ڪهاڻي: مُختيارڪار خميسو خان کَکَراڻي
مون نيپولين جا پنهنجي محبوبا جوزفين ڏانھن لکيل پيار جا خط پئي پڙهيا. جنهن ۾ هو ساڻس اڻ مئي پيار جو اظهار ٿو ڪري ۽ اهڙو ٿو ڪري ڄڻ ته هو ڪو عظيم جرنيل ۽ يورپ جو فاتح نه، بلڪه مَست عاشق هُجي. هو کيس چئي ٿو:“اي منهنجي محبوبه! جيستائين تون نه هئينءَ، مون وٽ فرانس هو، نه ئي يورپ. تنهنجي محبت ئي مون کي ٺاهيو آهي، مون کي عظيم فاتح بڻايو آهي. توکان سواءِ ته مان ڪجھه به نه آھيان.”
مون خط جو ورق اٿلايو ته فليٽ جو در کڙڪيو. ڪير اٿي. خط جو مزو ٿي خراب ٿيو. ٻيهر در کڙڪيو. کڙڪيو نه، ذري گهٽ ٿي ڀَڳو. خار ڏاڍي لڳي، پر اٿڻو پئجي ويو. آھستي ابا! ڀَڃنديس ڇا. ڪُنڍي کوليم. سامهون خميسو بيٺو هو. فُل سوٽ، ڪَنڌ ۾ پيل ٽاءِ ڍَري، پَگھر ۾ شَل. دراوزي جي تاڪ کي ڌِڪو ڏئي، اچي مئٽريس تي بوٽن سميت ڪريو. آئون خميسي جي ڪَڍ لڳو آيس. دروازو کليل رهجي ويو.
اسٽڊي ٽيبل تان سگريٽ جي ڊٻي سَٽ ڏئي کنيائين. ٻِيڙي دُکائي تَڪڙا تَڪڙا ڪَش هڻڻ لڳو. جاني خير ته آهي؟ خميسو ٻَڙ ٻُٽ. سيني ۾ دونهون لاهي، ڇت ڏي ڦوڪيندو رهيو. مان ڀرسان ويهي، سندس گوڏي تي هٿ رکي، ٻيهر پڇيو: ڇا ٿيو جاني…؟ انٽرويو ڪيئن ٿيو…؟ ھُن جي دل جو ڌَڙڪو تيز ٿيڻ لڳو. ٻيھر زوردار سوٽو ھنيائين. سندس نَڪ مان دونھون نانگ وانگر وڪڙ کائيندو، ھوا ۾ ريڙھيون پائيندو، ڇت ڏانھن وڌندو ويو.
“ڪم لهي ويا يار” خميسو ڀُڻڪيو. ايئن نه ڪر يار! ڇا پڇيائون انٽرويو ۾…؟ “هميشه جيان واحيات سوال.” نيٺ؟ “ڇڏ بَس.” اڙي! ٻُڌا يار، خبر ته پوي. مون کيس ايلاز ڪيا. ٻه سگريٽ ھڪ ڌڪ ۾ ڦوڪي پوءِ ڦاٽو. ھڪڙي پُڇيو: “27 ھين آئيني ترميم ۾ صدر ۽ چيف کي فوجداري مقدمن کان زندگي ڀر لاءِ قانوني استثنيٰ ڏني وئي آھي. توھان ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا اھو عدل ۽ انصاف ۽ ملڪ جي شرعي تقاضائن جي خلاف ناھي؟”
پوءِ ڇا جواب ڏنئي؟ “يار پھريان ته سوچيم دل جو غبار ڪڍان، پر آخري چانس ھو، ان کانپوءِ نوڪريءَ جي عمر به ختم ھئي. پاڻ سنڀالي ورتم. چيم، اھو ترميم عوام جي چونڊيل نمائندن جي گڏيل مشاورت ۽ اڪثريت راءِ سان پاس ٿي آھي، جيڪو سندن جمھوري حق آھي. ٻيو ته اھي ٻئي عظيم شخصيتون آھن. سندن جمھوري ۽ دفاعي قربانين کي نذر انداز نٿو ڪري سگھجي.”
