَ کان بيزار ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هن کي لڳو جيئن ته هو پاڻ پريشان هو ان ڪري کيس باقي سموري دنيا پريشان نظر اچي رهي هئي. هن شاگردي جي ڏينهن ۾ ڪنهن ڪهاڻي ۾ پڙهيو هو ته جڏهن من اندر جي دنيا ويران هوندي آهي، تڏهن ٻاهرين دنيا به ويران لڳندي آهي. ان پل پنهنجي من جي ويراني ۽ اداسيءَ کي پرکندي کيس ان ڪهاڻيءَ ۾ لکيل اهو جملو سئو سيڪڙو سچ لڳو. هو اداسي ۽ پريشاني جي عالم ۾ سگريٽ ڇڪيندو بنا ڪنهن مقصد جي هيڏانهن کان هوڏانهن هلندو ٿي رهيو ۽ وقفي وقفي سان زمين کي ٿڏو ٿي هنيائين ڄڻ هو دنيا جي گولي کي ٿڏيندو هجي. هن کي يونيورسٽي جي پروفيسر جي ان ليڪچر تي به ڪاوڙ آئي جنهن ۾ پروفيسر ڪلاس کي ٻڌايو هو ته جيڪڏهن انهن ايپ ٺاهڻ سکي ورتي ته دنيا جي ڪابه طاقت سندن رستا روڪ نه ڪري سگهندي ۽ اهي گهر ويٺي ئي لکين رپيا ڪمائي سگهندا. پروفيسر جي اها ڳالهه ٻڌي هن جي اکين ۾ عجيب قسم جي چمڪ اچي وئي هئي. پروفيسر جو اهو هڪ جملو هن جي روح ۾ لهي ويو ۽ هو ٻيا سڀ ٻيڙا ساڙي ايپ ٺاهڻ جي ڪم سان لڳي ويو. فائينل ايئر تائين جڏهن به هو پروفيسر کي ڪنهن ايپ ٺاهڻ وارو خيال ٻڌائيندو هو ته پروفيسر هن جي ساراهه ڪندي هن کي همٿائيندي چوندو هو: جيڪڏهن تو ائين محنت ڪئي ته ضرور اڳيان نڪري ويندين، پر جڏهن هن پروفيشنل دنيا ۾ پير پاتا ته وک وک تي کيس پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. هڪ سافٽ ويئر هائوس ۾ کيس نوڪري ملي، پر ٽن مهينن ۾ ئي هو نوڪري مان بيزار ٿي ويو. هن جو خواب پنهنجو ايپ ٺاهي لانچ ڪرڻ هو. هن ڏهن ڪمپنين کي پنهنجي ايپ جي حوالي سان پچ موڪليون، پر هر ڪمپني سندس پچ رد ڪري ٿي ڇڏيو. نيٺ هڪ سافٽ ويئر هائوس جيڪو اڃان تازو ئي کليو هو ان شرط تي سندس پچ قبول ڪئي ته جيڪڏهن هو ڇهن مهينن اندر پنهنجي خرچ تي اها ايپ ٺاهي وٺندو ته هن کان اها ايپ ورتي ويندي، پر جڏهن آخري ميٽنگ جو ڏينهن آيو ته ان سافٽ ويئر هائوس به هن جي ايپ مان هٿ ڪڍي ڇڏيا.
فريئر هال جي پارڪ ۾ هلندي هن جي ڪنن تي زائفائڻو آواز پيو:
ٻڌو اوهان وٽ ٿورو ٽائيم آهي پليز؟
هن ڪنڌ کڻي بينچ تي ويٺل هڪ پنجاهه سالن جي مائي کي ڏٺو، هن مرڪندي چيس:
پليز مون کي اوهان جو رڳو ٿورو ٽائيم گهرجي، گذريل ٽن هفتن کان مون سان ڪنهن به ماڻهو نه ڳالهايو آهي، هاڻي ته مون کان اهو به وسرندو پيو وڃي ته انساني آواز ڪيئن هوندو آهي! اهو ٻڌي هو حيراني مان ان مائي ڏانهن وڌي ويو.
اچو پليز منهنجي پاسي کان ويهو. مائي چيس. هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو.
شرمائڻ جي ڪا ڳالهه ڪونهي، پليز منهنجي پاسي کان ويهو. مائي جو هر جملو کيس ويتر پراسرار ڪندو ٿي ويو. هو نه چاهيندي به مائي جي پاسي کان ويهي رهيو.
اوهان جو اڪيلائي جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ مائي مرڪندي پڇيس. هن هڪ ڀيرو مائي جي منهن ۾ ڏسي ڪلها لوڏي پنهنجي اڻڄاڻائي جو اظهار ڪيو.
شروع شروع ۾ اڪيلائي سٺي لڳندي آهي پوءِ هڪ وقت ايندو آهي جڏهن اهائي اڪيلائي ڏنگڻ لڳندي آهي. مائي ڳالهائڻ لڳي. هو جنهن نموني ڳالهائيندي ٿي وئي ان مان کيس لڳو مائي واقعي وڏي وقت کان ڪنهن ماڻهو سان ڪونه ڳالهايو هو. هو مائي جي هر جملي کي غور سان ٻڌڻ لڳو.
زندگيءَ ۾ ڪجهه خواهشون اهڙيون هونديون آهن جن کي حاصل ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي، اوهان جي به ڪا اهڙي خواهش هوندي؟ مائي پڇيس.
نه اڃان ته مون زندگيءَ ۾ ڪجهه ڏٺو ئي نه آهي، هن جواب ڏنو. مائي هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو.
ڇا مان اوهان جو نالو پڇي سگهان ٿي؟ مائي چيس ۽ وري انهيءَ پل پنهنجي ڳالهه جي نفي ڪندي چيائينس: خير ڇڏيو نالي کي… انسان اڄ تائين اهي ئي ساڳيا نالا رکندو آيو آهي. اوهان جي نالي ۾ به ڪا خاص ڳالهه ڪونه هوندي. اهو ٻڌي هو ويتر وائڙو ٿي ويو ۽ ويتر حيرانيءَ مان مائي ڏانهن ڏٺائين.
