ڪهاڻي: گرفتاري
Akhtar Hafeez تعليمدان، ڪهاڻيڪار، صحافي، مترجم
2023ع ۾ انٽرنيشنل وزيٽرس ليڊر شپ پروگرام ھيٺ صحافي جي حيثيت ۾ آمريڪا جا مختلف ادارا گهمي چڪو آھي. آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان پريس فائونڊيشن پاران فيلوشپ سرٽيفڪيٽ به حاصل ڪندڙ
صبح جا ساڍا چار پئي ٿيا، سڄو شهر اونداهيءَ ۾ وڪوڙيل هو. ٿڌي واءُ جي سوساٽن کانپوءِ گهٽين ۾ڪجهه پلن لاءِ ماٺار ڇانئجي وئي هئي. ان مهل منهنجي زال کي ساهه ۾ مونجهه شروع ٿي. گذريل ڪجهه سالن کان هن کي ساهه ۾ سوڙهه شروع ٿي وئي آهي. جڏهن به سيارو شروع ٿيندو آهي ته هن لاءِ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. ڊاڪٽرن جا پنڌ ڪندي ڪندي نيٺ هڪ ئي حل نڪتو. اهو آهي نيبولائز ڪرڻ. جڏهن به دم جو راڪاس هن جي ڦڦڙن تي حملو ڪندو آهي ته هن کان ڳالهايو ڪونه ٿيندو آهي. لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پوندا اٿس ۽ زبان ڪونه اُٿلندي اٿس. هوءَ ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. سندس ڇاتيون تاڻجي وينديون آهن. هوءَ پنهنجو پاڻ ۾ وٽجي سٽجي وڪوڙجي ويندي آهي، ڄڻ سيني تي ڪا ڇپ ڪري پئي هجيس. بيماريءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ منهنجي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڊيڄاريندڙ ۽ خوفائتو هو، پر پوءِ سمجهيم ته جڏهن بيماري انساني وجود جو حصو ٿي وڃي ته اها زندگيءَ جو معمول بڻجي ويندي آهي، ان کي منهن ڏيڻ تڏهن سولو ٿي ويندو آهي، جڏهن اهو قبولجي ته بيماريءَ سان گڏ جيئڻو آهي.
هن کي هانڀارو لڳو، هن هٿ سان اشارو ڪيو ته کيس نيبولائزر مشين ۾ نارمل سلائن سان دوا وجهي ڏيان ته جيئن هوءَ ٻاڦ وٺي سگهي. جهٽ ۾ نيبولائزر مشين لڳايم، دوا ڀريم ۽ ماسڪ هن جي نڪ تي لڳائي ڇڏيم. هلڪي هلڪي ٻاڦ جڏهن هن جي ڦڦڙن تائين ٿورو سفر ڪندي پهتي ته هن جا ساهه هڪ سَريکا ٿيا. کيس ڪجهه فرحت محسوس ٿي. اِنهيلر کيس ناهي وڻندو، ان ڪري نيبولائز ڪرڻ کي سٺو ٿي سمجهي، پر جڏهن کان هوءَ ان مرض کي مُنهن پئي ڏئي، کيس ڊپريشن به ٿئي ٿو. تڏهن کان سندس ٿولهه وڌي آهي. اڳ جيڪي ڪپڙا کيس پورا پوندا هئا سي هاڻ بُت تي چهٽا پيا هوندا اٿس. پيٽ ۽ پولهه نڪري آيا اٿس. ٻانهون موڪريون ٿي ويون اٿس. ڪجهه گهڙين کانپوءِ هن کي سُڪون آيو. جڏهن دم اڃان مس ٿيو هئس ته انهن ڏينهن ۾ دم جو حملو ايترو سخت هوندو هو جو کيس اسپتال ۾ آڪسيجن به لڳرائڻي پوندي هئي. هاڻ ويجهڙ ۾ اهڙو ڪجهه ناهي ٿيو. مون هن جي مُنهن تان ماسڪ لاٿو. مشين بند ڪئي. کيس ڪمبل اوڍايم ۽ هاڻ کيس ننڊ اچي رهي هئي.