پڪ سان اھو جواب ڏنئي؟ “ھا، ۽ پوءِ صدر صاحب جي جمھوريت لاءِ ڏنل قربانين، خاص طور سنڌ جي ترقيءَ ۾ سندس اڻٿڪ جدوجھد جو ذڪر به ڪيم. چيف صاحب جو ملڪ جي سالميت لاءِ اندروني ۽ ٻاھرين خطرن کي دليري سان منھن ڏيڻ، ھندستان ۽ افغانستان کي ڌوڙ چٽائڻ، ۽ خاص طور سفارتي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي ڳالھه به ڪيم.”
اُٿ مٿي، خميسي کي گوڏي تي ٿَپڪي ھنيم “ڇڏ يار بُت ۾ ساھ ئي ناھي.” اڙي اٿ ته سھي. مون کيس ٻانھن مان وٺي اٿاريو. ڀاڪر پاءِ؟ ھن ھٿ نه وڌايو. مون کيس ڇِڪي، ڀاڪر ۾ ڀري، اھڙو زور ڏنومانس جو خميسي جي رَڙ نڪري وئي. چيم: جاني، مبارڪ اٿئي اي. سي ٿي وئين. خميسي کي منھنجي ڳالھه تي يقين نه آيو. حيرت وچان ڏسندو رھيو. مون کيس ويھاري، ٻه سگريٽ دُکايا. ھڪ ھن ڏي وڌايم.
ٻيو ڪھڙو سوال پڇيائون؟ “يار مان پھرئين سوال جي جواب مان مطمئن نه آھيان.” ڇڏ ان کي، ٻيو سوال ٻڌاءِ. “ملڪ ۾نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت ھلندڙ بحث تي پڇيائون” ڇا چيئي پوءِ؟ چيم: “ملڪ جي آبادي پنجويھه ڪروڙ کان وڌي وئي آھي. نون صوبن بابت بحث ناجائز ناھي.” ان تي ھڪڙي گنجي ڪاموري جي ٽوڪ واري کِل نڪري وئي. سمجھي ويو ته منھنجو جواب ڊپلوميٽڪ آھي. ھڪدم ڪاوڙجي پيو ۽ مون تي پريشر وڌائين ته جيئن آئون يوٽرن وٺان. ھٿ کي ھوا ۾ ڇنڊڪو ڏئي، ڪاوڙ ۾ چيائين، “ھي جيڪي مختلف قومون صدين کان آباد آھن، جن جي ھزارين سالن جي تاريخ آھي، تھذيب آھي، ثقافت آھي، جاگرافي آھي، ان ۾ ڏار وجھڻ ناانصافي ناھي؟”
ٿڌي ڪمري ۾ منھنجا پگھر نڪري ويا. بيبلنگ شروع ڪري ڏنم، پر پنھنجي ڳالھه تان نه ھٽيس. چيم، وڏو سوئر ڊپلوميٽ ٿي ويو آھين خميسا. تنھنجي سيٽ پڪي آھي. اي. سي نه به ٿئين ته مختيارڪار پڪو آھين. لِکي وٺ.” ڇڏ يار! رھزن آھن وڏا. سيٽ جي ويجھو اچڻ به نه ڏيندا.“اڙي چريا! ٽينشن نه وٺ. اُٿ فريش ٿي ته ھلون چانھن پيئڻ.
ھفتي کانپوءِ خميسي فون ڪئي، “اَڄُ فليٽ تي نه اچجانءِ.” چيم، ڇو؟ “فيملي ٿي اچي.” واقعي فيملي ٿي اچي؟ مون کي ته خبر هئي. پوءِ به کيس چيڙائڻ لاءِ چيم، نه يار! مان ايندس ڪم آھي.“ سمجھه ڳالھه کي.” ھن پنھنجي ڳالھه تي زور ڏنو ۽ اسرار ڪيائين. چيم، وڃي منھن اڇو ڪر.
