مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: زندگي موت جي منڊيءَ ۾ پيل مڻيو آهي (قسط ٻين)

Mujeeb Otho

تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ناول نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

صبح جو سندس منهن تي اڻ ڄاول انھن ابھم ٻارڙن جي مرتيي جو سوڳ هو، جيڪو هُو پنھنجي زال کان لڪائي نه سگهيو هو (گذريل قسط سان ڳنڍيل)
تڙ ڏاڏي اهو خواب نجوميءَ کي ٻڌايو، نجومي خود خواب ٻڌڻ سان ئي گهٻرائجي ويو هو، المناڪيءَ جو تاثر سندس چھري تي اڀري آيو هو، هُو چپ ٿي ويو هو. نيٺ تڙ ڏاڏي جي اصرار تي کيس خواب جي تعبير ڪري ٻڌايائين ته: “تنھنجي پنجين پيڙهيءَ جي زماني ۾ موت جي وبا ڦھلجندي، ڏيھه ڏڪار ڏسندو، ماڻھن جا نسل ختم ٿي ويندا… ان ۾ تنھنجو به نسل ختم ٿي ويندو!” هڪ ننڍڙي خواب جي ايڏي وڏي ۽ ڀيانڪ تعبير ٻڌي تڙ ڏاڏو ڏڪي ويو هو، سندس وجود سراپا خاموشيءَ جي علامت بڻجي ويو هو. هُو بي چين ٿي پيو ۽ اتي پنھنجي سموري زمين ڇڏي، لڏڻ جو فيصلو ڪيو هئائين، سندس پيءُ مري چڪو ۽ ڀائر ڪو نه هئس، چاچن ۽ ٻين کيس گهڻو نه روڪيو… هُو سندس زمين جي خالي ٿيڻ تي خوش هئا، پر پوءِ به هن اها کين وڪرو ڪري ڏني… هجرت وقت ڪکڙن جو ڏک کيس ڪاريهر جي ڏنگ جيان ڪکيندو رهيو هو.
هنن جي ائين اچانڪ آمد تي ويجهي تر جا ماڻھو اچرج ۾ اچي ويا هئا… ٽئين چوٿين پيڙهيءَ تائين هُنن پاڻ به ڪنھن سان ڪا خاص رسم و راهه نه رکي هئي ٻيو ته ماڻھن به منجهن ڪا دلچسپي نه ورتي هئي، پر علائقي ۾ ايتري ڳالھه ضرور هئي ته: “صحرا ۾ ڪو قبيلو آيو آهي، جيڪو ڪا نئين ٻولي ڳالھائي ٿو!” هنن جي ٻولي الڳ ۽ اوپري هئي، جيڪا اتي جي ماڻھن کي سمجهه ۾ نه ايندي هئي… ۽ هنن پاڻ به ڪنھن ڌاريي کي اها سيکارڻ نه چاهي هئي.
ان قبيلي مان اهو اڪيلو فرد هو، جنھن هڪ ٻي ٻولي به سکي هئي، جيڪا شھر جا ماڻھو اڪثر ڳالھائيندا هئا، شروع ۾ اها ڌاري ٻولي سکڻ سندس ضرورت هئي، پر وقت گذرڻ سان هن ڪجھه ٻيون به ٻوليون سکي ورتيون هيون، مختلف ڪمن ڪندي هُو ڪيترن ئي ماڻھن جو نوڪر بڻيو ۽ اتي انھن کان انھن جي ٻولي سکيائين. نيون ٻوليون سکڻ ۾ کيس سال لڳا هئا، هن ڪو به معلم نه ڪيو هو ۽ نه ئي ڪنھن مڪتب ڏانھن منهن ڪيو هئائين، هُن هر هڪ شيءِ جو نالو تڏهن وڃي ياد ڪيو، جڏهن اها شيءِ سندس استعمال ۾ ايندي هئي. سالن بعد سندس سيني ۾ اجنبي ٻولين جي لفظن جا ڀانڊار هئا، ڳالھائڻ ۾ هڪ رواني هئس، لھجو پڻ نج هئس… ۽ سوچ جو هڪ نئون زاويو هئس!