هيل سيارو به زورن تي آهي، آئون سيءُ جو صفا ڀاڙيو آهيان، سيءُ جي گهڻي سٽ ڪونه سهي سگهندو آهيان. سياري ۾ وهنجڻ مون لاءِ عذاب آهي. گرم پاڻيءَ سان وهنجڻو ٿو پوي، پر پوءِ به وهنجڻ مون لاءِ ڏکيو آهي. مون کي سياري جي اها رات ياد آهي، جڏهن هڪ وڳي زال کي دم سبب هانڀارو لڳو هو. مون وينٽولين دوا جي شيشي کڻي دوا نيبولائزر مشين ۾ وجهڻ جي ڪئي، پر شيشي خالي هئي. هن جا ساهه هر گذرندڙ پل سان وڌيڪ سوڙها ٿيندا پئي ويا. هوءَ ساهه کڻڻ لاءِ زور لڳائيندي رهي ۽ سندس سيني جي هڏين مان ذري گهٽ ٽڙڪاٽ پئي نڪتا. آئون تڪڙو تڪڙو فليٽ جون چاڙهيون لهي پاڙي واري اسٽور تان دوا وٺڻ لاءِ لٿو هئس، پر اسٽور بند هو. ٻيا اسٽور فليٽ کان ٻه ڪلو ميٽر پري آهن. آئون واپس موٽيس، هن جي طبيعت هاڻ بنهه گهڻي خراب پئي لڳي. کيس سهارو ڏئي، گاڏيءَ ۾ ويهاري اسپتال ڀيڙو ڪيم. جتي هن کي نيبولائز ڪرڻ سان گڏ آڪسيجن به ڏني وئي. پوءِ مون سندس دوا ڪڏهن به کٽڻ ڪونه ڏني.
منهنجي زال هڪ سرڪاري اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر آهي. اونهاري جي مند ۾ هن سان دم جو مسئلو ناهي ٿيندو، پر سياري ۾ هن جي ننڊ به پوري نٿي ٿئي. ننڊ جي کوٽ سبب سندس اکين جي هيٺيان ڪارا داغ ظاهر ٿيندا آهن، جيڪي سندس ننڊ جي کوٽ جي چغلي پيا هڻندا آهن. هن جي مُنهن جي چمڙي بنهه کهري ۽ بي رونق ٿي وئي آهي. چپ سُڪل رهندا اٿس. گهر جون ڀتيون هن جي رنگين پينٽنگس سان سينگاريل آهن. جن مان گهڻيون فطري منظرن واريون آهن. پکي، جهنگ، وڻ، گل ٻوٽا هن جي ٺاهيل تصويرن ۾ نمايان هوندا آهن. گذريل ڪجهه عرصي کان مون سندس ڊرائنگ ۽ پينٽنگس ۾ هڪ عجيب بدلاءُ ڏٺو آهي. جيڪڏهن هوءَ وڻ جي تصوير ٺاهيندي آهي ته ان جي پنن جي شڪل ڦڦڙن جهڙي هوندي آهي. ڪو گل ٺاهيندي آهي ته ان جون پتيون ڦڦڙ هونديون آهن. ڪنهن ماڻهوءَ جي تصوير هوندي آهي ته ان جي چهري ۾ ڦڦڙ ظاهر ٿيندا آهن. ڪڪرن جي شڪل کان وٺي ننڍين شين تائين هن جي تصويرن ۾ ڦڦڙن جي اهميت وڌي وئي آهي، پر ان جي هڪ معنا اها آهي ته هوءَ پنهنجي تڪليف جو اظهار پئي ڪري يا ڦڦڙ انسان جو هڪ اهم عضوو آهن ۽ هڪ عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ هن لاءِ وڌيڪ اهم ٿي ويا آهن. مون سمهڻ ٿي چاهيو. اسان پوليس وارن جي ننڊ ڪڏهن به پوري ناهي ٿيندي. آئون پوليس انسپيڪٽر آهيان. هڪ پوليس وارو سدائين ننڊ کي ننڊ سمهاري جاڳندو رهندو آهي. مهينن نه، پر ورهين کان اسين اوجاڳن جا ماريل آهيون. اکين ۾ ورهين کان اوجاڳا کڻي جيئندڙ ماڻهو آهيون. عرصو گذري ويو آهي، مون سٺي ننڊ ناهي ڪئي. آئون اڃان ليٽيو مس هئس جو ان مهل منهنجي موبائيل فون جي رنگ وڳي. موبائيل اسڪرين تي ڊي ايس پي جو نمبر چمڪڻ لڳو. فون کنيم.