ارم جي هن سان بي پناهه محبت هئي. خميسو به مٿس مرندو هو. ڏينهن ۾ اٺ دفعا فون ڪندي هئس. خميسو صدائين رٺل رھندو ھئس، جو بيروزگاريءَ جو ستايل ھو. ھوءَ کيس پرچائڻ ۾ پوري ھوندي ھئي. جيتري هوءَ خميسي سان محبت ڪندي هئي، اوتري محبت شايد خميسو ساڻس نه ڪندو ھو. ڏهن ورهين کان سندس انتظار ۾ هئي. هن جي ڪري سوين رشتا ٺڪرائي چڪي هئي. ڏينھن رات ھن جي ڪاميابي لاءِ دعائون گهرندي هئي. هڪ ڏينهن خميسي کي چيم، يار ڏاڍو غلط ٿو ڪرين؟ “ڇا غلط ٿو ڪيان؟” ھن ڪروڌ ڪيو. چيم، ارم کي انتظار ڪرائي. “ڏهن سالن کان ان جي لاءِ ئي ته لوڙيان پيو.” چيم، وقت ۽ حالات ڪجهه به ٿي سگھن ٿا، ائين نه ٿئي ويچاري انتظار ڪندي رهجي وڃي. چئي، “ڪندم، ان سان ئي ڪندم.”
ٻن مھينن کانپوءِ ڪميشن جي رزلٽ لڳي. منھنجو يار خميسو خان مختيارڪار ٿي ويو. منھنجون اکيون ڀرجي آيون. اسان جي مسڪين يارڙي خميسي جي ڏھن سالن جي مسلسل جدوجھد نيٺ رنگ لاتو. کيس ڪال ڪيم. جاني مبارڪون مبارڪون مختيارڪار ٿي وئين. ھيلو ڪري چپ ٿي ويو. خوشيءَ وچان اکيون برسي پيس. آواز بند ٿي ويس. روئڻھارڪي لھجي ۾ چيائين، “يار مون کي يقين نٿو اچي.” يقين ڪر پيارا، يقين ڪر.
خميسي جي مختيارڪاريءَ جي خبر سوشل ميڊيا تي باھ وانگر پکڙجي وئي. ھڪڙن لکيو، رڍون ۽ ٻڪريون چاريندڙ خميسو خان مختيارڪار ٿي ويو… ھاريءَ جو پٽ خميسو مختيارڪار ٿي ويو… خميسي ۽ اسان جي گھر جي ڀِت ڀِت سان آھي… اسين ھڪ گھٽيءَ ۾ رھون ٿا… پَٽيءَ ۾ گڏ پڙھياسين… واھ ۾ گڏ وھنجندا ھئاسين… وغيره وغيرهہ. ٻين، خميسي جا پراڻا فوٽو ھٿ ڪري پوسٽون لڳايون: منھنجي جگري يار… منھنجي ڪلاس فيلو… پرين پياري… ڀائرن جھڙي دوست… خميسو خان کي مختيارڪار ٿيڻ جون لَک لَک واڌايون. اميد ته غريب مسڪينن جي واھر ڪندو. ڄڻ ته خميسو ستن کنڊن جو والي ٿيو ھجي. ھڪڙي ھمراھ ته وڃي خميسي جو خانداني شجرو کوٽي ڪڍيو. جنھن کي جيئن وڻيو تنھن تيئن خميسي کي پنھنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
خميسو گھر پھتو ته دُھل شرنائين، گُلن ۽ ڏوڪڙن وارن ھارن سان سندس استقبال ڪيو ويو. جنريشن زي موبائل فونون ڪڍي پنھنجي ڪم کي لڳي ويا. ٻن ڏينھن ۾ خميسي جا سوشل ميڊيا تي ٻه سئو مان ڏھ ھزار فالوور ٿي ويا. خميسو خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي. ننڍڙا ننڍڙا وڏيرا، مير، پير، جاگيردار، زميندار ۽ سردار واٺن سميت خميسي کي مبارڪون ڏيڻ سندس گھر پھچي ويا. وڏن وڏن واڳُن کيس پنھنجن بنگلن تي گھرائي، دعوتون کارائي، مٿس رعب ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته جيئن سڀاڻ لَت جي ھيٺان ھجي.