هن جي ٻولي هن کان ڪنھن نه سِکي! سندس مادري ٻولي ماضيءَ ۾ دفن ٿيندي وئي هئي. هن سان پنھنجي ٻولي ڳالھائڻ وارو ڪو به نه هو، اها سندس سيني ۾ ئي بند رهي هئي… ڪنھن ڪنھن وقت هُو تنھائيءَ ۾ پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪو لوڪ گيت جهونگاريندو هو ته: ماڻھو کيس ڏسي مرڪندا هئا، پر کين ساڻس ڪو سروڪار نه هوندو هو.
هڪ ڏينھن، ان اجنبي شھر ۾ هڪ نئين ٻولي ڳالھائيندي کيس ائين لڳو هو ته: هن هڪ ٻي ٻولي سکي نئين زندگي جيئڻ شروع ڪئي آهي، پر اها زندگي بي لطف ۽ بي سواد آهي! ڳوٺ واپس ورڻ وقت کيس جن ڳالھين جي خوشي هئي تن ۾ نئين ٻولين جو لھجو، اچار ۽ آلاپ به شامل هئا، هُو شھر ۾ سوچيندو رهندو هو ته: پنھنجي ڳوٺ وارن کي اهي نيون ٻوليون ضرور سيکاريندو!
هُو اٿيو ۽ اس مان سِري ڇانءَ ۾ ٿيو، واريءَ جي هڪ لپ ڀري غور سان ڏٺائين، ان پل محسوس ائين ٿيو هو ڄڻ ان مان پنھنجو ننڍپڻ ڳولهڻ چاهيندو هجي، ٻئي پل هن اها واري پنھنجي چپن جي ويجهو ڪئي… ساهه کڻڻ سان کيس واريءَ مان جهنگلي ٻوٽن جي باسي بوءِ آئي، گرميءَ جو اوج هو… گرم هوا هلڪي ٿي چڪي هئي، تتل واري اڃان ٺري نه هئي، پر هُو هڪ سرشاريءَ سان اٿيو ۽ ڳوٺ ڏانھن پنڌ ڪرڻ لڳو هو… اڪن تي اُس هئي ۽ ڦلڙيون ڦلڙيون راهه هئي، ٿوهر کيس کِلي کيڪاري رهيو هو، ڪنڊين جي سائي هجڻ سان کيس سڪون مليو هو.
هُو ٿورو ئي هليو هو ته ٻُڪڙَ ۾کيس ڪجھه هڏا نظر آيا، هن هڪدم انھن تي غور ڪيو ته اتي ئي کيس انساني کوپڙي پڻ نظر آئي، هيڪر هُو سراپجي ويو هو، کيس ڪنھن اجنبيءَ جي اهڙي ڍانچي گهڙي پل لاءِ سوڳوار ڪيو. هن سوچيو: ڪنھن کي ماري هتي لاش کي لڪائي پوريو ويو هوندو ۽ وقت گذرڻ سان ان جي مٿان ورايل واري لھي وئي هوندي، تڏهن لاش ظاهر ٿي پيو آهي… هن انساني عظمت جي احساس تحت ان جي مٿان واري ورائي ۽ انساني هڏن کي مڪمل طرح سان ڍَڪي ڇڏيو هئائين، پوءِ، هُو اڳتي روانو ٿي ويو هو… واري سندس جوتن ۾ ڀرجي پئي وئي، کيس وکن کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي، کيس بار بار جوتا ڇنڊڻا پئي پيا. ڪجھه ئي قدمن جي فاصلي کانپوءِ کيس ڳاڱيءَ جا ٻوٽا نظر آيا، جن جي پچي راس ٿيل گلن مان ٻج ڇڻڻ تي هو. هن نه چاهيندي به ڳاڱيءَ جا ڪجھه داڻا پنھنجي وات ۾ وڌا ۽ چٻاڙڻ لڳو هو، کيس ان جو ذائقو نه آئڙيو… پر پوءِ به هُو چٻاڙيندو رهيو هو.
