مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: زندگي موت جي منڊيءَ ۾ پيل مڻيو آهي (قسط پهرين)

Mujeeb Otho

تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ناول نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هُو جيڪو رنگ جو سانورو ۽ قد جو پورو پنو هو، سو پنھنجي عمر جا اهم سال ڳوٺ کان سوين ڪلو ميٽر ڏور هڪ اجنبي شھر ۾ گذاري چڪو هو، هن انھيءَ اجنبي شھر کي عمر ڏني هئي، پر ان کي پنھنجي دل ڏئي نه سگهيو هو، شھر ڪيترائي ڀيرا کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر هُو هر ڀيري هوا بڻجي ويو هو… هوا بڻجي هن هر مند ماڻي هئي، پر هر وسڪاري جي مند ۾ سندس دل اداس ٿي پوندي هئي ۽ روح بي چين ٿي پوندو هئس. هُو شھر جي پڃري ۾ قيد هڪ عام ڳوٺاڻو هو. شھر ۾ گذاريل پنھنجن تمام سالن ۾ هڪ ڀيرو بيحد اداس ٿيو هو: جڏهن کيس خبر پئي ته: بندرگاهه جي ڪالونيءَ ۾ رهندڙ هڪ اڌڙوٽ طوائف مري وئي آهي، اهو وٽس ڪنھن جي مرڻ جو پھريون ڏک هو.
انھيءَ اڌڙوٽ عورت سان سندس دل هئي. اتان کان اداسي ڦھلجڻ لڳي هئي، جيڪا سموري بندرگاهه کي ڪجھه ائين اداس ڪري رهي هئي، جو محسوس ٿيڻ لڳو هو ته طوائف جي موت کان به وڏو ڪو سانحو ٿيڻ وارو آهي… ان پل کيس شدت سان ائين ڀاسيو هو ته: اها اداسي ماڻھو پيئندي!
جڏهن سندس ڏيهه نيڪالي پوري ٿي ته اچانڪ شھر جا ماڻھو مرڻ لڳا هئا… ماڻھو تيزيءَ سان مري رهيا هئا، شروع ۾ ڪنھن کي علم نه هو ته: ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟، پر پوءِ ڊاڪٽرن سمجهي ورتو هو ته، اها طاعون هئي، جيڪا بندرگاهه وسيلي اتي پهتي هئي، جلد ئي حڪومت ان جا ترت اپاءُ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، نه رڳي متاثر ماڻھن کي سرڪاري ڪيمپن ۾ رکيو پئي ويو، پر ان سڄي ڪٽنب کي پڻ ٻهراڙين ڏانھن منقتل ڪيو پئي ويو. حڪومتي سخت روين سبب ماڻھو بغاوت به ڪري رهيا هئا، انھيءَ بغاوت جي پٺيان مبھم ڪارڻ ته ٻيا به ڪيترائي هئا.
ماڻھن جي ائين اچانڪ مرڻ کيس خوفزده ڪري ڇڏيو هو، هُو هر وقت ويچار ۾ رهندو هو ته: ڪِٿي هُو موت جي انھيءَ موسم ۾ ئي مري نه وڃي ۽ پنھنجو ڳوٺ ٻيهر اکين سان ڏسي نه سگهي… اهڙن پورن ۾ پچندي پچندي هن موت جي انھيءَ موسم مان نڪرڻ جو ارادو ڪيو هو.
جنھن وقت، هُو پنھنجي ڳوٺ موٽي رهيو هو ته ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ جا منظر سندس تصور ۾ هئا، هُو تصور ۾ محسوس ڪري رهيو هو ته، سڀ کان پھرين ڳوٺ مان کيس ڪير نظر ايندو ۽ اهو کيس سڃاڻندو به يا نه!؟ جي کيس سڃاڻندو ته ڇا اهو کيس سڪ سان سڏي سيني لائيندو يا ساڻس اجنبيت جي احساس سان ورتاءُ ڪندو!؟ يا کيس راهه ڀٽڪيل مسافر سمجهندو!؟ ڪير کيس ڌڪاريندو!؟ ڪير نفرت جي نگاهه سندس منهن ۾ هڻندو!؟ يا ڳوٺ پھچڻ تي سندس آجيان ڪيئن ڪئي ويندي، هُو واضح تصوير ڪشي ڪري نه پئي سگهيو.