مختلف ٽيوشن سينٽرن ۽ اڪيڊمين خميسي کي پٽڪا پارائي، ڪريڊٽ کڻي، پنھنجو ڌنڌو شروع ڪري ڏنو. خميسو ڪڏھن حيدرآباد، ڪڏھن ڪراچي ته ڪڏھن سکر ليڪچر ڏيندو رھيو. لاھور ۽ اسلام آباد وارا به نه مڙيا. پنھنجا گراھڪ وڌائڻ لاءِ چون خميسو اسان جي پراڊڪٽ آھي. ڀلي پوءِ ھن انھن دڪانن جو زندگي ڀر منھن نه ڏٺو ھجي. خميسو “اپڻي گھوٽ تي نشا ٿيوئي” جو قائل ھو. ويچاري زندگيءَ جا ڏھ سال ھڪ ڪمري ۾، پنھنجي مدد پاڻ، راتين جون راتيون جاڳي، اڪ ڪارا ڪيا ھئا. گُذر سفر لاءِ،ِ شھري بابن جي گھرن ۾ ٽيوشن پڙھائيندو ھو. نيرن کي مانجھاندو، مانجھاندو کي ڊنر ڪري ڪم ھلائيندو ھو. خميسو قميص لاھيندو ھو ته سندس لِڱ ۽ پاسراٽيون ڏسي ڀَئو ٿيندو ھو.
ھڪ ڏينھن کيس فون ڪيم. چيم، اڙي ظالم! ھي ڪھڙا ڪم شروع ڪري ڏنا اٿئي؟ چئي، “ڇا ٿيو جاني؟” يار! ھي ڪھڙي شرافت آھي…؟ دڪاندار تنھنجي محنت کي ڪيش ڪرائي معصوم شاگردن کي گمراھ پيا ڪن. توکي شرم نٿو اچي…؟ ٻن پئسن جي ڪري ھر جاءِ تي ٺِڳيو بيٺو آھين…؟ اڳي حق ۽ ناحق، سچ ۽ اُسچ، نيڪ ۽ بد، انصاف ۽ ظلم جي وچ ۾ سَنڌو ڪڍي، روشنيءَ جي پاسي ٿي بيھندو ھئين، ھاڻ ڪٿي بيٺو آھين…؟ اخلاقي قدرن ۽ آدرشي اصولن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي جيڪي ڀاشڻ ڏيندو ھئين، اھي ڪيڏانھن ويا…؟ چيائين، “ھار ئي کان پيتو ڀلو.”
ھڪ ڏينھن ڌَرتَتيءَ جو اچي فليٽ تي ٺڪاءُ ڪيائين. ڇِتي گرمي ۾ ڪاٽن جو وڳو، مٿان ويسٽ ڪوٽ، ڪارو چشمو، ڪَھين وارا بُوٽ ۽ مھانگي واچ. اھڙي تيز عطر لڳل ھجيس ڄڻ تازو غسل ڏنل ميت. مون کڻي نڪ تي ھٿ ڏنو. چيم، ھَتي! واهہ خميسا واهہ. مُنھنجي ھٿ ۾ دوستووسڪي جو ناول ”Crime and Punishment “ ڏسي چيائين: “ڦِٽي ڪر ان کي. اُٿ ته ھلون ٻاھر.” چيم، خميسا! خير ته اٿئي اڄ صفا ککراڻي لڳو پيو آھين؟ “ھا ھا، ھل ته لنچ ڪيون. اتي حوال ڪيون ٿا” ڏاڪڻن تان لھندي پڇيم، ڪر خبر خميسا مختيارڪاري ۾ مزو آھي. چئي، “وڏو مزو آھي يار. ڪاش ڪجھه سال اڳ سروس ۾ اچان ھا.”