ڀلا ٻڌايو اوهان جو ساڙ جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ مائي پڇيس ۽ ان کان اڳ جو هو پنهنجا چپ چوري ها، مائي پاڻ ئي ڳالهايو:
ان کي به ڇڏيو ان تي پوءِ ڳالهائينداسين. هن وري به وائڙن جيان مائي جي منهن ۾ تڪيو، هن ڀيري مائي جون نظرون پارڪ جي وچ ۾ بيٺل گهاٽي وڻ ۾ هيون.
اهو وڻ ڏسو پيا، مائي ان وڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيس.
جي، هن به وڻ ڏانهن ڏسندي جواب ڏنو.
چون ٿا ان وڻ جي عمر نوي سالن کان مٿي جي آهي. مائي بنا وڻ مان نظرون ڪڍي ڳالهايو. هن حيرانيءَ مان وڻ کي ڏٺو.
مون ٻڌو آهي ته هر مهيني جي چوڏهين جي رات جو جڏهن چنڊ هن وڻ جي بلڪل مٿان هوندو آهي ته وڻ چنڊ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندو آهي، وڻ سڄي رات چنڊ سان ڳالهيون ڪندو رهندو آهي ۽ جڏهن پرهه ڦٽڻ واري هوندي آهي ته وڻ ڪجهه پلن لاءِ سجدي ۾ هليو ويندو آهي. ان کانپوءِ وري سڄو مهينو چپ ٿي ويندو آهي. مون کي لڳي ٿو مان به ان وڻ جيان ٿيندي پئي وڃان سڄو مهينو چپ چوڏهين جي رات جي انتظار ۾! مائي چيس اڃان به سندس نظرون وڻ ۾ هيون. مائي جي اها ڳالهه ٻڌي هن کي مائي کان ڀئو ٿيڻ لڳو. هن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته هن جي پاسي کان ويٺل مائي سچ ۾ انسان هئي يا ڪا ٻي مخلوق! هڪ پل لاءِ ٻنهي جي وچ ۾ ماٺ اچي وئي. مائي اڃان به گهاٽي وڻ کي ڏسندي چيس:
مون ڪجهه گهڙيون اڳ توسان آخري خواهش جي ڳالهه ڪئي. هن هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو ته مائي چيس:
تو انتون چيخوف جي ڪهاڻي دَ ليڊي وٿ دَ ڊاگ پڙهي آ؟
نه، هن مختصر جواب ڏنس.
اها ڪهاڻي ماسٽر پيس اٿئي، مائي اداس لهجي ۾ چيس.
اڇا! هن وري به مختصر جواب ڏنس.
منهنجي خواهش اها آهي ته جيڪر ان ڪهاڻي جو اصل مسودو مون کي ملي وڃي ته ان لاءِ مان پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي سگهان ٿي.
وري هڪ پل لاءِ ٻئي ماٺ ٿي ويا، ماٺ کي ٽوڙيندي مائي چيس:
ڇا تون مون سان اڄ ڊنر ڪري سگهين ٿو؟
اهو ٻڌي هو هٻڪڻ لڳو ۽ نيٺ ها ڪيائين. اهي بينچ تان اٿيا ۽ پارڪ کان ٻاهر وڃڻ لڳا. اهي هڪ اوپن ايئر ريسٽورينٽ تي ويهي رات جي ماني کائڻ لڳا، ان وچ ۾ رڳو مائي ڳالهائيندي رهي هو چيخوف جي ان ڪهاڻي بابت ڳالهائڻ لڳي. ان ڪهاڻي سان منهنجو خاص لڳاءُ ان ڪري آهي جو گم ٿيڻ کان اڳ منهنجو بابا انهيءَ ڪهاڻي کي اردو ۾ ترجمو ڪري رهيو هو. بابا ڪميونسٽن جي ٽرانسليشن بيورو ۾ مترجم طور ڪم ڪندو هو. هن روسي ادب ۽ خاص ڪري ڪميونزم جي پرچار وارو ڪيترو ئي ادب اردو ۾ ترجمو ڪيو، پر جڏهن به چيخوف جي ڪا ڪهاڻي ترجمو ڪرڻ ويهندو هو ته ڄڻ ڪنهن ٻئي جهان ۾ هليو ويندو هو، بابا جو چوڻ هو ته چيخوف جهڙا ڪهاڻيڪار صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هو چيخوف جي اها ڪهاڻي ترجمو ڪرڻ لڳو، انهن ئي ڏينهن ۾ ٽرانسليشن بيورو تي ڇاپا وڌي ويا ۽ رياستي ادارن کي اتي جيڪو به مليو ٿي ان کي کنڀي کنيو ٿي ويا، هڪ ڏينهن بابا کي هڪ ٽيلي گرام مليو جنهن ۾ لکيل هو بيورو تي ڇاپا وڌي ويا آهن سڀني ساٿين کي هوشيار رهڻ جي صلاح ڏجي ٿي. بابا ٽيلي گرام پڙهي ان کي چلهي ۾ ساڙي ڇڏيو. بابا چيخوف جي ڪهاڻي ۾ اهڙو ٻڏل هو جو بنا ڪنهن جي پرواهه ڪندي بيورو لاءِ نڪتو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ هو وري ڪڏهن به گهر ڪونه وريو. پوءِ وري هو اڪيلائي تي ڳالهائڻ لڳي. هو رڳو ها، نه ۽ اڇا ئي ڪندو رهيو. ماني کائي اٿيا ته مائي هن کان موڪلايو ۽ پرس مان پنج هزار جو نوٽ ڪڍي هن ڏانهن وڌايائين.
مون کي پئسا نه گهرجن. هن هٻڪندي مائي کي چيو.
دنيا ۾ ڪابه شيءِ مفت ۾ نه هجڻ گهرجي. وقت ته بلڪل به نه، تو مون سان پنهنجو قيمتي وقت ونڊيو آهي ان جي اجرت اٿئي، مائي مرڪندي چيس. هو اڃان به پئسا وٺڻ لاءِ راضي نه ٿيو ته مائي چيس:
ان سان پنهنجي هيءَ ملاقات پروفيشنل رهندي ۽ پاڻ هڪٻئي مان ڪابه اميد ڪونه رکنداسين. ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ هن مائي کان پئسا ورتا. مائي هن کان موڪلائي هلي وئي. هو ڪيتري ئي دير تائين اتي بيٺو رهيو ۽ مائي سان اهڙي پراسرار ملاقات بابت سوچيندو رهيو. رات دير سان جڏهن هو فليٽ تي پهتو ته مائي جي چيخوف جي ڪهاڻي جي اصل مسودي واري خواهش جو پڙاڏو ذهن ۾ اٿڻ لڳس.
ڇا مان هن جي اها خواهش پوري ڪري سگهان ٿو؟ هن سوچيو ۽ ليپ ٽاپ کولي چيخوف جي ان ڪهاڻي بابت پڙهڻ لڳو. هن کي هڪ ويب سائيٽ تان اها به ڄاڻ ملي ته ان ڪهاڻي جو چيخوف جي هٿ اکر لکيل مسودو ماسڪو جي هڪ ميوزيم ۾ رکيل هو. هن انهن پنن جو عڪس ڏٺو، انهن تي لکيل روسي ٻوليءَ جا اکر کيس عجيب لڳا، انهن پنن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نظر ڪونه آيس جنهن لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي سگهجي، پر پوءِ به مائي جي انهن پنن کي حاصل ڪرڻ واري خواهش هن جي دماغ ۾ ائين اٽڪي جيئن پير ۾ ڪا ڇيت اچي اٽڪندي آهي ۽ هڪدم سموري جسم ۾ سور جو احساس اڀرندو آهي. هو بيڊ تي ليٽي انساني اڪيلائي بابت سوچيندو رهيو.
ٻئي ڏينهن هو شدت سان شام ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو جيئن وري فريئر هال وڃي ان مائي سان ملي جنهن جي نالي جي نه هن کي خبر هئي نه ئي وري مائي کي هن پنهنجو نالو ٻڌايو هو. شام جي انتظار ۾ هو هڪٻئي پٺيان ڪيترائي سگريٽ ڇڪي ويو. شام جو شيو ڪري نئين شرٽ ۽ ڊريس پينٽ پائي بلڪل ائين تيار ٿيو ڄڻ ڪنهن پروفيشنل ميٽنگ لاءِ ويندو هجي. هو رات جي نائين وڳي تائين پارڪ ۾ ڦرندو رهيو، پر کيس اها مائي نظر نه آئي، هو ان بينچ تي نظر رکي هلندو رهيو، پر اها بينچ خالي ئي رهي. مانيءَ دوران مائي کيس مذاق ڪندي چيو هو: جيڪڏهن تو اڃان تائين ڪنهن ڇوڪريءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار نه ڪيو آهي ته منهنجي صلاح مڃجان ۽ پنهنجي پهرئين محبت جو اظهار فريئر هال جي انهيءَ بينچ تي ويهي ڪجانءِ. ان بينچ لاءِ هڪ ڳالهه مشهور آهي ته جيڪو به هن بينچ تي ويهي پنهنجي پهرين محبت جو اظهار ڪندو آهي ته اهو ان محبت کي هر حال ۾ حاصل ڪري وٺندو آهي. خالي بينچ کي ڏسندي جڏهن کيس مائيءَ جي ٻڌايل اها ڳالهه ياد آئي ته هن جي منهن تي پاڻمرادو مرڪ اچي وئي. ٻيو ۽ ٽيون ڏينهن به ائين هو پارڪ ۾ گهمندو رهيو، پر کيس اها مائي نظر نه آئي. ان تي هو پريشان رهڻ لڳو ۽ هر هر ذهن ۾ رڳو هڪ خيال ٿي آيس ته نيٺ اها مائي ڪير هئي ۽ کيس ڪٿي ڳولجي؟ چوٿين ڏينهن هو جيئن ئي فريئر هال پهتو ته کيس اڳواٽ ئي بينچ تي اها مائي ويٺل نظر آئي. ان کي ڏسي هن جي منهن تي مرڪ اچي وئي ۽ بنا هٻڪ جي مائي ڏانهن هليو آيو. مائي هن کي ائين نظر انداز ڪري ڇڏيو ڄڻ اهي ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻ ۾ مليا ئي نه هجن.
معاف ڪجو ڇا مان اوهان کي سڃاڻا! مائي هن کي ڏسندي پڇيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻ هتي ئي مليا هئاسين. اوهان چيخوف جي ڪهاڻي جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ موڪلائڻ مهل اوهان مون کي پئسا به ڏنا هئا. هن هڪ ساهي ۾ مائي کي ٻڌايو.
او اڇا اهي اوهان هئا! معاف ڪجو مون کان ماڻهن جا نالا ۽ شڪلون وسري وينديون آهن. مائي مرڪندي چيس.
اوهان گذريل ڀيري چيخوف جي ڪهاڻي جي اصل مسودي کي هٿن ۾ کڻڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. هن ڀيري هن هٻڪندي چيس.
او اڇا! مائي ائين مرڪي ڏنو ڄڻ کيس هڪدم ڪا وسريل ڳالهه ياد اچي وئي هجي. هو بينچ تي مائي جي پاسي کان ويهي رهيو.
ساڙ بابت اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ مائي پڇيس.