ڪجھه پنڌ ڪرڻ کانپوءِ هن کي هڪ ٻيو لاش نظر آيو، جيڪو پوڇانڊيءَ جي پڇڙيءَ وٽ هو، لاش جو منهن واريءَ سان ڀرجي ويو هو. حيراني مٿس حاوي ٿي وئي هئي، هُن انھيءَ جي مٿان پڻ واري ورائي، لڳاتار ٻئي انساني موت ڏسڻ کانپوءِ هُو انھن بابت سوچي رهيو هو، ترت ئي کيس اهو خيال اچي ويو هو ته: شھر واري موت جي موسم هتي پڻ پھچي چڪي آهي! اهڙي خيال تي سندس هانءُ کاڄي ويو هو، اهو ٻيو ڀيرو هو جو کانئس پير کڻڻ نه پئي پڳو… پر هُو ڇڳل هانءُ سان هر وک وڌائي رهيو هو، هر وک تي ويچاري رهيو هو ته کيس ڪو ماڻھو ملي، جنھن کان اهڙي صورتحال بابت معلومات وٺي، پر سموري پنڌ ۾ کيس ڪو به ماڻھو نه مليو ته کيس خاطري ٿي… اکين جون ترايون ڀرجي آيس ته ديد ڌنڌلي ٿيندي وئي هيس… هن ٽوهه جي سڪل ول لتاڙي، جنھن سان سندس دل ۾ هڪ اداس لھر جو جنم ٿيو… هُو اداسيءَ جي انھن لھرن سان ريگستان ۾ رڙهي رهيو هو.
ڳاڱيءَ جي داڻن کي چٻاڙڻ سان سندس وات جو ذائقو خراب ٿي ويو هو، توڙي جو هُو بنيادي طرح صحرا جو رهاڪو هو، پر شھر جي کاڌن ۽ هڪ طويل جلاوطنيءَ کانئس اهي سمورا سواد وساري ڇڏيا هئا… جڏهن کيس چڀڙ جي سڪل ول نظر آئي ته، هُو هڪدم بيھي رهيو هو ۽ ان ۾ چڀڙن جي ڳولها ڪرڻ لڳو هو، کيس ڪجھه چڀڙ هٿ لڳا… جن کي آرام سان کائڻ لڳو هو. ان پل هڪ ياد سندس ذهن تي تري آئي هئي: ننڍپڻ ۾ جڏهن سندس حصي ۾ آيل سارا کاٽونبا کارا نڪتا هئا ته: هن ڏاڍو رنو هو. سندس روئڻ تي پيءُ کيس ڪوٽينٻڙ ۽ ڪوڪلا چڀڙ پاڻ سان ويھاري کارايا هئا… اهڙيءَ البيلي ياد تي سندس دل سانوڻ جي مند ٿي پئي هئي.
هُو جڏهن شھر هوندو هو ته اڪثر اڪيلين راتين جي نراس پھرن دوران تصور ۾ ڳوٺ هليو ويندو هو… ائين هُو انيڪ ڀيرا ڳوٺ جي ياترا ڪري چڪو هو، پر جڏهن حقيقت ۾ ڳوٺ آيو پئي ته، اڻانگي رستي کيس رلائي ڇڏيو هو. توڙي جو هن پراڻن ساڳين پيچرن کي ذهن ۾ رکي پير وڌايا پئي. هُو ڀٽڪندي ڀٽڪندي هڪ ڀڙڀانگ ڳوٺ وٽان گذريو، ڳوٺ جي نابود نقشن مان کيس معلوم ٿيو هو ته: رهاڪن کي لڏيي ڪيئي سال لنگهي ويا هئا، هُو ڳوٺ جي واحد ويران جين ڌرم جي مندر ۾ داخل ٿيو، مندر پڪين سِرن جو تعمير ڪرايل هو، جنھن ۾ ڪا به مورتي رکيل نه هئي، مندر جي انھيءَ خاليپڻي کيس کائي رکيو هو… هُو پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيو هو، شھر ۾ رهندي ايترو پنڌ هن هڪ وقت ڪڏهن به نه ڪيو هو… هن پاڻ سان کنيل پاڻي پيتو، کيس بيحد بک لڳي هئي. هڪ پُر اميد، پر اداس شام ٿي چڪي هئي.
چنڊ آسمان تان گم هو، تارن جو چھچٽو هو، تارن سان ڀريل اهڙي آسمان کيس رات جي دلڪش هجڻ جو احساس ڏياريو، پريان رڻ کان ايندڙ ٿڌي هوا کيس روح پرور ننڊ آڇي رهي هئي، ننڊ کان اڳ کيس نانگن، بلائن ۽ مروئن جو خوف ٿي رهيو هو، هن اها رات انھيءَ سنسان مندر جي پڌر تي گذاري هئي.
انھيءَ ننڊ ۾ هن خواب ڏٺو هو ته: هُو جنھن ويران مندر جي پڌر تي اڪيلو آرامي آهي، تنهن ۾ هڪ ماڻھو داخل ٿيو آهي، تيز تکي سفيد روشني سندس سندر اکين مان نڪري رهي آهي، هُو جنھن به شيءِ ڏانھن ڏسي ٿو ته اها روشن ٿيو ٿي پئي… هن ساري مندر جي ڏيئن ڏانھن ڏٺو آهي، ٻئي پل سمورا ڏيئا ٻري پيا آهن… ديوارن ۾ بڻيل ڏيئي دانن ۾ جهلملائيندڙ روشنيون آهن، ڏيئي جي تيل ۾ ڪا اهڙي شيءِ آهي، جيڪا ماحول کي معطر ڪري رهي آهي… مٿي آسمان ۾ جهلملائيندڙ تارا آهن ۽ هيٺ مندر جي ديوارن ۽ پڌر تي جهلملائيندڙ ڏيئا آهن… اهڙي جهلملائيندڙ روشنيءَ ۾ مندر ۾ هڪ ٻيو به ماڻھو داخل ٿيو آهي، سينو ويڪرو اٿس، قد جو وڏو آهي… ڳچيءَ ۾ اڇن موتين جون ڊگهيون مالهائون پاتل اٿس… ان جي شخصي روپ کيس بيحد متاثر ڪيو آهي، هن پوري حياتي ءَ ۾ اهڙو حسين مرد اڳ ڪڏهن به ڏٺو نه آهي… هُو ان جي پويان پويا هلڻ لڳو آهي، پڌر اڪري، بنا در واري مندر ۾ اندر داخل ٿيو آهي… ڏسي ٿو ته نه رڳي اهو مالھائن وارو ماڻھو مورتي بڻيو پيو آهي، پر اکين جي روشنيءَ سان ڏيئا ٻارڻ وارو ماڻھو پڻ هڪ حسين مورتي ۾ بدلجي چڪو آهي… ۽ انھن جي اڳيان ٽي ساڌو گيان ۾ ويٺا آهن… هُو سندن گيان ۾ ڪابه مداخلت نٿو ڪري، واپس اچي پڌر تي ويھي ٿو ته جيئن ساڌو ٻاهر اچن ته ساڻن ڪلام ڪري! ڪيتري ئي دير گذري ٿي وڃي، پر ساڌو ٻاهر نٿا اچن… سندن گيان گهرو ٿيندو ٿو وڃي! نيٺ هُو تنگ ٿي ٻيهر مندر جي اندر وڃي ٿو، ٻئي پل هن کي ائين محسوس ٿيو آهي ته هڪ ٻاوي، مالھا واري مورتيءَ جي هڪ مالھا لاهي، هن جي ڳچيءَ ۾ وڌي آهي! ان مالها جي ڳچيءَ ۾ پوڻ شرط ئي هن ٻئي هٿ پنھنجي ڳچيءَ ۾ وڌا آهن… ڳچيءَ ۾ هٿن جي پوڻ سان ئي سندس اکيون کُلي ويون هيون، هن هڪ ڊگهي بلا کي هڪدم پاڻ کان پري اڇلائي ڇڏيو هو… سندس دل بي پناهه تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي، هُو گهٻرائجي ويو هو… ۽ هڪدم اٿي پوئتي هٽيو هو.