خميسي ھڪ نئين ڪار جو در کولي ڊرائيور سيٽ تي ويٺو. مون کي ويھڻ لاءِ اشارو ڪيائين. پڇيم، ڪنھن جي گاڏي آ؟ چئي، “پنھنجي آ” مون کان ڇرڪ نِڪري ويو. ڇا چيئي؟ “ھاءُ جاني، پنھنجي آ.” مار! ظالم ڪٿان ورتئي؟ “شوروم تان لھرائي آ.” اڙي، ايترا پئسا ڪٿان آندئي؟ بس ڪنھن ڏيارائي آ. خميسو نئون سيکڙاٽ، سو ڪار وڃي ٺوڪيائين. وچ روڊ تي گاڏي مان لھي، ھمراھ تي چڙھي ويو. ھمراھ چئي، غلطي تنھنجي آ. خميسو ڪو مڃي ڇا. ھٿن مان پيو وڃي. روڊ جيم ٿي ويو. خميسي کي چيم، ڇَڏ بس. ھن جي مٿي تي مختيارڪاري سوار ھجي، سو مڙي ئي نه. ککراڻي ته اڳيئي ھيو، ويتر جو کڙو لڳس ته ڀُون ڀُون ڪرڻ لڳو. ھو چار ھمراھ ھجن اسان ٻه. ھي جھلجي ئي نه. ايتري ڪاوڙ ۾ مون ھن کي پھريون ڀيرو ڏٺو ھو. اڳي کيس ڪو گار به ڪڍندو ھو، ته چُپ ٿي ويندو ھو، ۽ ماٺڙي ڪري ھليو ويندو ھو. اڪثر چوندو ھو، “بُک، بدحالي، غربت ۽ ناانصافي جي ڪري ھر ماڻھو فرسٽريشن جو شڪار آھي، ۽ ٻئي کي کائڻ ايندو آھي. صبر وڏو سٿ آھي.”
ھڪڙي ھمراھ کيس ٻانھن مان جھلي ورتو. ٻيو لوھي راڊ کڻي اڳتي وڌيو. منھنجو ساھ وڃي پيرن ۾ پيو. دل ۾سوچيم، اڄ خميسو شھيد ٿيندو. ھجي به محرم جو مھينو. مون لوھي راڊ واري ھمراھ جي اڳيان اچي، کيس ٻانھون ٻَڌيون. ڇڏائو به ٽپي پيا. ڌِڪي سِڪي خميسي کي ڪار ۾ ويھاريوسين. ماڻھون ڇڙ وکڙ ٿي ويا. خميسو ٻيھر ڪار مان لھي پيو. چئي، “مان مختيارڪار آھيان. توھان کي ڏسي رھندس.” ھڪڙو ھمراھ چئي، “اڙي ھائو! تون مختيارڪار آھين ته مان به ھاءِ ڪورٽ جو وڪيل آھيان.” مون کيس ڇڪي ڪار ۾ ويھاريو. رستي ۾ خميسي سوسٽ پئي ڇڏيا. ڪاوڙ ۾ ڏند ڏندن سان ملي ٿي ويس. مون ۾ ھمت ئي نه ٿي جو ڪجھه ڳالھايانس.
ريسٽورانٽ تي پھچي خميسو ڏيڍ ليٽر پاڻيءَ جي بوتل يڪ ساھي پي ويو. ھن کي ڏسي الاءِ ڇو منھنجي کِل نڪري وئي. چيم، مارايو ھيئي اڄ ککراڻي صاحب. چئي، “ماڻھو وچ ۾ نه اچن ھا ته ھنن کي ڏسي وٺان ھا.” مون وڏو ٽھڪ ڏنو.چيم، راڊ وارو ھمراھ پورو ڪري ھا توکي اڄ. ھن پڪائي ڪئي. چئي، “الاءِ مون ته ڏٺو ئي نه” مون وري ٽھڪ ڏئي پيٽ تي ھٿ رکيا. چيم، واهہ ڙي خميسا خان ککراڻي واهہ! تون مارائيندي ھڪ ڏينھن. چئي، “وڪيل ھوندو پنھنجي لاءِ. ھن وٽ ماڻھون آھن، باقي اسان جا دوست مري ويا ڄڻ؟ دل ئي دل ۾ چيم، تنھنجي وڏن ۽ دوستن جي اچڻ تائين تو وارو دُون سڄائي ڇڏين ھا.”
ان کان اڳ جو ککراڻي ڀُون ڀُون شروع ڪري، مون ڳالھه مَٽائيندي چيو: ھيڏي ٻُڌ ته! ھي پنجاھ لک جي گاڏي ڪنھن ڏياري اٿئي؟ “بس ڪنھن مھربان دوست.” مھربان دوست يا ڪنھن آڙيڪاپ سياستدان؟ خميسو ڪُڇي ڀِت ڪُڇي. ڀلا پنجاھ لک جي گاڏي ائين ڏئي ڇڏيائين توکي؟ بنا حساب ڪتاب جي؟” حساب ڪتاب پيا ٿيندا. بس پوسٽنگ ملي.“پوسٽنگ؟ “ھا بس ٽريننگ پوري ٿيڻ تي آھي. دعا ڪر ڪو سٺو تعلقو ملي.” سٺو تعلقو؟ نه سمجهيس.
خميسي ويٽر کي مانجھاندي جو ڳرو آرڊر ڏنو، چيائينس پورن ويھن منٽن ۾ آرڊر ٽيبل تي ھجي. چيم، ابا ايترو ڪير کائيندو؟ بس ڪر! مونکي تڙي ڏنائين.
ھا خميسا! سٺي تعلقي جي ڳالھه پئي ڪئي تو. “يار! جي حيدرآباد، ڪراچي، نوابشاھ يا سکر جو شھري تعلقو ملي ٿو، ته ھفتي ۾ گاڏي جو حساب چُڪتو. باقي جي اتر يا ڏکڻ جي ڪُنڊ ۾ اڇلايائون ته مھينو سوا لڳي ويندو.“ مار! وڏو ڪم آ. “ٻيو نه ته.” وڏو زوراور ٿي ويو آھين ککراڻي صاحب. “ڇا ڪجي. سسٽم جو حصو آھيان، سسٽم جي حساب سان ھلڻو پوندو.”
چيم، ائين به ناھي. واڱڻ خان ڏِس ميرٽ تي مختيارڪار ٿيو ھو. ھاڻي ترقي ڪري اي. سي ٿيو آھي. سِڌو ماڻھو آھي. ڪرپشن کان پاڪ. ويچارو ھن وقت تائين سٺو گھر به نه وٺي سگھيو. سرڪاري گھر ۽ گاڏي اٿس. ھونئن به جنھن ۾ ٿوم ناھي ھوندي، اھو ٻين تي الزام ھڻندو آھي.” مون خميسي کي انڊي ھڻي ملھه مارڻ جي ڪوشش ڪئي.” ھھھھھ… ھن وڏو ٽھڪ ڏنو. اھو ئي ته ٽيڪٽڪ آھي. واڱڻ جي ڀائرن جون زمينون، پراپرٽيون، ڪاروبار ۽ گاڏيون ڏٺيون اٿئي…؟ وڌيڪ نه کول مون کي.” ھن ڇنڊڪو ڏئي پير ڇڏايو.
“توکي ڇا ٿو لڳي ھي مون کي ائين ھلڻ ڏيندا…؟” ھا پر ھاڻي سان شروع ٿي ويو آھين. تو ۾ اھا اميد نه ھئي خميسا. سسٽم ۾ رھي ڪري بج عوام جي خدمت ڪري سگھجي ٿي.” نه، تون ئي ٻُڌاءِ، پَنڌ وڃان آفيس…؟ بَسن جا ڌِڪا کاوان…؟ منھنجي مُنھن تي ٺھي ٿو؟ مختيارڪار آھيان مان. ماڻھون ڇا چوندا. “ماڻھون ڇا چوندا، اھو سوچي تون ماڻھن جو رت چوسيندين…؟ واھ سائين، ڪيا بات ھي.” ماڻھن جو نه سسٽم جو.“چئبو ھاڻ تون پاڻ سسٽم آھين…؟ ” سسٽم وڏي شئي آھي پيارا. مان فقط ان جو ھڪ پرزو آھيان.” ھو ڪچو ماس پٽي کائڻ واري شڪاري جانور جو ڏيک ڏيڻ لڳو، جنھن جا ڏند رت ھاڻا ھوندا آھن، ۽ ھر وقت جھٽ ھڻڻ لاءِ آتو ھوندو آھي.