ٻئي پل کيس خاطري هئي ته، کيس ڪو به ماڻھو سڃاڻي نه سگهندو توڙي جو هُو ڳوٺ جي ڪيترن ئي گهرن جا نقشا واضح ڪري ٻڌائيندو ته ڪھڙي جاءِ تي ڪنھن جو گهر هو، ڪھڙي جاءِ تي عبادت گاهه هئي ۽ ڪھڙي جاءِ تي ڳوٺ جي اڪيلي اوطاق هئي. هُو ڪجھه مري ويل ماڻھن جا نالا به ٻڌائيندو ۽ سندس ڏيهه نيڪاليءَ کان اڳ، سندس سانڀر ۾ جيڪي به مري ويا هئا، تن مان ڳوٺ جي اترين پاسي قائم قبرستان ۾ ڪھڙي جاءِ تي ڪنھن کي دفن ڪيو ويو هو، هُو انھن سمورين قبرن جي به نشاندهي ڪندو! عين ممڪن هو ته، پوءِ به هن کي ڪير نه سڃاڻي ۽ سمورا ڳوٺاڻا کيس ڪو جاسوس سمجهن يا چريو سمجهن ۽ ڳوٺ مان تڙي ڪڍن… پر احساسن جي ڪچي تند ۾ اڻيل هڪ اميد وٽس باقي هئي ته: ڳوٺ جو ڪو پوڙهو کيس سندس اکين مان ضرور سڃاڻي وٺندو ته: هُو ڪير آهي ۽ ڪنھن جو پٽ آهي!
هُو به زنده ماڻھن کي سڃاڻي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته عمر انھن تي پنھنجو بي رحم تهه چاڙهي چڪي هوندي. هُو اهو پڻ سوچيندو رهيو هو… سندس بي انت سوچن جو سلسلو دور دور تائين ڦھلجندو رهيو هو.
هن جي آخري خواهش اها ئي هئي ته: پنھنجي زندگيءَ جون آخري گهڙيون ڳوٺ ۾ گهاري، پنھنجن سان کِلي خوش ٿئي، ڪچھريون ڪري… ۽ پوءِ اتي ئي پنھنجا پساهه پورا ڪري! پر کيس اهو خيال پڻ ستائيندو رهيو هو ته ايترن سالن کانپوءِ به سندس ڳوٺ ساڳي جاءِ تي قائم هوندو؟ يا سمورو ڳوٺ لڏي ويو هوندو ۽ اتي سواءِ واريءَ جي ڀٽن جي ٻيو ڪجھه به نه هوندو!؟ ۽ هڪ ويران خاليپڻو سندس هانءُ کائي رکندو!
هُو سنجيدگيءَ جي سُور سان سوچيندو رهيو هو ته: ڇا سندس پيءُ ۽ نڳي ماءُ جيئرا هوندا؟ يا سندس سڳن ڀائرن ۽ سڳين ڀينرن مان ڪير ڪير زنده هوندو؟ ڪير ڪير مري مٽي ٿي چڪو هوندو!؟ ان پل هن پنھنجي گهر ۽ ڳوٺ جا اهي سارا منظر يادگيرين ۾ ورجايا، جيڪي شھر جي تنھا ۽ اداس زندگيءَ ۾ سندس واحد سهارو هئا. ننڍپڻ جون اهي سموريون ساروڻيون کيس سانوڻ جي ڪڻين جيان ڀاسنديون هيون.
اچانڪ سندس اکين جي آسمان تي آگم ڀرجي آيا ته هن روئي ڏنو… ڳوٺ ڏانھن واپسيءَ جي طويل ويران رستي تي سندس سڏڪن جا سرگم ڦھلجي ويا هئا، کانئس پنڌ ڪرڻ نه پئي پڳو، هُو ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺيان ويھي رهيو هو. ڪنڊيءَ جي ٽارين تي مُڃر لڳي رهي هئي. هُو ٿوري دير کان پوءِ ليٽي پيو ته کيس ننڊ ورائي وئي هئي، جنھن وقت سندس اکيون کُليون ته مٿس اُس هئي، هوا لڳي رهي هئي، واءَ ۾ واري اڏي رهي هئي، واريءَ جي وجود کي محسوس ڪندي کيس سال ٿي ويا هئا، پنھنجي پاڻ تي واريءَ جو وسڻ کيس وڻيو هو.