ميڊم معاف ڪجو مان ڪو فلسفي يا نفسياتي ماهر نه آهيان، هن ڪلها لوڏيندي جواب ڏنس. اهو ٻڌي مائي مرڪي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏڻ لڳي ۽ چيائينس:
اهو احساس به ڏاڍو عجيب هوندو آهي، توکي خبر آهي ساڙ جي وڏي ۾ وڏي خرابي ڪهڙي آهي؟ ۽ هن جي جواب جي انتظار ڪرڻ بنا ئي ڳالهائيندي وئي: اسان پنهنجن ويجهن عزيزن مان ئي ساڙ ڪرڻ سکندا آهيون. هوءَ منهنجي وڏي ڀيڻ هئي، مون کان هڪ سال وڏي، هوءَ رنگ جي ته سانوري هئي، پر قد جي ڊگهي ۽ وڏين ڪارين اکين واري ڪا سهڻي بنگالڻ لڳندي هئي. اسين ڪاليج وڃڻ لڳيونسين ته پاڙي جي هڪ ڇوڪري کي هن سان محبت ٿي وئي ۽ اتان کان منهنجو هن سان ساڙ شروع ٿيو، ڇو جو اهو ڇوڪرو مون کي به وڻندو هو. هوريان هوريان اهي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ لڳا ۽ مون کي لڳو ڄڻ مان نظرانداز ٿيندي هجان. من اندر ان ڇوڪري کان وڌيڪ پنهنجي ڀيڻ تي سڙڻ لڳيس، اهو ساڙ هن سان نفرت تائين وڃي پهتو. هوريان هوريان مان اهو سوچڻ لڳيس ته جيڪر منهنجي ڀيڻ ڄمي ئي نه ها ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ڪاليج ويندي هڪ ڇوڪري هن مٿان ايسڊ اڇلايو جنهن جي ڪري منهنجي ڀيڻ جو اڌ منهن سڙي ويو. خبر اٿئي اهو ڇوڪرو ڪير هو؟ اهو بابا جو اسسٽنٽ هو ۽ هن جي انقلابي پارٽيءَ جو ميمبر هو، هو بابا کي پنهنجو گرو مڃيندو هو. بابا سان اڪثر اسان جي فليٽ تي ايندو هو. انهيءَ اچ وڃ دوران مون کيس پنهنجي پيار جي ڄار ۾ ڦاسايو کيس پنهنجي پيار ۾ اهڙي ريت قابو ڪيم جو هو منهنجي چوڻ تي اهو ڪم ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويو، پر ان عمل کانپوءِ ڄڻ ڪا شيءِ هئي جيڪا هن کي اندران ئي اندران کائڻ لڳي. هو مون کان پري رهڻ لڳو، هن جي من ۾ ڏوهه جو احساس وڌڻ لڳو، هن جي اکين هيٺان عجيب قسم جا ڪارا نشان اڀري آيا ۽ مون محسوس ڪيو ڄڻ هاڻي هن کي هن دنيا ۾ رهڻ جي وڌيڪ آس ئي نه هئي. نيٺ هڪ رات جو هو اسان جي فليٽ ۾ بابا جي پيرن ۾ ويهي رهيو ۽ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيائين. بابا کي ايتري ته ڪاوڙ آئي جو کيس فليٽ تان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيائين. بابا ويڳاڻن جيان ٿي پيو، هن کي يقين نٿي آيو ته ڪو هن جي ايڏو ويجهو ماڻهو هن سان اهڙي ويساهه گهاتي ڪري سگهيو ٿي! هو ڪنهن تي اعتبار ڪري ۽ ڪنهن تي اعتبار نه ڪري انهيءَ مونجهاري ۾ رهڻ لڳو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هو اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويو. اسان کي تنظيم پاران ٻڌايو ويو ته ٿي سگهي ٿو کيس ڪو رياستي ادارو کڻي ويو هجي، پر ڪهڙو ادارو ان جي ڪنهن کي به خبر نه هئي. بابا جي آفيس واري ميز تان چيخوف جي ڪهاڻيءَ جو اڌ ترجمو ٿيل ڊرافٽ به مليو. بابا کانپوءِ اسان جي گهر جو ماحول هڪٻئي لاءِ ويڳاڻو ٿي پيو. امان پنهنجي سموري زندگي وڏي ڀيڻ جي سارسنڀال ۾ هڻي ڇڏي ۽ مان… مان اڪيلي جو اڪيلي رهجي ويس. مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته پنهنجي گهر جي تباهي جو ڪارڻ مان ئي هيس ۽ ويتر گناهه جي احساس هيٺ رهڻ لڳيس. گناهه جو احساس به عجيب ٿيندو آهي، اهو اسان جي من اندر ۾ موت جي تمنا کي ويتر وڌائي ويندو آهي. ان ٽينشن ۾منهنجو وزن به وڌڻ لڳو، مون کي اهو به احساس ٿيڻ لڳو ڄڻ وڏي ڀيڻ بدران منهنجي منهن جو اڌ حصو سڙيل هجي… منهنجي منهن ۾ ڏس ڇا توکي اهو سڙيل نظر اچي ٿو؟
نه، هن انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيس.
پر مون کي ماڻهن جون عجيب نظرون تنگ ڪرڻ لڳيون، ائين لڳندو اٿم ڄڻ اهي منهنجي اڌ سڙي ويل منهن تي طنز ڪندا هجن، مون کي ترس ڀري نظرن سان ڏسندا هجن. ڪجهه وقت کانپوءِ منهنجي شادي انهيءَ ڇوڪري سان ٿي وئي جنهن سان منهنجي وڏي ڀيڻ محبت ڪندي هئي. هڪ شام جو اسين چانهه پي رهيا هئاسين، منهنجي مڙس مون کي هڪ خط ڏنو، جيڪو وڏي ڀيڻ جي هٿ اکرن ۾ لکيل هو. ان ۾ لکيل هو جيڪڏهن تو مون سان سچ ۾ ڪڏهن محبت ڪئي آهي ته منهنجي ڀيڻ سان شادي ڪر هوءَ اڪيلي ٿي وئي آهي ۽ هن وقت کيس تنهنجي وڌيڪ ضرورت آهي. اهو خط پڙهي مون وڏيون رڙيون ڪري روئڻ ٿي گهريو، پر پنهنجو آواز وڃائي ويٺس. ٻن مهينن تائين مان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪريان تڏهن به منهنجي نڙي مان لفظ نه نڪرن. ڪيتريون ئي ٿراپيون ڪرايون، پر اڃان به ڪڏهن ڪڏهن گونگي ٿي ويندي آهيان…
آسپاس اوندهه ٿيڻ لڳي، پارڪ خالي ٿيڻ لڳو. اهي ٻئي اٿيا مائي پرس مان پنج هزار ڪڍي هن ڏانهن وڌايا. هن ڀيري هن بنا هٻڪ جي مائي کان پئسا وٺي ڇڏيا. هو مائي کي پٺي ڏئي وڃڻ لڳو ته مائي هوريان چيس:
مون سان ڊنر ڪندين؟
اهي وري ساڳي ئي اوپن ايئر ريسٽورينٽ تي آيا. ان رات فليٽ تي موٽندين هن کي هڪ اهڙي ايپ ٺاهڻ جو خيال آيو جنهن ۾ اڪيلائي ۾ ورتل ماڻهو پئسا ڀري هن جو ٽائيم خريد ڪري سگهن، اهي فريئر هال جي بينچ تي ويهي هن کي پنهنجي من اندر جون ڳالهيون ٻڌائين ۽ پوءِ هرڪو پنهنجو پنهنجو رستو وٺي هليو وڃي.