واهہ ڙي پرزا واهہ! چئبو تون بيھندين، ته سسٽم بيھجي ويندو…؟ “سسٽم ڪنھن جي لاءِ ناھي بيھندو. پرزو خراب ٿئي ٿو، ته ڪڍي ڦٽي ڪندا آھن. ان جي جاءِ تي ٻيو لڳي ويندو آھي.” اھو وري ڪيئن؟ مون خميسي کي يوريا ڏنو. ھو کُلندو ويو. “ھو پاڻ وارو يار سڃاڻين انيس؟” ڪھڙو انيس؟ “يار! انيس اي. سي آ جيڪو.” ھا ھا! ڇا ٿيو آ ان کي؟ “ذري گھٽ مئو ھو.” واقعي؟ “ھا ابا! چئن ڪروڙن جي فائيل موٽائي ڇڏيائين. چاليھه لک جو ڌَڪ ھو. ڊرڄي پيو اينٽي ڪرپشن کان. مالڪن خاطري ڪرائي، پوءِ به دِليون پيو ھڻي. نيٺ ڀائو وارن جي ڪال آيس. ڍير ٿي پيو.فائيل تي صحيح وٺي، ھٽائي ڇڏيائونس. آڱوٺو نصيب ٿيس. ھاڻي پوسٽنگ لاءِ پريشان آھي.”
وڏي ڳالھه آ.” وڏي نه، ننڍي ڳالھه آ. مان سسٽم جو حصو آھيان. سَڄو ڪم ائين ٿو ھلي. پھريان مونکي به ڀَئو ٿيندو ھو، پر ھڪ سينيئر مختيارڪار ويھي سمجھايو. چيائين جي اگر سسٽم ۾ ھلڻو آھي، ته پوءِ اھي خوف ختم ڪرڻا پوندا. بالا آفيسرن، سياستدانن ۽ طاقتور حلقن کي جواب ناھي ڏيڻو. رھي ڳالھه ائنٽي ڪرپشن جي، انھن کان نه ڊڄو. سياسي سپورٽ ضروري آھي، پر ان کان وڌيڪ اھم پنھنجو پرسنل بئنڪ اڪائونٽ آھي. ڪنھن جي مجال جو توھان ۾ ھٿ وجھي. ڪرپشن ڪيسن کي منھن ڏيڻ يا پوسٽنگ جا مسئلا مضبوط بئنڪ اڪائونٽ سان ئي حل ٿيندا. سٺو ڪپڙو لٽو، گھر، گاڏي ۽ بئنڪ بئلنس توھان جو بنيادي حق آھي.”
خميسي کي بُک ڇتو ڪري ڏنو. ويٽر آرڊر کڻي آيو ته دٻ ڏنائينس. “ويھن منٽن جو چئي اڌ ڪلاڪ غائب ٿي وئين…؟ ڇوڪرو چئي، سائين پنج منٽ دير ٿي آھي… معذرت.” “مينيجر کي سڏ ڪر” ويٽر کي رھڙ ڏنائين.
مون پنھنجي ڳالھه جاري رکندي چيو: افسوس ٿيو يار خميسا! تو جھڙو محنتي، جفاڪش، ۽ ميرٽ تي آيل ماڻھو به اھڙيون ڳالھيون ڪندو، ان جي اميد نه ھئم. ڪو سفارشي يا پئسن تي آيل ڳورپٽ اھڙيون ڳالھيون ڪري ھا ته گھٽ ۾ گھٽ ڏک نه ٿئي ھا. چئي، “اسان چند ميرٽ وارن کي ڇڏي، باقي سفارشي ۽ پئسن وارن جا ششڪا ڏسندين ته ڏندڻ پئجي ويندئي. اسين انھن جي سامھون ڪُڪُڙ ٿي ويھندا آھيون.”