هن کي چوويھين سال جي ٻارهين مهيني جي ٽئين هفتي ۾ ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي هئي، سندس اها نيڪالي پنجويهن سالن تائين برقرار رکي وئي هئي، يعني جڏهن هو اڌ صديءَ جي عمر کي اورانگهيندو ته پنھنجي ڳوٺ وري سگهندو! سندس واپسيءَ تي ڪير ساڻس سڱ ڪري ته به ان جي مرضي هوندي، جيڪڏهن ڪو قدرن جي پائماليءَ جي پاپ تي ساڻس رُسيل رهي ته به ان کي اهو حق حاصل هوندو، ايترن سالن جو عتاب سھڻ جي باوجود به سندس سماجي سزا برقرار رهڻي هئي.
هن جي ڪنن ۾ هميشه پيءُ جو آواز گونجندو رهيو هو: “هيءُ ته مِرونءَ کان به ويل آهي، ان کي به ته ماديءَ جي بوءِ ايندي آهي… هن ڪميڻي کي ڪا شناخت ئي نه آهي… ڀلي سيرَ وجهوس!” ۽ اها سندس جذبي جي سچائيءَ جي طاقت هئي جو هُو ان وقت دل و جان سان تيار هو ته، ڀلي کيس ڪُٺو وڃي! هُو ان وقت به سوچي رهيو هو تهٰ: سندس سچائي رائيگان نه ويندي، هن جو خون کٿوري ٿيندو، زمين ۾ ملي سندس وجود کي امرتا بخشيندو! ڳوٺاڻان سندس موت وارو اهو منظر ڪڏهن به وساري نه سگهندا، جڏهن به ان جاءِ تان گذرندا ته خون جي خوشبو کين خوفزده ڪندي ۽ انھيءَ رستي وٽان لنگهڻ ڇڏي ڏيندا! پر هن کي ماريو نه ويو هو، کيس صرف تڙيو ويو هو.
شروع ۾ هڪ وڏي عمر جي عورت ڀڻڪي: “هيءُ توڙان ئي تڙيل آهي!” ان کانپوءِ کيس بي شمار بددعائون مليون،‘‘شل! ابتر ٿئين!’’، ‘‘شل! مرون آنڊا ڪڍئي!” “شل! ڪير ڪانڌي نه ٿيئي!” ، “شل! سائو نه ٿئين!” هن انھن جو ڏک نه ڪيو هو، کيس پنھنجن ڀائرن ۽ پنھنجين ڀينرن سميت ڪجھه ماڻھن جا چھرا پنھنجائپ جو احساس ڏئي رهيا هئا، پر هن جي پاسي ڪير به نه بيٺو. هُو اڄ جيان ڪالھه به هيڪل ئي هو.
هُو پنھنجي نسل جي پنجين پيڙهيءَ مان هو، سندس تڙ ڏاڏو پنھنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ هندستان جي شھر مونا بائو مان لڏي اچي، سنڌ جي ريگستان ۾ آباد ٿيو هو، سندس تڙ ڏاڏي سان گڏ ٻه چار مرد ۽ انھن جون عورتون پنھنجي اولاد سميت آيون هيون… هنن پاڻ سان ڪجھه ترارون ۽ تير ڪمان به کنيا هئا، سندس تڙ ڏاڏو نه رڳي تير گر هو، پر تير اندازيءَ جو پڻ وڏو ماهر هو.