هُو باقي رات جاڳندو رهيو هو… خوف سندس دل ۾ گهر ڪري ويھي رهيو هو، صبح جو تترن جي ٻولين سندس بي جان جسم ۾ جان آندي ته هُو اٿي مندر کان ٻاهر اچڻ لڳو هو، هيڪانديون هوليون مندر مٿان اڏري، ڏور ڪنھن ماڳ ڏانھن وڃي رهيون هيون، هن اجري آسمان ڏانھن ڏٺو، ڪونجن جي قطارن کيس سفر جي اسرڻ جي آگاهي ڏني… هُو وڃڻ لڳو هو ته مورن جي ٽهوڪن کيس مڙي نھارڻ تي مجبور ڪيو هو، ٻه مور مندر تي اچي ويٺا هئا، ان پل هن رستي تان کنيل آخري ٻه چڀڙ چٻاڙيا ۽ ٽن ڍڪن جيتري پاڻيءَ کيس معمولي توانائي ڏني هئي.
هُو جنھن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ پهتو ته، سندس سمورو ڳوٺ تباهه ٿيل هو، ڳوٺ مان موت جو راڪاس گهمي ويو هو، راڪاس ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪھڙي ريت گهمي ويو هو، کيس ان ڳالھه جو ذري جو به علم نه هو، هُو هر انسان توڙي حيوان جي هيبتناڪ مرتيي تي حيران هو، بلڪه هن تي ڳوٺ جي مڙني ماڻھن جي مرڻ سان حراس حاوي ٿي ويو هو.
سڀ کان پھرين، هُو پنھنجي گهر طرف ويو، پر اتي ڪوبه ڀاتي زنده نه هو، کيس خبر نه پئجي سگهي هئي ته اهو واقعي به سندس گهر هو! گهر جو نقشو نئون هو، هُن انھيءَ گهر ۾ يارنهن لاشَ ڏٺا. هُو هڪ به لاش مان سمجهي نه سگهيو هو ته ڪھڙو لاش ڪنھن جو آهي. مٿس قيامت ڪڙڪي پئي هئي، هُو سمجهي چڪو هو ته: ڳوٺ ۾ ڪو به ماڻھو جيئرو نه هوندو، پر پوءِ به هن وڏي واڪي پنھنجي پيءُ جو نالو وٺي ڪيترائي سڏ ڪيا… کيس ڪٿان کان به ڪو جواب نه مليو ته هن وري پنھنجي ڀائرن جا نالا وٺي سڏ ڪيا، سنسان گهر ۾ سندس ئي ڳورو آواز گونجندو رهيو هو… هن ٻيهر سڏ ڪيا، سمورن سڏن جي پڙاڏي مان ائين محسوس ٿيو هو، ڄڻ پريان رڻ مان ڪو بد روح بيھي سندس سڏن کي وڏي زور سان ورجائي رهيو هو. وايومنڊل ۾ ڪيتريون ئي ساعتون سندس اهي آواز هئا. انھن آوازن جي انت سان ئي ڀيانڪ خاموشيءَ جو جنم ٿيو هو، اها خاموشي سندس وجود جو اٽوٽ حصو بڻجي وئي هئي.
هُو پريشان ٿي ويو هو، سندس دماغ ڪم نه ڪري رهيو هو، جهڙوڪر، دماغي توازن وڃائي ويٺو هو، هيٺ واريءَ تي ويھي رهيو… ڪا دير اتي ئي ويٺو رهيو هو، کيس شديد اڃ لڳي چڪي هئي، هُن گهر ۾ پاڻيءَ جي ڳولها ڪئي، پر کيس سمورا مٽ، دلا ۽ سانداريون خالي ئي مليون… ٻئي پل هن کوهه جي ڳولها شروع ڪئي، هُو بي حال ٿي چڪو هو. ان گهر مان سوڳوار قدم کڻي ٻاهر نڪتو ۽ چوطرف نظر ڦيرايائين، کيس هر پاسي وسيع ويراني نظر آئي، سمورن جهوپن ۽ چونرن تي اداسي پنھنجا پر کوليو ويٺي هئي، اها اداسي هن جي اندر ۾ لھي وئي هئي، سندس دل ويھي وئي هئي، هن هڪ طرف جو رخ ڪيو، پر ان طرف کيس کوهه نظر نه آيو… هُو اتان ترت ئي موٽيو ۽ ٻئي طرف جاچڻ لڳو هو، ڪجھه قدمن جي فاصلي تي کيس هڪ لاش نظر آيو، جنھن جي ڀرسان ٻه مٽ ۽ هڪ سانداري پيل هئي… هُو ويجهو ويو، لاش جوان عورت جو هو… جنھن کي پھريل ڪپڙا اڃان مڪمل ڳريا نه هئا، هوا گهگهي کي سيري، سندس انگ اگهاڙا ڪري ڇڏيا هئا… هن پھرين ان جا انگ ڍڪيا ۽ پوءِ سندس چھري تي پنھنجيون نگاهون مرڪوز ڪيائين، هن سندس نقشن کي ڪنھن نه ڪنھن سان ڀيٽڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، ٻئي پل هن مٽ جاچيا، جيڪي خالي هئا ۽ سانداري آلي هئي، پر ان ۾ پاڻي نه هو.
هُو اڳتي وڌيو، کيس ان طرف ڳوٺ جي ڀر ۾ ئي کوهه نظر آيو، هلڪي هوا تي نمن جون ٽاريون جهولي رهيون هيون، سامھون سج لھي رهيو هو، هُو روشنيءَ جو هيراڪ ٿي ويو هو سو اونداهيءَ جي الڪي پڻ سندس اندر ۾ ڪر کنيو هو.
هُن ان طرف تڪڙيون وکون کنيون هيون، بلڪه ڊوڙ پاتي هئائين، کوهه جي ٻئي پاسي کيس ڪنھن ڪُراڙيءَ جو لاش نظر آيو، سندس ساهه تيز هلي رهيا هئا، هن ڪي پل بيٺي ئي ان کي پئي ڏٺو ۽ پوءِ سوچيائين: هن مھامري منڌ ته هرينھَن ڪري ڇڏيا آهن! هُو ڪي گهڙيون بيٺي ئي ان ڪُراڙيءَ جي لاش کي ڏسندو رهيو هو، جنھن کي پکين ۽ جانورن ڀرپور کاڌو هو. کوهه ۾ پاڻي هڪ اندازي موجب چاليھه پرهه هيٺ هو، نيٺ رسي سان پاڻيءَ جو ڏول ڇڪيائين، پاڻي بالٽي ۾ ناتائين ته هڪدم جانور جيان ان ۾ منھن وڌائين، پر گهڻو پاڻي نه پيتائين، صرف نڙي آلي ڪيائين، پاڻي مٺو هو، ڪجھه لمحن بعد هن ڀرپور پاڻي پيتو، سندس پيٽ ڦوڪجي ويو هو، هُو کوهه جي ڀر ۾ ئي ويھي رهيو هو. ٿڪاوٽ سندس جسم ۾ پيهي وئي هئي، هڪ ڪيترن ڪوهن جو پنڌ ٻيو سڄي ڳوٺ جي مري وڃڻ کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو.
هن اتي ويٺي ئي فيصلو ڪيو ته: سڄي ڳوٺ جا لاش پوري پوءِ شھر واپس ويندو! ڇاڪاڻ ته هاڻ ڳوٺ ۾ رهڻ جو سندس ڪو جواز ئي نه هو… ٻئي پل کيس خيال آيو ته، اونداهي ٿيڻ کان اڳي سموري ڳوٺ مان چڪر لڳائي اچي، متان ڪو ماڻھو يا مال جيئرو هجي!؟ هن جو اهڙو خيال لھندڙ سج جي لالاڻ جهڙو هو.