ڪجهه ئي وقت ۾ هو اهڙي ايپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو، ايپ جي شرطن ۾ ڄاڻايل هو: هي صرف ڪلائنٽ سرور ناتو هوندو، اوهان جا پئسا ۽ اسان جو وقت، هر حال ۾ ملاقات ۾ ڪيل ڳالهين کي راز ۾ رکيو ويندو. ايپ ۾ لاگ ان ٿي ملاقات لاءِ پنهنجي مرضي جو ڏينهن ۽ وقت مقرر ڪيو. هنڌ فريئر هال جي پارڪ ۾ بينچ، هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري پيمنٽ ڪريو.
شروع ۾ ته ڪو خاص ريسپانس ڪونه آيس. ٻن هفتن تائين کيس هڪ به ڪلائنٽ ڪونه مليو. پوءِ هڪ شام جو هن سان پهرئين ڪلائنٽ رابطو ڪيو. ان ڪلائنٽ هن کي ڇنڇر جي شام جو ٽي ڪلاڪ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. هن هڪدم هاڪار ۾ جواب ڏيندي وقت تي فريئر هال جي پارڪ ۾ بينچ تي ويهڻ جو چئي پئسا ڀرڻ جو چيو. ويهن منٽن ۾ هن جي موبائيل تي بينڪ جو ميسج آيو جنهن ۾ اڪائونٽ ۾ پئسا اچڻ جو اطلاح هو. ميسج پڙهي هن جي منهن تي مرڪ اچي وئي. ڇنڇر جي شام تي هو تيار ٿي فريئر هال جي پارڪ پهتو. انهيءَ ساڳي بينچ تي کيس هڪ مائي ويٺل نظر آئي، اها رنگ جي سانوري ۽ سنهڙي هئي، مٿي جا اڌ وار اڇا هئس، ۽ پنجاهه سالن کان مٿي جي ڄمار جي پئي لڳي. هو بينچ جي ويجهو آيو ته مائي هوريان پڇيس:
ايپ مين؟
يس ميم. هن مرڪي جواب ڏنس. مائي بينچ تي ٿورڙو سرڪي، هو مائي جي پاسي کان ويهي رهيو. آسپاس واڪ ڪندڙ ماڻهن لاءِ ڄڻ اهي هئا ئي ڪونه.
اڄ ڪلهه جي نسل پئسا ڪمائڻ جا ڪهڙا نه عجيب و غريب طريقا ڳولهي لڌا آهن، خبر ناهي هي ٽيڪنالاجي ڪٿي وڃي دنگ ڪندي! مائي مرڪي دوستاڻي انداز ۾ چيس. هن جي ڳالهائڻ جو انداز ڪنهن فلسفي جهڙو هو.
خبر اٿئي مان ٽن مهينن ۾ پهريون ڀيرو گهران نڪتي آهيان، هيءَ جيڪا منهنجي ڌيءَ آهي نه ان منهنجي گهران نڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، سڄو ڏينهن گهر ۾ اڪيلي ويهي رڳو ڀتين کي تڪيندي رهندي آهيان. ائين لڳندو اٿم ڄڻ ڪا قيدياڻي هجان، ڪنهن پيرن کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيو هجي. متان سمجهين ته منهنجي ڌيءَ ڪو مون تي ظلم ڪندي آهي، اهو ته هن جو مون سان پيار آهي، پر پوءِ به هر انسان جي پنهنجي الڳ شخصيت به ته ٿئي ٿي نه! معاف ڪجانءِ ڪٿي مان گهڻو ته نه پئي ڳالهايان…
نه، نه اوهان مون کان وقت خريد ڪيو آهي ۽ ايندڙ ٽن ڪلاڪن تائين مان اوهان جي هر ڳالهه ٻڌڻ جو پابند آهيان. هن مرڪي مائي کي جواب ڏنو. مائي به مرڪي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ وري ڳالهائڻ لڳي:
ٻه سال اڳ مون واري ڌيءَ مون کان ڪاليج ڇڏرايو، چيائين منهنجي خرچ جو هوءَ پاڻ ئي خيال رکندي، هاڻي مون کي گهران نڪرڻ جي ضرورت ئي ڪونهي. مان ڪاليج ۾ فلسفي جي پروفيسر هيس. هڪ ڳالهه ته ٻڌائي هي اسان وارا دانشور پليٽو کي افلاطون ڇو سڏيندا آهن ۽ سوڪريٽس کي سقراط ڇو سڏيندا آهن؟
معاف ڪجو ميڊم مون کي فلسفي ۽ فلسفين جي نالن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ ڪونهي. هن سلڇڻي انداز ۾ مائي کي جواب ڏنو. مائي وري هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ ڳالهائڻ لڳي:
مون کي لڳي ٿو هي جيڪو افلاطون هو نه اهو وڏو شاطر قسم جو ماڻهو هو هن جو خيال هو ته جمهوريت بڪواس ٿيندي آهي ۽ هڪ خاص طبقي کي حڪمراني ڪرڻ جو حق آهي ۽ اهي ڳالهيون وري هو پنهنجي استاد سقراط جي ڪلهي تي بندوق رکي ڪندو هو. مون کي لڳي ٿو سقراط هڪ حقيقي ماڻهو بدران افلاطون جو تخليق ڪيل افسانوي ڪردار هو. افلاطون سقراط جو جيڪو خاڪو ٻڌائي ٿو ان موجب سقراط بدصورت ماڻهو هو، پر سندس دماغ بلڪل هن گهاٽي وڻ جيان هو. مائي ماٺ ڪري پهرين مائي جيان ان گهاٽي وڻ کي ڏسڻ لڳي. مائي جون اهي سڀ ڳالهيون هو دلچسپيءَ سان ٻڌندو رهيو. هن کي اهو به احساس ٿيڻ لڳو ڄڻ هيءَ مائي ۽ ان مائي جيڪا اڳ هن سان ملي هئي ۾ ڪا نه ڪا هڪ جهڙائي ضرور هئي.
خير تنهنجو مهم جوئي بابت ڇا خيال آهي؟ مائي سوال ڪيس. هو ڪلهن لوڏڻ کانسواءِ ڪوبه جواب ڏئي نه سگهيو. ان تي مائي چيس:
مون کي لڳي ٿو اسان جا ايڊونچر ئي اسان جي شخصيت جي عڪاسي ڪندا آهن، اهي اسان جي زندگين ۾ تجسس کي برقرار رکندا آهن ۽ اهي ايڊونچر ئي اسان ۾ جيئڻ جي آس کي برقرار رکيو ايندا آهن. تو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو ايڊونچر ڪيو آهي؟
نه اهڙو ته ڪو خاص ايڊونچر ڪونه ڪيو اٿم. هن وري به سلڇڻي انداز ۾ جواب ڏنس. مائي هڪدم بينچ تان اٿي ۽ مرڪندي چيائينس:
اچ مون سان.
هن بنا آڏي پڇا ڪرڻ جي اٿي مائي سان هلڻ شروع ڪيو. اهي فريئر هال جي پارڪ کان ٻاهر نڪري آيا. مائي هڪ ٽيڪسي کي هٿ جي اشاري سان بيهاريو ۽ ڊرائيور سان ڳالهائيندي چيائين:
آٽريم مال هلڻو آهي.
جي ميڊم ويهو. ڊرائيور جواب ڏنس. اهي ٻئي ٽيڪسي ۾ پٺيان ويهي رهيا. گاڏي هلڻ لڳي، هن جي ٽنگ مائي جي ٽنگ سان لڳي. هن جي اندر ۾ گرم جذبا اڀرڻ لڳا، پر پهرين ڪلائنٽ هجڻ جو سوچي هن انهن جذبن کي اڀرڻ کان اڳ ئي ماري ڇڏيو. اهي مال وٽ پهتا. مائي ٽيڪسي واري کي پئسا ڏنا. اهي مال ۾ گهمڻ لڳا، ڪيڏي مهل ڪاسميٽڪس جي آئوٽ ليٽ ۾ ته ڪيڏي مهل برانڊيڊ بيگن جي آئوٽ ليٽن ۾ ٿي ويا. هنن ڪلاڪ کن ۾ سڄو مال ئي لتاڙي ورتو. اهي هڪ گفٽ شاپ ۾ ويا، مائي جون نظرون گلابي رنگ جي دل واري ڪي چين تي ڄمي ويون، هوهر هر هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي ۽ هڪدم ڪي چين کڻي برا ۾ لڪائي ڇڏيائين. اهو لقاءُ ڏسي هو وائڙو ٿي ويو. هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو، مائي دڪان کان ٻاهر هلي وئي، هو وائڙن جيان مائي جي پٺيان نڪتو، سيلز گرلز ۽ ڪائونٽر وارا کين حيرانيءَ مان تڪيندا رهيا، مائي خوشيءَ ۾ هلندي رهي، پر هو لڄي ٿيندو رهيو، مائي پرفيوم جي آئوٽ ليٽ ۾ وئي اتان به پرفيوم جي هڪ ننڍڙي شيشي کڻي ڪنڊ ۾ ٿي ان کي به برا ۾ رکيائين. هاڻي هن کي پگهر اچڻ لڳو، پر مائي پنهنجي مستيءَ ۾ هلندي ٿي رهي. ڪجهه دير کانپوءِ هن ڏٺو ته ٻه مايون ۽ هڪ مرد جن کي سڪيورٽي واري وردي پهريل هئي ۽ همراهه جي هٿ ۾ وائرليس سيٽ هو، هنن وٽ آيا، مرد نرم انداز ۾ چئين:
سر، ميڊم پليز اسان سان گڏ اچو.
هو ککو وکو ٿيڻ لڳو، هن جا چپ ٿڙڪڻ لڳا، هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪري يا ڇا چئي! کيس ائين لڳو ڄڻ پهرين ئي ڌڪ ۾ هو ڪنهن وڏي ڏچي ۾ اچي ڦاٿو هو. اهي کين ڪنٽرول روم ۾ وٺي آيا، ٻه وردي واريون مايون ان مائي کي ننڍڙي ڪمري ۾ وٺي ويون ۽ هن جي چڪاس ڪيائون، هن وٽان کين ڪي چين، پرفيوم جي شيشي ۽ هڪڙي سونهري واچ هٿ آئي. هنن اهي شيون اچي ٽيبل تي رکيون. هنن مائي کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو چيو. هو ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي اڳ ئي پاسي واري ڪرسيءَ تي ويٺل هو. ورديءَ وارو همراهه پوليس کي گهرائڻ جي ڳالهه ڪرڻ لڳو. ان تي ويتر کيس پگهر اچڻ شروع ٿي ويا. مائي ان ورديءَ واري همراهه کان هڪ فون ڪرڻ جي اجازت ورتي ۽ ڌيءَ کي ڪال ڪيائين:
نو بيٽا…. سوري بيٽا… پليز ڪم ڪوئڪ….
اڌ ڪلاڪ ۾ هڪ سهڻي ڊگهي مائي جنهن جا ريشمي وار کليل هئا، پيرن ۾ پينسل هيل پهريل هيس ۽ نرڙ تي سن گلاسز رکيل هيس ڪنٽرول روم ۾ آئي ۽ ان همراهه سان نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳي. هن کيس اهو به ٻڌايو ته هوءَ هڪ چينل جي مالڪڻ هئي.
سر منهنجي امي ڪلپٽومينڪ آهي، پليز اوهان هن ڳالهه کي هتي ئي ختم ڪريو مان ڊبل پيمينٽ ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان. ان مائي جي ڌيءَ همراهه کي چيو. ڪجهه دير ۾ اهي ٽئي ڪنٽرول روم مان ٻاهر آيا. سڪيورٽي وارا هنن کي مال جي در کان ٻاهر ڇڏي ويا.
امي توکي ڪيترا ڀيرا چيو اٿم گهران نه نڪرندي ڪر، ڏٺئي نه ڇا ڪري ويٺئن! ڌيءَ چيس.
پر بيٽا… مائي صفائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيس، ڌيءَ ماءُ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي پڇيس:
۽ هي وري ڪير آهي؟
هي منهنجو دوست آهي. مائيءَ ڌيءَ کي مرڪي جواب ڏنو. ڌيءَ هن ڏانهن ڪاوڙ مان ڏٺو ۽ کيس باسٽرڊ چئي ماءُ کي ٻانهن کان پڪڙي گاڏي ڏانهن هلي وئي. هو اتي ئي اڻتڻ ۾ بيٺو رهيو. هن کي لڳو ڄڻ ان سڀ ۾ ڪو هن جو ڏوهه هو. هو فليٽ تي موٽي آيو جڏهن ان واقعي تي وري سوچڻ لڳو ته وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. هن کي ايپ بند ڪرڻ جو خيال آيو پوءِ هن جي ذهن ۾ انگريزي جو هڪ جملو ڦرڻ لڳو:
Faint-hearted don’t win fair lady
هن ايپ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو. هوريان هوريان هن کي نوان ڪلائنٽ ملڻ لڳا. انهن سڀني ۾ کيس هڪڙي ڳالهه ساڳي لڳي، سڀ ڪلائنٽ پنجاهه يا ان کان مٿي جي ڄمار جون مايون ئي هيون. هڪ ڪلائنٽ سان ان ئي ساڳي بينچ تي ويٺل هو، ان ڪلائنٽ هن کان عجيب سوال ڪيو:
مون کي هڪ ڳالهه اڄ تائين سمجهه ۾ نه آئي ته عمر جي پوئين حصي ۾ سهڻيون مايون اڪيلون ڇو ٿي پونديون آهن؟ ان سوال جو هن وٽ ڪوبه جواب نه هو. ائين به هو عمر جي جنهن حصي ۾ ان ۾ اهڙي قسم جا سوال ذهن ۾ ايندا ئي نه آهن. ان مائي جو مڙس ڇهه ڇهه مهينا گهر کان ٻاهر رهندو هو هن جي نوڪري ئي ڪجهه اهڙي هئي.
جڏهن سهڻي مائي پنهنجي جوڀن ۾ هوندي آهي ته هرڪو هن جي پاسي ۾ ويهڻ تي ئي فخر محسوس ڪندو آهي، پر اهائي مائي جڏهن عمر جي شام ۾ داخل ٿيڻ لڳندي آهي ته ڇو اڪيلي ٿي پوندي آهي؟ ان مائي پڇيس. هو سمورو وقت سهڻين ماين جي عادتن بابت ڳالهائيندي رهي ۽ هو ڌيان سان کيس ٻڌندو رهيو.
خبر اٿئي سهڻين ماين جي حوالي سان مقدس ڪتاب جي پراڻي عهدنامي ۾ ڇا ڄاڻايل آهي؟ مائي هن جي منهن ۾ تڪيندي پڇيس.
نه، هن سلڇڻي انداز ۾ جواب ڏنس.
حضرت سليمان سان منسوب ڪيل ڪتاب سانگ آف سليمان جو هڪ باب انهيءَ حوالي سان، ان ۾ ڄاڻايل آهي:
ڏس ته صحيح منهنجي دلبر تون ڪيڏي نه دلڪش آهين!
ڏس ته صحيح تون ڪيڏي خوبصورت آهين،
نقاب هيٺيان تنهنجون اهي اکيون ٻن ڪبوترن مثل آهن
تنهنجا وار ٻڪرين جي وارن جهڙا آهن
(اهي) جيڪي ڪوهه جلعاد تي ويٺل هجن،
تنهنجا ڏند انهن دنبن مثل آهن جن جا وار ڪوڙيا ويا هجن ۽ جن کي وهنجاريو ويو هجي،
جن مان هرهڪ ٻه ٻه ڦر ڏنا هجن ۽ انهن مان هڪ به سڪل ڪُک وارو نه هجي!
تنهنجا چپ ترمزي ڏور آهن،
تنهنجو منهن دلفريب آهي،
نقاب ۾ لڪل تنهنجي ڪنن جون پاپڙيون ڏاڙهون جي ٻن ٽڪرن مثل آهن،
تنهنجي ڳچي دائود (جو اڏيل) برج آهي،
جيڪو سپاهين لاءِ ٺاهيو ويو،
جنهن تي هزار ڍالون لڳل آهن،
سڀ جون سڀ پهلوانن جون ڍالون آهن،
تنهنجون ٻئي ڇاتيون،
ٻن جاڙن ڦرن مثل آهن، جيڪي ڪنول (جا گل) چرندا آهن،
جيتري تائين ڏينهن پورو ٿئي ۽ پاڇا وڌن،
مان مر جي جبل ۽ لبان جي ڀٽ تي وڃي رهندس،
اي منهنجي مٺي! تون پوري جي پوري حُسن آهين،
تو ۾ ڪوبه عيب ناهي،
اي منهنجي ڪنوار تون لبان کان،
لبان کان مون سان گڏ هلي آ،
آمانا جي چوٽي تان،
سنير ۽ حرمون جي چوٽين تان،
شيهن جي چُر ۽ چيتن جي جبلن تي نظر ڦير،
اي منهنجي مٺڙي!
اي منهنجي زال،
تو منهنجي دل چيري ڇڏي آ
پنهنجي هڪ نظر سان،
پنهنجي ڳچيءَ جي هڪ زنجيري سان،
تو منهنجي دل چيري ڇڏي آ،
اي منهنجي مٺڙي!
اي منهنجي پياري زال!
تنهنجو عشق ڪيترو نه دلڪش آ،
تنهنجي محبت شراب کان وڌيڪ لذت واري آ،
۽ تنهنجي عطر جي مهڪ هر قسم جي خوشبو کان مٿانهين آ،
اي منهنجي زال!
تنهنجي چپن مان ماکي ڳڙندي آ،
ماکي ۽ کير تنهنجي زبان هيٺان آهن،
تنهنجي پوشاڪ جي خوشبو لبنان جهڙي آهي،
منهنجي پياري
منهنجي مٺي
هڪ خوبصورت باغيچو آهي،
هڪ محفوظ واهه آهي،
هڪ بند ٿيل ڦوهارو آهي،
تنهنجي باغ جا ٻوٽا لذت ڀريا ڏاڙهون آهن،
مهندي ۽ سنبل به آهن،
بالچڙ ۽ زافران به آهن،
بيدمشڪ، دارچيني ۽ لبان جا سڀئي وڻ ٻوٽا آهن،
مُر ۽ عُود ۽ ٻي هر قسم جي خاص خوشبو،
تو باغن ۾ هڪ (دلڪش باغ) آب حيات جو چشمو ۽ لبنان جو وهندڙ پاڻي آهين،
اي اتر جي هوا جاڳ ۽ ڏکڻ کان گهل،
منهنجي باغ مٿان اچ،
جيئن ان جي خوشبو پکڙجي،
منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي،
۽ پنهنجا لذت ڀريا ميوا چکي.
هو ان ڪلام جي سحر ۾ ٻڏي ويو. هن کي ڪڏهن اهو سوچيو ئي ڪونه هو ته ڪو لفظن ۾ ايڏو جادو به سگهي ٿو. هو سدائين مشين لينگوج جي چڪرن ۾ رهيو، ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ۾ رهيو، هن کي ڪڏهن به ادب سان ڪا دلچسپي ڪونه رهي هئي، پر ان وقت جڏهن ان مائي واتان حضرت سليمان سان منسوب ڪيل گيت ٻڌو ته هوائن ۾ اڏامڻ لڳو. هو ڪيتري دير تائين ان گيت جي لفظن بابت سوچيندو رهيو.
هڪ سهڻي مائي جو تصور ئي اسان کي ڪنهن ٻئي جهان ڏانهن ڌڪي ويندو آهي. هن جي ڪنن تي مائي جو آواز پيو ته هن ڇرڪ ڀريو ۽ پنهنجي خيالن جي دنيا مان ٻاهر نڪري آيو. هر ڪلائنٽ سان ملڻ کانپوءِ هن کي زندگيءَ جي فلسفي بابت ڪا نه ڪا نئين ڄاڻ ملڻ لڳي، انهن ملاقاتن دوران هن زندگيءَ بابت ايترو ڄاڻي ورتو جيترو زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪونه ڄاڻي سگهيو هو. هن انهن ماين واتان اهي اهي ڳالهيون ٻڌيون جيڪي هو ڪڏهن به ٻڌي نه سگهي ها، انهن ڳالهين ۾ هن جي مزاج ۾ هڪ خوشگوار بدلاءُ اچڻ لڳو هو.
هن کي جنهن ڳالهه جي خبر نه هئي اها هيءَ هئي ته آن لائين پيمنٽ جي ڪري هن جو مني ٽريل ٿي رهيو هو، هن جي هر ٽرانزيشن جي مانيٽرنگ ٿي رهي هئي. هن هڪ سال ۾ وڏي رقم ڪمائي ورتي ۽ هاڻي پلي اسٽور تان ايپ ڊائون لوڊ ٿيڻ جا پئسا به ملڻ لڳا هئس. هڪ شام جو هو ڪلائنٽ کان موڪلائي پارڪ مان نڪتو ته هن جي سامهون هڪ ڪارن شيشن واري گاڏي اچي بيٺي ان مان ٻه صحت مند همراهه نڪتا ۽ هن کي ٻانهن کان پڪڙي گاڏي ۾ اندر وڌن. ان عمل تي هو ڊڄي ويو، هن جي سموري جسم ۾ رڦڻي شروع ٿي وئي. ٻئي پل هن کي پاسراٽي ۾ پستول جي ٿڌي نلي لڳڻ جو احساس ٿيو. پستول واري همراهه هن جي کيسن جي جاچ ڪئي ۽ پينٽ جي کيسي مان هن جو موبائيل فون ڪڍي ورتائين ۽ هن جي پاسراٽي ۾ پستول کي زور ڏيندي چيائينس:
جلدي بينڪ واري ايپ کول. اهو ٻڌي هو وائڙو ٿي ويو. هن ڏڪندڙ هٿن سان بينڪ واري ايپ کولي. ٻئي همراهه سٽ ڏئي هن کان موبائيل ڦري ورتو ۽ هن جي اڪائونٽ ۾ پيل سڀ پئسا پنهنجي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪيائين. گاڏي هڪ چورنگي کان ڦيرو کاڌو ۽ ڏهن منٽن ۾ وري فريئر هال وٽ پهتي. گاڏي جو در کليو ۽ هن کي ڌڪو ڏئي گاڏيءَ کان ٻاهر ڪڍيو ويو. هو ڪيتري ئي دير تائين خوف ۾ سُن بيٺو رهيو ۽ پوءِ پاڻ سنڀالي فليٽ تي آيو. ان واردات جو هن تي اهڙو اثر پيو جو ڪيترن ئي ڏينهن تائين ٻاهر ئي ڪونه نڪتو. هڪ ڏينهن کيس هڪ ليٽر مليو جنهن ۾ ايپ کي ملڪي ۽ مذهبي قانون خلاف ڄاڻائي بند ڪرڻ جي ڳالهه ڪيل هئي. ليٽر ۾ اهو به ڄاڻايل هو ته جيڪڏهن هن ٻيهر ان قسم جي ڪنهن ايپ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. کيس ان پل هيءَ زندگي هڪ وڏو عذاب لڳي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