هُو بي منزل مسافر اونھاري جي چانڊوڪين راتين ۾ ٻن اٺن، ٽن ڏاچين، هڪ توڏيءَ، چئن ٻڪرين ۽ پنجن ڍڳين سان کوکرا پار ٽپيا، هنن رستي ۾ پاڻيءَ جي کوهن جي اطلاع کي ذهن ۾ رکي پنھنجو سفر پئي ڪيو، وٽن ڪيئي سانداريون ۽ پخاليون هيون، جن ۾ پاڻي کڻندا هئا. ڏينھن جو جڏهن واري تپندي هئي ته هُو ڪنڊين جي وڻن هيٺيان آرام ڪندا هئا… ۽ رات جو واريءَ جي ٺرڻ سان ئي پنڌ شروع ڪندا هئا، هنن پنھنجي راهه ۾ بي پناهه نانگن ۽ بلائن کي واريءَ تي سُرندي ڏٺو هو، هر ڀيري هُو پاڻ بچائي اڳتي وڌڻ کي ترجيح ڏيندا هئا… پر ڪجھه کپر، واسينگ ۽ لنڊيون ماريون هئائون. هنن رستي ۾ ڪيترن ئي جهنگلي جانورن کي ماريو هو، جيڪي مٿن حملي لاءِ آيا پئي، تيز تکين ترارن سين مردن جانورن جا ٻه حصا پئي ڪري ڇڏيا. ٻرڪن ۽ ٻُوٻاٽن کي ٻڌي، هرڻن جِي هيج ڏسي، هُو خوش ٿيا هئا ۽ هنن فيصلو ڪري ورتو هو ته، کين پاليندا. هنن ريگستاني ٻوٽن ۾ ڪيترن ئي هرڻن کي لڪندي به ڏٺو ته ڪيترن ئي مورن جي ٽھوڪن کين موهيو به پئي.
سندس تڙ ڏاڏو جيڪو خوشگوار زندگيءَ جو سپنو سانڍي سفر اسريو هو، سو سندس اڳيان هو… ميرن جي صاحبيءَ واري دور ۾ سنڌ جو اهو صحرا هڪ فطري چراگاهه هو، پر پريان رڻ جي رڃ کين اداس پئي ڪيو.
هنن پنھنجي پراڻي تڙ کان نڪري ڍٽ وٽ پڙاءُ ڪيو هو… انھن مان ڪنھن کي به اهو علم نه هو ته جنھن صحرا کي هنن پنھنجي پيرن سان لتاڙيو آهي، تنهن جي واريءَ هيٺيان ڪئين ٽن ڪارو سون آهي!
هُو سڀئي سالن تائين پنھنجي پراڻي ڳوٺ کي وساري نه سگهيا هئا، هُو انھيءَ ڳوٺ کي ڳائيندا هئا، پر اهو ئي ڳوٺ بدلي ۾ کين ڳاريندو هو. پنھنجن رشتيدارن ۽ عزيزن کي بي پناهه سڪ سان ساريندا هئا، هنن وقت بوقت اوڏانھن ڀيرو ڀريو پئي، پر پيڙهيءَ جي مٽجڻ سان ان ۾گهٽتائي ايندي وئي هئي. هُو زندگيءَ جون عام ضرورتن واريون شئيون عمرڪوٽ مان اٺن تي وٺڻ ويندا هئا.
سندس تڙ ڏاڏي خواب ڏٺو هو ته: کيس هڪ پٽ ڄائو آهي، سو مري ويو آهي… وري کيس ٻيو پٽ ڄائو آهي اهو به مري ويو آهي، ان کانپوءِ ٽيون پٽ ڄائس اهو به مري ويس، ائين چوٿون پٽ به مري ويو اٿس… ٻئي لمحي هُو پاڻ واريءَ جي ڍير هيٺيان دٻجي ويو آهي… وڏي ڪوشش کانپوءِ پاڻ ان واريءَ مان اٿي ٿو ته کيس سامھون پنھنجي معصوم پٽن جون چارئي قبرون نظر اچن ٿيون، هُو قبرن ڏانھن وڃي ٿو، پھرين، ٻئين ۽ ٽئين قبر کانپوءِ جنھن وقت چوٿين قبر وٽ پھچي ٿو ته ان ۾ کيس رڳو ڪوئا ڊوڙندي نظر اچن ٿا، ڪوئن جي تيز سنهن تکن آوازن تي سندس اکيون کُلي ويون هيون… صبح جو سندس منهن تي اڻ ڄاول انھن ابھم ٻارڙن جي مرتيي جو سوڳ هو، جيڪو هُو پنھنجي زال کان لڪائي نه سگهيو هو.
…(هلندڙ)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو