ڪهاڻي: سُوئَر وات ۾ سنڌ جو ٽيلينٽ
Pir Obaid Rashidi
ڪهاڻيڪار
حسين آباد گدو چوڪ ۽ ڪوٽڙي پل آٽو ڀان ٿڌي سڙڪ کان مٽندڙ گاڏيون، گاڏيون نه ڄڻ ٻرڙن مان ڪوئا، روڊ تان ٽپڻ لاءِ قدم اڳتي پوئتي، اڃان وچ تي پهتو ڪا گاڏي تيز رفتار سان بنهه ويجهو تڪڙي گذري ته ڊنل ڪبوتر وانگي پوئتي هٽيو، ساھ مٺ ۾ ڀانيائين، ساھ مٺ ۾ رڳو بيوس غريبن جو هوندو آهي باقي وڏن ماڻهن جو ساھ سک سانت ۾ مايا ۾. ٽرئفڪ قانون جي لتاڙ اڌ رستي تي چڙهي وري پوئتي ٿيو روڊ ٽپڻو ٿيو يا ڪميشن جو امتحان. ڪميشن ڏيندي وقت ٿي ويو گهر ۾ ڪتاب موبائيل وندر هئس يا ڪڏهن ڪنهن ڏينهن گِدو چوڪ ٽپي ٿڌي سڙڪ ۽ سنڌ پبلڪ ڪميشن جي اداري کي حسرت مان ڏسندو،
“او ادا ڀائو خير صدقو ڏي پوءِ روڊ ٽپ”
صدا ڄاتل سڃاتل لڳس اهو فقير ڪڏهن گدو چوڪ ڪڏهن راڻي باغ جانورن پکين وٽ نظر ايندو اٿس، جڏهن به فقير سامهون ٿيندو اٿس ته خيرات سان لال ڪنوار ملڻ جي دعا ڪندو آهيس انهيءَ ڏينهن به لال ڪنوار ملڻ جي دعا ڪيائينس ته هن مرجهايل مرڪ سان وراڻيس،
“ڀائو متان سڀاڻ تو وانگر رمتو فقير ٿي رستن تي نه هجان ٻي دعا ڀلي ڪر باقي ڪنوار لال ملڻ جي ڳالھه بيروزگاري ۾ پٽ پاراتو آهي”
“پٽ پاراتو مون لال وڃائڻ کانپوءِ هي روپ ورتو آهي”
فقير جي لهجي ۾ وياڪلتا محسوس ٿيس
“دعا ڪر ڪامياب ٿيان پوءِ لال ڪنوار، في الحال ته لال ڪنوار نتيجو آهي”
فقير ڳالھه نه سمجهيو،
هر پاڙي رستي تي فقير، ڪي فقير بيوس مجبور، ڪي سياسي هر ڪنهن جي ڪوٽا ۽ حد، پر سياسي فقيرن جي ڪا حد نه.
ڪنهن ڪنڊ ۽ پاسي ويھي تصورن ۾ پاڻ کي حيدر آباد جي ڪاليجن ۾ ڪلاس وٺندي ڏسندو هو جڏهن شهر جا ڪاليج تصور ۾ ايندا هئس ته پنهنجا بهترين آدرشي استاد محمد علي شيخ انصاري، عبدالصمد، سر ايڇ ٽي مٿراڻي، عبدالحق عالماڻي، سرور سهتو هو. سڀ استاد پنهنجن سبجيڪٽس ۾ ته ڪامپيٽنٽ، پر آدرش رکندا هئا، عبدالحق عالماڻي سنڌي سبجيڪٽ وٺندي وطن ۽ ڪفن جي ڳالهه ڪندو هو، مٿرڻي سينڍ ۾ ماروي جو درد بيان ڪندو هو باقي سرور سهتو مسلم ڪاليج کان نور محمد لاکير جي سنڌ مسلم هاسٽل ۾ فزيڪل سکيا ڏيندي ويڙھ جھيڙ جي ڳالھه سان گڏ پڪي ڪچي قلعي تي ريٽي رت جهڙو جهنڊي ڦڙڪائڻ جي ڳالھه ڪندو هو، نور محمد هاسٽل جي ٽيچرز ڪالوني ۾ جڏهن آريسر ۽ حيدر لغاري ايندا هئا ته تڏهن نه رڳو استاد سرور، پر شاگرد اڳي کان وترا تڪڙا ڪوپا ارڏا ٿي پوندا هئا.
نيٺ روڊ ٽپي هن پاسي پهتو پريان ڪنڊ تي مڇي جي خاص هوٽل بريز فش پوائنٽ، هوٽل سان بيٺل گذرندڙ گاڏيون ماڻهن کي مڇي کائيندي ڏسي سوچيائين ڪڏهن مڇي ماني وارو ٿيندس، جاوا ڪندس بي خيالي مان ٿڌي سڙڪ بجاءِ آٽوڀان طرف وڌي ويو.
سامهون زيل بري، کاڌي، جنريشن، سپر اسٽورز تان لهندڙ چڙهندڙ ڪسٽمرز سٺين شاپرن ۾ ولايتي آئيٽمز اسٽورن جي لانڊ ڏسي پنهنجي منهن هميشه وانگر رڳو نوڪري ملي، پر هتي اسان وٽ رڳو دڪانداريون ٻٽا معيار دولاب فريب ڪميشنون، هر هائوس جون ڪميشنون ۽ انهن جا ايجنٽ. ڪسٽمرز جي هٿن ۾ شاپرز ڏسي سوچيائين ته رڳو ڪميشن پاس ڪريان پوءِ ڊريس وڳا ۽ ولايتي جاگر، پرفيوم وٺندس. پوئتي ٿڌي سڙڪ زو راڻي باغ وڃڻو ھئس پوئتي مڙڻ سان پنهنجو مڙندڙ پاڇولي ۾ پاڻ کي جهڪيل ڏٺائين، سندس جهڪي هلڻ تي دوست کلي چوندا آهن جواني ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ۽ جهڪي هلڻ نٿو سونهين. پاڇولا پرايا يا پنهنجا گم ٿيو وڃن اڄ جون دوستيون ۽ آدرش به نه هئَڻ برابر، آدرش ته رهن ٿا، پر پيروڪار پوئي لڳ ويڪائو ۽ وڪجڻ کانپوءِ ڪرسي دوست آدرش وساريو ڇڏين، هو اسٽورز، سپر اسٽورز کي حسرت مان ڏسي پوئتي مڙيو بريز فش پوائنٽ تي بيٺل ڪارون، گذرندڙ ڪارون ماڻهن جا چاپا ٽهڪ، ٿڌي سڙڪ هوٽلون اسٽورز، فاسٽ فوڊ، ايڪڙ ٻيڪڙ وڻ ٿڌي سڙڪ جو ٺلهو نالو رستو ٽپي، راڻي باغ زو بيد مشڪ جي ڇانوَ هوا، ماڻهن جي پيھه ٻارن جي ڊڪ ڊوڙ، گوڙ شور، پري کان زو مان پکين جانورن جا آواز سڀني کان ڳري گجگوڙ سوئَر جي، زو ۾ انيڪ پکي جانور، شينهن کي ڏسي اٺ گهوڙا ياد پيس ۽ سوچيائين اهي ته ريگستان ڪوهستان پٽ ميدان ڇڪيندڙ ڇو ناھن؟ شايد اٺ گهوڙا اڄ ڪلھه ايوانن جي پڃرن ۾. هو جانور پکين جي پڃرن سامهون هو، سوئَر جي اڳيان گوشت جو وڏو ٽڪر هو اوچتو فون وڳي هن پرتي وڃي فون کنئي،
“رٽن ۾ ته ٽاپ ڪيئي پر واءِ واز ۾ ميمبرن کي خاموش ڪري ڇڏيئي!”
ڳالهه ٻڌي پاڻ کي ڪاليج ۾ ڪلاس وٺندي محسوس ڪيائين ۽ آٽو ڀان تان ولايتي ڊريس ۾ جاگر پرفيوم وٺندي ڏٺائين، پاڻ کي وڏن مالز ۽ سپر اسٽورن جي شوڪيسن ۾ شو پيس اپ ٽو ڊيٽ خريدار محسوس ڪيائين.
“ ادا ميمبرن جون گاڏيون ته کڻي پگهار مان هلنديون، پر جيمخانه ڪلبن جا خرچ چاڳ لاءِ؟”
هن کان ڳالهائڻ نه پڳو، هٿ مان سيل فون ڇڏائجي ويس، ساهه اوپرو ڀانيائين زندگي حسين آباد کان پريان سڪل سنڌوءَ ۾ واري ۾ دٻيل محسوس ڪيائين.
“ادا ڪجھه ته ڏي وٺ ٿيندي”
هن جو ڳالهائڻ ٻڏل هو.
“مون وٽ ڏيڻ لاءِ ٽيلينٽ هو باقي ڪجھه به نه آھي.”
سامت ۾ آيو هن ڏٺو ته سامهون پڃري ۾ سوئَر جي وات ۾ گوشت جو وڏو ٽڪر نه، پر ڄڻ سنڌ جو ٽيلينٽ هو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