“هيلو سر”
“تنهنجي ٿاڻي جي حد ۾ وڏو هنگامو ٿيو آهي. ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي ويو آهي. جلدي ٿاڻي پهچ.” ڊي ايس پي پريشانيءَ مان چيو.
“سر ڇا ٿيو آهي؟ صبح جا پنج پيا ٿين ۽ رمضان جي مهيني ۾ هن مهل ماڻهن جو ميڙ ڇا لاءِ گڏ ٿيو آهي، ڪا دهشتگرديءَ جي واردات ٿي آهي ڇا؟” مون پڇيو.
“نه اهڙي ڪا واردات ناهي ٿي، تون جلدي ٿاڻي تي رپورٽ ڪر!” ڊي ايس پي جي پريشاني سندس آواز مان بکي رهي هئي. ڪال ڪٽجي وئي. آئون ويتر ڳڻتيءَ ۾ وٺجي ويس. زال دم ۾ وڪوڙيل هئي، ڪنهن وقت به هن کي وري تڪليف وڌي پئي سگهي ۽ مون کي ٿاڻي تي رپورٽ ڪرڻو هو. زال کي ننڊ مان اٿارڻ مناسب نه سمجهيم. مون ڌيءَ مومل کي ننڊ مان جاڳايو، هوءَ بي دليءَ سان اکيون مهٽيندي اوٻاسيون ڏيندي، سجاڳ ٿي، سندس ڄمار ڏهه سال آهي.
“جي بابا؟” هن ننڊاکين اکين سان مون کان پڇيو.
“بابا آئون پوليس اسٽيشن پيو وڃان، ڪال آئي آهي. تنهنجي ماءُ کي هينئر نيبولائز ڪيو اٿم. امان جو موبائيل پاڻ وٽ رک، جيڪڏهن سندس طبيعت گهڻي خراب ٿئي ته مون کي ڪال ڪجانءِ ۽ گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ڪونهي.” مون کيس تاڪيد ڪيو.
“ٺيڪ آهي بابا، آئون امان جو خيال رکنديس.” هن مُرڪندي چيو.
مون کيس نراڙ تي چمي ڏني، پوليس وردي پائي جيڪٽ پاتم ۽ ننڍڙيءَ کي در جو ڪڙو ڏيڻ لاءِ چئي گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿاڻي پهچي ويس. ٿاڻي ڏانهن ايندي روڊ تي نظر ڊوڙايم ته سامهون ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ هڪ وشال اڇي مورتيءَ جي چوڌاري بيهي نعرا هڻي رهيو هو. جن مان گهڻا مدرسي جا کٿابي ۽ مولوي هئا. گاڏي پارڪ ڪري جيئن لٿس ته ٿاڻي جي منشي سيٽجي سيليوٽ ڪيو. آئون پنهنجي آفيس ڏانهن وڌيس ٿاڻي تي اڳ ئي ڊيوٽي ڪندڙ نفري موجود هئي. اچڻ شرط سڀني چوڪس ٿي مون کي سيليوٽ ڪيو.
“ڇا ٿيو آهي قادر هن مهل ڇو اچي ننڊ ڦٽائي اٿئو؟” مون ڪرسيءَ تي ويهندي منشي کان پڇيو.
“سائين اسان جي ننڊ هنن مُلن ڦٽائي آهي. الائي ڪٿان شيطان جو بُت ٺاهي سرگس پيا ڪرائين. توهان جي اچڻ کان اڳ ڊي ايس پي صاحب جي ڪال آئي هئي، هن توهان جو پڇيو ۽ پوءِ فون رکي ڇڏيائين.” قادر جواب ڏنو.
“هنن کي ڪو ٻيو ڪم ڪونهي، سدائين ڪو نه ڪو فساد ڪرڻ لاءِ گهٽين ۾ نڪري ايندا آهن. عبادت ڪري گناهه بخشرائين. هاڻ هيءَ نئون تماشو شروع ڪيو اٿن. شيطان جو بُت ٺاهي ائين گهٽين ۾ گهمائڻ سان شيطان تي ڪو اثر پوندو ڇا؟” مون اندر جي باهه ٺارڻ لاءِ چيو.
“بس سائين ڇا ڪجي، اهي وس وارا آهن.” منشي قادر مُرڪندي چيو.
آئون ڪجهه پوليس وارا پاڻ سان وٺي ٿاڻي کان ٻاهر ان روڊ ڏانهن ويس، جتي شيطان جي بُت جي چوڌاري ياجوج ماجوج مهانڊا نعري بازي ڪري رهيا هئا. مون اسٽريٽ لائيٽ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو ته انهن مان هڪ ڄاتل سڃاتل ماڻهو نظر آيو. ڪاري رنگ جي جيڪٽ پاتل، اڇي وڳي سان، گهاٽي ڏاڙهي، مٿي تي اڇو پٽڪو ۽ ڀيڏين تائين سلوار سڀني کان اڳيان وڏي واڪي نعرا هڻائي رهيو هو. گڏ آيل کٿابين مان ڪن کي شالون ته ڪن کي جيڪٽون پاتل هيون. هن جي هڪ هڪ رڙ اُڀ ڏاريندڙ هئي. ڪنهن معصوم ٻار جي ڪنن تائين پهچي ته ان جو هينئون ڦاٽي پوي.
مون شيطان بابت پهريون ڀيرو پاڙي جي مسجد جي مولوي کان ٻڌو هو، جتي آئون بابا سان جمعي نماز پڙهڻ ويندو هئس. هو خطبي ۾ شيطان تي مڇريل هوندو هو. هر لفظ تي زور ڏئي ڳالهائيندڙ مولوي ڪهاڻين جي راڪاس جهڙو لڳندو هو. هن جون اکيون ڳاڙهي ياقوت جهڙيون هيون، جن کي ڏسي لڳو ٿي انهن ۾ ماڻڪيون نه هجن ۽ اکين سان چوندو هجي آئون شيطان آهيان. تڏهن مون کي لڳو، هو مڪاري واري مُرڪ مرڪندو پنهنجا ڪاڻيٺا وڏا ڪندو منهنجي ڪنڌ ۾ کپائي ڇڏيندو. هو شيطان هٿان انسان کي ورغلائڻ جون ڳالهيون ڪندو هو. سندس چوڻ هو شيطان جيڪو چاهي انسان کان ڪرائي سگهي ٿو. اهو ماڻهوءَ جي دل اندر واسو ڪري ويندو آهي. هڪ چوڻي آهي ته شيطان جو اهو روپ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي جڏهن هو تسبيح کڻي ماڻهن کي گمراهه ڪندو آهي. مون مسجد جي چندي واري پيتيءَ ۾ پئسا کاٻي هٿ سان وڌا هئا ته مولوي چيو هو، کاٻي هٿ سان وهنوار ڪرڻ شيطان جو ڪم آهي. ان ڪري ساڄو هٿ استعمال ڪجي، پر آئون کاٻڙي ئي رهيس. نماز ختم ٿيڻ کانپوءِ گهر موٽندي بابا کان پڇيم “ڇا شيطان ڪو جادوگر آهي؟”
“نه ٻچا شيطان جادوگر ناهي، جادوگر ته انسان آهي. ڇو ته اهو جيڪي ڪجهه ڪري ٿو ان جو ڏوهه شيطان تي هڻي پاڻ کي آجو ڪرائي ويندو آهي.” بابا مون کي سمجهائيندي چيو هو.
تڏهن کان مون سمجهي ورتو ته مولوي، پنڊت ۽ پادري جو جيئدان شيطان جي ڪري آهي. جيڪي انسانن کي صدين کان ان جي خوف ۾ وڪوڙي ويٺا آهن.
“قادر”
“جي سائين”
“هي ملون شريف آهي ڇا؟”
“هائو سائين بلڪل اهو ساڳيو ڪٽڙو اٿئو، رڳو نالي جو شريف.”
مون کي پڪ ٿي وئي. ڪجهه سال اڳ جڏهن آئون شهر جي هڪ ٿاڻي جو انچارج هئس ته کيس مدرسي ۾ ٻار سان بدفعلي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو. ان ٻار جي حالت بنهه گهڻي خراب هئي، هو سورن سبب تڙپي رهيو هو. هن جون دانهون ڪوڪون مون کان برداشت ڪونه پئي ٿيون. وڏي وقت تائين ان ٻار جون رڙيون منهنجي ڪنن ۾ گونجنديون رهيون. ڪڏهن ڪڏهن آئون ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿي پوندو هئس. هتي هر مُلون بااثر آهي، هن تي هڪ مذهبي پارٽيءَ جو هٿ هو. متاثر ڌر به ڪيس جي پوئواري ڪونه ڪئي، ان ڪري ڇڏائجي ويو. ٿوري عرصي ۾ هو هڪ مذهبي پارٽيءَ جو عهديدار بڻجي ويو ۽ هن لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪرڻ سولو ٿي پيو. اسين سدائين ٻڌاندا آهيون ته قانون جا هٿ ڊگها آهن، پر قانون جي انهن ڊگهن هٿن کي وڍيندڙ ڪهاڙو قانون جو ئي آهي. جيڪو هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن مذهبي ڌر يا بااثر ماڻهن جي دٻاءُ سبب وار ڪندو آهي. قانون بي پهچ ۽ بي همت ماڻهن لاءِ شينهن آهي، پر ڪنهن همت واري ۽ بااثر ماڻهو اڳيان ٻڪري آهي. جيڪڏهن انهن ڏينهن ۾ مُلون شريف بدفعلي واري ڪيس ۾ سزا کائي وڃي ها ته اڄ هو منهنجي سامهون شيطان جو بت ٺاهي ائين رقص نه ڪري رهيو هجي ها. آئون پنهنجن سپاهين سان صاحبن جي آرڊر جو انتظار ڪرڻ لڳس. ڇو ته انهن کي به ڪن ‘صاحبن’ جا حڪم ملڻا هئا.
ڪجهه سپاهي بيهاري، روڊ تي وڏي واڪي رڙيون ڪندڙ ميڙ کي ڇڏي آئون وري ٿاڻي ڏانهن موٽيس. منهنجون اکيون موبائيل اسڪرين تي هيون. ڳڻتي هئي ته صاحب جي ڪال کان اڳ گهران ڪال نه اچي وڃي. جتي منهنجي زال ساهه جي تڪليف ۾ وقت گهاري رهي هئي. مون گهڙيءَ ۾ وقت ڏٺو، ڇهه ٿيڻ ۾ 30 منٽ هئا، سج اڀرڻ وارو هو. ان کان اڳ ٻاهرئين تماشي کي ختم ڪرڻو هو.
مون کي وهمن ۽ وسوسن اچي ورايو. متان منهنجي زال دم جي حملي سبب چُرڻ جهڙي نه هجي يا ننڍڙيءَ کي ننڊ اچي وئي هجي. زال اٿڻ جي ڪئي هجي ۽ هوءَ پلنگ تان ڪري پئي هجي. سندس مٿو فرش سان لڳو هجي ۽ مٿو ڦاٽڻ سبب رت ڪنهن نانگ وانگر رڙهندو ڪمري کان ٿيندو فليٽ جي چاڙهين ڏانهن وڌندو هجي. يا هوءَ واش روم ڏانهن وئي هجي ۽ اتي هوءَ دم سبب ڪري پئي هجي. ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. مون گهر فون ملايو. ڪيتري دير تائين رنگ وڄندي رهي، پر ننڍڙي فون نه کنيو. مون کي پڪ ٿي وئي ته ننڍڙي سمهي رهي هوندي.
مون اڃان اهو سوچيو پئي ته ڊي ايس پي جي ڪال آئي، مون جيئن ڪال کنئي ته هن هڪدم حڪم ڪيو ته تماشو ڪندڙ ميڙ کي ٽڙ پکڙ ڪري مورتي تحويل ۾ وٺان. آئون سپاهين کي ساڻ ڪري ميڙ ڏانهن ويس ۽ کين ٻڌايم ته اها مورتي تحويل ۾ وٺڻي آهي. ڪن کٿابين ۽ مُلن ڪجهه زور لاتو جن ۾ شريف به هو، پر پوليس نفري ۽ لٺيون ڏسي اهي پاسيرا ٿي ويا. سپاهين مورتي پوليس ٿاڻي جي اڱڻ ۾ رکي ڇڏي. پوءِ به ٻاهر ساڳيو ميڙ نعرا هڻي رهيو هو. مون مورتيءَ جو جائزو ورتو. مورتي ٿرماپول جي اڇي رنگ واري مواد مان ٺهيل هئي. بُت هڪ وڏي تخت تي ويٺل هو. جنهن جي سسي ڍڳي مهانڊي هئي. مٿي تي ٻه وڏا سڱ ۽ پاسن کان ڊگها ڪن هئا. اکين ۾ تارا ڪونه هئا. آڱرين جا ننهن چهنبيارا هئا. مورتيءَ کي ڏسي ائين لڳو ڄڻ مصري فرعون پنهنجي محل ۾ ويٺل هجي، پر اصل ۾ اها مورتي بعل ديوتا جو عڪس هئي. لبنان جي فينيقي قوم جو سڀ کان وڏو ديوتا بعل هو ۽ هن جي زال عستارات ان قوم جي سڀ کان وڏي ديوي هئي. اسرائيل جي بادشاهه اخي اب جڏهن لبنان جي شهزادي ايزبل سان شادي ڪئي ته ان جي اثر سان بعل پرستي بني اسرائيل ۾ به پکڙجي وئي ۽ شهرن ۾ اعلانيه طور بعل جي نالي تي قربانيون ٿيڻ لڳيون.
آئون ٿاڻي ۾ وڃي ويٺس. موبائيل کولي سوشل ميڊيا ڏٺم ته خبرن ۾ شيطان جي مورتي بابت بريڪنگ نيوز هلي رهي هئي. “شيطان گرفتار… پوليس شيطان کي گرفتار ڪري ورتو…”
“ڄٽ…” منهنجي واتان ڪاوڙ مان اهو لفظ نڪري ويو، پر مون غلط ڪونه چيو هو. ڇو ته نه مون شيطان کي گرفتار ڪيو هو ۽ نه ئي اهڙو ڪو واقعو ٿيو هو. ميڊيا سنسني پکيڙڻ لاءِ اهڙيون خبرون هلائي پنهنجي نيوز ريٽنگ وڌائيندي آهي. اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کانپوءِ به منهنجو ساهه ان ڪمري ۾ اٽڪيو پيو هو، جتي منهنجي زال ساهه جي تڪليف ۾ ورتل هئي ۽ منهنجي ٻارڙي پنهنجي ننڊ ڦٽائي ان تي پهرو ڏئي رهي هئي.
ڪجهه پلن کانپوءِ گهران فون آيو. ننڍڙي ڳالهايو. اڃان آئون ننڍڙيءَ کي ڪجهه چوان ها، ان کان اڳ ئي ننڍڙي ڳالهائڻ لڳي.
“بابا امان جي طبيعت خراب پئي ٿئي، توهان جلدي اچو.”
آئون تڪڙ ۾ ٿاڻي تان نڪتس. مون گاڏي اسٽارٽ ڪئي. سامهون روڊ تي مُلون شريف ميڙ سان گڏ نعرا هڻائي رهيو هو. هن جي مُنهن جي وحشت ڏسي مون کي لڳو، مون رڳو هڪ بي جان بُت کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو هو، پر اصل شيطان منهنجي سامهون جهمريون هڻي رهيو هو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