هُو اٿيو ۽ پنھنجي بي جان جسم کي گهليندو گهر گهر وڃڻ لڳو هو، سڀ کان پھرين هُو ويجهو ئي واحد چونري واري گهر ۾ داخل ٿيو، جيڪو کوهه جي کاٻي پاسي هو. کيس اتي صرف ٻه لاش نظر آيا، جيڪي سندس سوچ مطابق زال مڙس جا هئا، چونري تي چٽ هئا، جن کي ڏسندي هن سوچيو: هنن جي شادي هاڻي ئي ٿي هوندي، خبر ناهي هنن هڪٻئي کي ڪيترو ماڻيو هوندو! خبر نه آهي عورت جي اندر ڪو ابھم به هو، جيڪو ڄمڻ کان اڳ ئي مري ويو هوندو! عورتاڻي لاش جي چھري جي نقشن مان کيس عورت جي دلڪش هجڻ جو اندازو ٿيو، هُن جهڪي لاش کي غور سان ڏٺو، لاش جي اکين ۽ وات ۾ کيس جيت هلندي نظر آيا… ٻئي پل هُو پوئتي هٽيو ۽ مرد جي لاش کي ڏٺائين، جنھن جي جسامت مان کيس سندس ڀرپور جوانيءَ جو احساس ٿيو، مرد کي هڪ چانديءَ جي منڊي پھريل هئي، جنھن ۾ زعفراني رنگ جو ٻُڙو هو، ان پل کيس ائين لڳو: زندگي ڄڻ موت جي منڊيءَ ۾ پيل مڻيو آهي!
هُو اتان حوصلو سنڀالي نڪري آيو ۽ ٻئي گهر ۾ داخل ٿيو هو، جتي صرف کيس ٻن عورتن جا لاش نظر آيا، هن انھن ڏانھن گهڻو غور نه ڪيو، پر اتي ٻن مئل ڍڳين سندس توجهه پاڻ ڏانھن ڇڪيو هو، جن جي ڳچين ۾ چڙا پيل هئا. ويجهو ئي کيس هڪ مئل ٻڪري پڻ نظر آئي، جنھن کان اڳتي وڌي هُو واڙِ کان ٿي آيو، جتي ڇھه ٻڪريون، ٻه ٻَڪر ۽ ٽي ڇيليون مُيون پيون هيون. اهو کير ڏيندڙ مال رسن سان ٻڌل هو، جنھن ڪري بک ۽ اڃ وگهي مري ويو هوندو! هن سوچيو. گهر ۾ ڪُٽيل گوار جي چاري جي ذخيري ۽ چونئري جي پوئين پاسي ٻاجهريءَ جي ڪانن جي دَن جي موجودگيءَ سندس اداسيءَ ۾ اضافو ڪيو هو. ٻئي لمحي هن گهر ۾ پنھنجي نگاهون ڦيرايون ته کيس ان ئي گهر ۾ اٺن جا پلاڻ ۽ پاکڙا پڻ نظر آيا هئا… کيس اٺن جي اوڳر جي باسي بوءِ تصورن ۾ محسوس ٿي، کيس هڪدم اٺن جي کڄي ڪرڻ ياد پيو، اهڙي هڪ منظر جي ڌنڌلي ياد سندس ذهن تي نقش هئي.
ان گهر ۾ ڪنھن مرد جي لاش نه ملڻ تي هن سوچيو ته: ٿي سگهي ٿو مرد ڪنھن ڪم سان ويا هجن ۽ اڃان واپس نه وريا هجن يا ٿي سگهي ٿو ته اٺن تي سوار ٿي، موت کان ڀڄي ويا هجن، پر شايد کين علم نه هوندو ته موت کان ڪوبه ڀڄي ناهي سگهندو… پر عين ممڪن هو ته اٺن پاڻ پينگهيون ڇنائيون هجن ۽ ڳوٺ مان نڪري ويا هجن ۽ هن گهر جا مرد ڪنھن ٻئي گهر ۾ ڪچھريءَ سانگي ويا هجن ۽ اتي مري ويا هجن! اهڙي موت جي مينهن کان ڪنھن ڀڄي پاڻ بچايو هوندو؟ ڪير هن ڳوٺ مان زنده بچي ويو هوندو… هُو سوچيندو رهيو هو… پر جيتري قدر کيس خاطري هئي ته: ڪنھن جو به زنده بچڻ ممڪن نه هو.