خميسو وڏو رھزن آھي. جڏھن بيروزگار ھوندو ھو، وڏيون ڳالھيون ڪندو ھو. پَٽ سِڌي ڪري، ڀاڪر وجھي اَنڊي ھڻندو ھومانس ته ڄنگھون ويڪريون ڪري، اَنڊي ڇڏائي، سَندري ۾ ھٿ وجھي، مون کي ڦيرائڻ لڳندو ھو. ڏھاڪن کان سفارش ۽ ڪروڙين رپيا ڀري آيل ڪردارن جا ڪَچا چِٺا کولي رکندو ھو ۽ کين دل کولي گاريون ڪڍندو ھو. نتيجي ۾ سنڌ کي لڳل سماجي، ثقافتي، تھذيبي ۽ خاص طور معاشي ضرب جا قصا ٻڌائيندو ھو، ته منھنجو مٿو چڪرائجي ويندو ھو. ڦيرائي ڦيرائي ساڻو ڪري، ھٿ جو ڪڍندو ھو، ته مان اونڌي منھن وڃي پٽ تي ڪرندو ھئس ۽ بيھوش ٿي ويندو ھئس. مون کي بيھوش ڏسي خميسو پريشان ٿي ويندو ھو. ھٿن ۽ پيرن جو تريون مھٽي، پُٺن ۽ مٿي کي زور ڏئي، پاڻي جا ڇنڊا ھڻندو ھو، تڏھن وڃي ھوش ۾ ايندو ھئم. خميسي جون ڏاھپ ڀريون ڳالھيون هضم ڪرڻ منھنجي وس کان ٻاھر ھونديون ھيون.
اڄ اھو خميسو 180 ڊگري تي تبديل ٿي ويو آھي. لوڪ چئي، سڌري ويو آھي… ٻوٽو ٻاريو اٿائين. منھنجي ڪابه ڳالھه مڃڻ لاءِ تيار نه آھي. اڳي کان اڳرو. پنھنجي سينيئر مختيارڪار جو ڏنل سبق فل پڪو ڪري چڪو آھي. بس پوسٽنگ جي انتظار ۾ آھي. چيم، ککراڻي صاحب! سڀ ڪجھه ساڳيو آھي. ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگھه. جيڪي صاحب سنڌڙيءَ کي سماجي، ثقافتي، تھذيبي ۽ خاص طور معاشي ضرب لڳائي رھيا ھئا يا لڳائي رھيا آھن، تن ۾ ھڪ صاحب جو اضافو ٿيو آھي.”
کن پل لاءِ خميسي جو ڪَنڌ ھيٺ ٿي ويو. مون سمجھيو اھو ڪنڌ شرم وچان جھڪيو آھي. جيڪي ڏٺم ڏسي نه سگھيس. ھن ڪنڌ مٿي ڪري، ڪرسي تي ٽيڪ ڏئي، ٽنگ ٽنگ تي چاڙھي، چانھن جو ڍُڪ ڀري، وئپ وات ۾ وڌو. آسمان ڏانھن دونھون ڦوڪيندي چيائين: “ٻه رستا آھن، سسٽم جو حصو ٿي وڃجي يا مِٽجي وڃجي. آئون مِٽجڻ نٿو چاھيان.”
ارم کي پنھنجو ڪندين؟ چئي، “ان جو رشتو ٿي ويوآھي.” چانھن جو ڪوپ کڻندي منھنجا ھٿ ڏڪڻ لڳا. ڪنھن سان رشتو ٿيو اٿس…؟ اکيون ھيٺ ڪري چيائين، “الاءِ.” تو ڇو نه ڪيس…؟ ھن ڪو جواب نه ڏنو. “اُٿ ته ھلون” چئي ريسٽورانٽ تان ھيٺ لھي ويو. ارم: “ھئي نماڻي نست، پنڌ وڌائين پاڻ تي!”
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