هڪ ٻئي گهر ڏانھن رخ ڪيائين، جتي سڄي گهر ۾ کيس ٽڙيل پکڙيل اٺ لاش نظر آيا، جن مان ٻه لاش چونري جي اندر هئا ۽ هڪ لاش کٽ جي ڀر ۾ واريءَ تي هو، جيڪو ڪنھن جهور پوڙهي جو هو، هن اهو لاش نرڙ تي ڪھاڙيءَ جي گهاءَ مان سڃاڻي ورتو هو، لاش سندس پيءُ جي چاچي جو هو، جنھن کي جوانيءَ ۾ ڪنھن ريٻارڻ سان عشق ڪرڻ تي پنھنجي زال اهڙي بي وفائيءَ تي ڪھاڙي هنئي هئي. هُو ان لاش جي ڀرسان جهڪي ويٺو، سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا… هن هڪ هٿ کيس ٻڌل پٽڪي کي لاتو، ڪھاڙيءَ جي گهاءَ کي به ڇھيائين! هن هڪ وڏي اوڇنگار ڏني، سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا، هُو ڪنھن خوف سبب ترت ئي لاش کان پري ٿيو. اُس ۾ پيل انھيءَ گهر جي ٻين لاشن جي حالت انتهائي خراب هئي، جيت لاشن تي هلي رهيا هئا… ۽ شڪار خور پکين جي ٺونگن جي بي پناهه نشانن لاشن کي هيبتناڪ بڻائي ڇڏيو هو… هڪ لاش جو ڪيترو ئي حصو کاڌل هو، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنھن جهنگلي جانور ان کي ڀرپور کاڌو هو.
هُو ان گهر ۾ هٿ بتي ڳولهڻ لڳو هو، کيس هڪ لالٽين ملي، جنھن ۾ ڪجھه گاسليٽ هو… هن اها هٿ ۾ کنئي ۽ ٻئي لمحي شديد بک سبب پنھنجي کائڻ جي لاءِ ڪجھه ڳولهڻ لڳو هو… کيس ان ئي گهر مان کائڻ لاءِ تر ۽ ٻاجهري ملي، هن ترن جي لپ ڀري پنھنجي وات ۾ وڌي ۽ انھن کي چٻاڙڻ لڳو هو. هُن نهري تان هڪ جست جو ٿانءُ کنيو، جنھن ۾ ٻاجهري وڌائين ۽ اڳتي ٻين گهر ڏانھن نڪري ويو هو.
هن کي پنھنجي انھيءَ مردار ڳوٺ جي ستاويھن چوئنرن ۾ ڪُل هڪ سو ڏهه لاش مليا، جن مان اٺٽيھه ٻارن جا، ايڪيتالھه مردن جا ۽ ايڪٽيهه عورتن جا هئا… کيس ڪيترن ئي گهرن ۾ پڻ وڌيڪ ٻڪريون ۽ ڍڳيون مئل مليون هيون، ڪيترائي لاش کاڌل هئا، اهڙا لاش خوف جي علامت هئا. جانورن جو ماس پڻ کاڌل هو. هوا جي لڳڻ تي ڳوٺ ۾ بدبوءِ پڻ ڦھلجي رهي هئي.
گوشت خور پکي ڳوٺ مٿان لامارا ڏئي رهيا هئا، کيس ان منظر وڌيڪ تڪليف ڏني، هُن سوچيو هڪ ئي وقت سڄي ڳوٺ جي لاشن کي پکين ۽ جانورن کان ڪيئن بچائي سگهندو، سو هن رات جو ئي لاشن کي دفنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو، پنڌ جي ٿڪاوٽ سندس عضون ۾ پيھي چڪي هئي، پر ڪو احساس منجهس باقي هو، جنھن کيس اهڙي المانڪ عالم ۾ به ٻل ڏنو هو.
…(هلندڙ)…
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو