ڪهاڻي: آئيءَ کان دائي تڪڙي
Zulfiqar Nasir Sario نثر نويس، ڪهاڻيڪار، شاعر، ولاگر، نقاد
بي.اِي (مڪينيڪل انجنيئرنگ). اڳوڻو جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي ۽ آڊيٽر (سنڌي ادبي سنگت باڊهه)
ايڊووڪيٽ علي خان رات کان جڏهن فيس بُڪ تي سنڌ جي نقشي تي چار رنگ ڏٺا هئا ته سمهي نه سگهيو هو. بس صبح جو انتظار هئس. هونئن به هر آچر تي ڳوٺ واري بنگلي تي ويندو آهي. ڪمدار ڪمال کان حال احوال وٺي، ڳوٺ وارن سان ملي واپس ورندو آهي، پر ايڏو جلدي نه، جيئن اڄ اتاولو لڳو پيو هو. گهر وارا به پريشان ته ڪو ڳوٺ ۾ يا وري زمينن تي ڪو ڦڏو فساد ٿي پيو آهي، جو ايترو جلدي تيار ٿي وڃي رهيو آهي.
“ڪهڙو مامرو ٿيو آهي جو ايئن پريشان آهيو.” سندس گهرواري نصرت جهان سندس پريشاني ڏسي آخر پڇي ورتو.
“ڪجھه ناهي، سڀ خيريت آهي، جلدي واپس ورڻو هو، تنهنڪري جلدي پيو وڃان. اوطاق تي ماڻهو انتظار ڪندا هوندا، انهيءَ ڪري وڃان پيو، ٻيو سڀ خير آهي. اوهان پريشان نه ٿيو، راهول خان هلڻ جو چيو هو، چئجانس ته مٿئين آچر تي هلنداسين ۽ شڪار به ڪنداسين. ٺيڪ، مان هاڻي هلان ٿو.” ايڊووڪيٽ علي خان ٻاھر اچي گاڏي ۾ ويٺو. ٻه گارڊ پويان ڊالي ۾ ويھي رھيا. ڊرائيور گاڏي ڪڍي، موهن جي دڙي واري ڪچي ڏانهن ويندڙ پڪي روڊ جي طرف رخ رکيو.
ڀوتار علي خان ڪچي جي ڪيٽي جو مالڪ آهي. چڱي خاصي زمين سندس پنهنجي آهي ۽ سندس قبضي هيٺ آيل سرڪاري کاتن واري زمين تي به ڀوتار علي خان جو راڄ آهي. هن ڪنڌي کان سامهون ٻي ڪنڌيءَ لڳ به ويٺل ۽ ترسايل هاري سندس ٻنيءَ مان پنهنجي مٽي جي ٺهيل گندين ۾ سڄي سال جو اَنُ رکندا آهن ۽ انگ ڍڪيندا آهن. پرين ڪنڌي جون زمينون ڪنھن ٻئي زميندار وٽ هيون، پر جڏهن کان ٻيلن ۾ جنريٽر کڻي ۽ ڳاڙهين سائين گولين وارا ٻورا ٻڌي، سنگت رھڻ لڳي هئي، تڏهن هن انهيءَ زميندار کان سندس مجبوري ڏسي هيءَ زمين ورتي هئي. پاڻ ته اڃان انهيءَ پار ويو به ناهي. ڪمدار ڪمال پتڻ ٽپي وڃي سارسنڀال لھندو آهي. سانوڻي ۾ جڏهن شينهن درياءَ وهندو آهي ته پوءِ اهو پتڻ وارو سولو دڳ به اوکو ٿي پوندو آهي. ڪافي دفعا ڀوتار کي چيائين ته ڀوتار سائين ويجھي پل ٽپي هلي چڪر ڏئي اچون، پر ڀوتار سائين جي، ها… هلنداسين، چئي چپ ٿي ويندو هو. ايڊووڪيٽ علي خان جي ڀوتار علي خان نالي سان سندس سڄي تر ۾ ناماچاري آهي. گذريل چونڊن ۾ انهيءَ ناماچاري کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ فارم ڀرائي خرچ به جام ڪيائين، پر هتي ته اڳئي ڀوتارن، اهي به گڙنگ ڀوتارن جي قطار لڳي پئي هئي. ٻيو ته ڀوتارن خلاف واويلا به کيس دل برداشتو ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري شهر وڃي ڪنهن دوست هٿان داخلا وٺي، سَندَ هٿ ڪري ڪارو ڪوٽ وٺي پاڻ کي ايڊووڪيٽ سڏائڻ لڳو هو. گهر تي به ماربل جي سر تي ايڊووڪيٽ علي خان ته گاڏيءَ تي به ايڊووڪيٽ ۽ هر وقت ڪارو ڪوٽ سندس گاڏي جي در اندر ٽنگيل هوندو ھو، جيئن پري کان ڏسندڙ به سمجھي وڃي ته هيءَ گاڏي صاحب جي آهي. هڪ ته گذريل اليڪشن ۾ جڏهن اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ گريجوئيٽ هجڻ جو شرط لازمي ڪيو ويو هو، تڏهن کان ته کوڙ سارا ڀوتار پرائيويٽ ڪاليجن جا گهوسٽ شاگرد بڻجي ويا هئا. ڀوتار علي خان مان ايڊووڪيٽ علي خان بڻيو ته ڪا وڏي ڳالھه ڪانه هئي. سياسي پارٽين به وري بجاءِ ڪنھن پروفيسر، ڪنهن انجنيئر، ڪنهن ڊاڪٽر کي سيٽ ڏيڻ جي، وڪيلن ڏانهن واجھائڻ شروع ڪيو هو. اها سياسي رهبرن جي روش ڏسي، هاڻي ته هرڪو ٻانهن تي ڪارو ڪوٽ رکي، اچي ڪورٽ پهتو آهي.
هاڻي ته سنڌ جي ڪورٽن ۾ ايترا ڪيس ڪونهن جيترا ڪارا ڪوٽ.
گاڏي ايڊووڪيٽ علي خان جي بنگلي تي پهتي، روڊن ۽ وڏين گاڏين ته هاڻ ڪلاڪن جا پنڌ منٽن ۾ ڪري ڇڏيا آهن. ڪمدار ڪمال ۽ ٻيا اخبارون هٿ ۾ جهليو ويٺل هئا، ڀوتار کي ايترو سويري ايندو ڏسي پريشان ٿي ويا. ڪمدار ڪمال ڊوڙندي وڃي گاڏي جو دروازو کوليو. ڀوتار کي سلام ڪيو. علي خان گاڏي مان لهندي، سلام ڪندڙن کي هٿ سان وراڻي ڏئي سڌو پنهنجي بيٺڪ ڏانهن وڌيو. ڪمدار ڪمال اڳ ۾ ئي ڪمال ڪري ڇڏيو هو. هر شيءِ صاف سٿري هئي، کيس خبر هئي ته اڄ ڀوتار ايندو. انهيءَ ڪري سويري ئي همراهه وٺي پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو هئائين. ورانڊي ۾ ويٺي ڪالهوڪيون اخبارون پڙهيائين ته ڀوتار اچي ويو هو. ڪمال به پريشان ته اڄ ڪا ڳالھه ضرور آھي، جو ڀوتار سوير ئي گهران نڪتو آهي نه ته مانجهاندي کان ڪجھه گهڙيون اڳ ايندو آهي. هي آهي ته ڳوٺ، پر ڳوٺن کان چڱيرڙو آهي. اسڪول ۽ ڊسپينسري به آهي. موبائيل جي اچڻ کانپوءِ اخبارون به غائب ٿي ويون آهن، پر هتان جو صحافي پوءِ به پنج کن ڪاپيون گهرائيندو آهي. ڊسپينسري، اسڪول، روڊ واري چوڪي ۽ ڀوتار واري بيٺڪ سندس ٻڌا گراهڪ آهن. مھيني کان اڳ ئي بل ڏيندا اٿس ڪجھه سرسي، ساهوارو آهي ۽ سندس جياپو ضروري آهي.
“ڀوتار سائين خير…” ڪمدار ڪمال صوفي تي ويٺل ڀوتار کي نيازمندي سان پاڻيءَ جو گلاس ڏيندي پڇي ورتو. بيٺڪ هن ٻنهي کانسواءِ خالي هئي. ڪمري منجھه صبح کان ڪنڍي تي هلندڙ ايئرڪنڊيشن ٿڌاڻ ڪري ڇڏي هئي.
“ڪمدار، مون کي ڀوتار نه سڏيندو ڪر ۽ ماڻهن جي منهن تي ته بلڪل نه. صاحب سڏيندو ڪر.” ايڊووڪيٽ علي خان کي ڀوتار لفظ کان سماجي روين جي نفرت جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي. وري چونڊ مهم ۾ به ميڊيا سان گڏ سماجي سنگتن جي نشاني تي، انهيءَ ڪري ته ڪارو ڪوٽ ورتو هئائين جيئن ڪنهن جي نظر نه لڳي.
“جي صاحب، اڳتي ايئن ئي ٿيندو.” ڪمدار ڪمال هٿ ٻڌي سامهون بيهي رهيو.
“ويهه، توسان ڪجھه ڳالهائڻو آهي ۽ ها ٻاھر وارن کي جهلي ڇڏ ته في الحال ڪو ماڻهو اندر نه اچي.” ڪمدار ڪمال دروازي کان بيهي ڪنهن کي اشارو ڪري، دروازو ٻيڪڙي سامھون واري ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
“ڪمدار پار وارين زمينن جو حال احوال ڏي، ڪيئن آهن، هاري ناري پنهنجا آھن يا…” ڪمدار اوچتو اهڙو سوال ٻڌي وائڙو ٿي ويو، ڀوتار ته ڪڏهن فصل تي به ڪونه پڇيو ھو ته گهڻو ٿيو.
“صاحب سڀ ٺيڪ آهي، هيل پاڻيءَ جي ڪري فصل به سٺا ٿيا آهن ۽ هاري ناري به خوش آهن.”
“هاري پنهنجا آھن يا صرف هاري آهن.” علي خان پنهنجا تي زور ڏئي ڳالهايو.
“صاحب پنهنجا آهن، اوهان حڪم ڪيو.” ڪمدار سندس ڳالھه سمجھي ويو ته ضرور ڪا خاص ڳالھه يا ڪو خاص ڪم آهي.
“…۽ اوسي پاسي وارا ڳوٺ، اتي به ڪو واسطو وڙي، ڪا ڀت برادري…؟”
“جي صاحب گهڻو ڪري سڀ پنهنجا مٽي مائٽيءَ وارا آهن، نه به هوندا ته پاڻ کان ڀلا ڪاڏي ويندا، سڀني جا لنگھه دڳ ته ساڳيا آهن، منهن ٻڌي ته ڪونه گهمندا. اوهان حڪم ڪيو صاحب، ڇا ڪم آهي؟”
“هاڻي هيئن ڪر، اڄ ئي تيار ٿي پار وڃ، وڃي حال احوال به وٺ ۽ ڪم به وڃي ڪر. ٻه ٽي همراھ به ساڻ وٺي وڃ، هي ڪجھه پئسا به وٺ. باقي ڪاٿو لڳائي، ٻڌائجان ته مان موڪلي ڇڏيندس. ٿي سگهي ٿو ته مان به ڪجھه ڏينھن ۾ چڪر لڳايان.” علي خان پئسن وارو لفافو ڪمدار کي ڏنو. ڪمدار لفافو ته ورتو، پر ڇو ۽ ڇا لاءِ اها اڃان مام پروڙي نه سگهيو هو.
“ڪمدار هيئن ڪر، پنهنجي ٻني جيڪا دڳ لڳ هجي، گاڏي اچي وڃي سگهي اتي ڪجھه حصي تي وڃي اوطاق ٺهرائي اچ. چوڌاري ڀت ۽ ضرورت آهر ڪمرا ۽ ها ڪو ڪاريگر ڏس. وچ تي هڪ ٿري چوئنرو به ٺهرائي ڇڏجانءِ، ايئرڪنڊيشن ۽ سولر پليٽن جي ڇت سان. تون في الحال اتي هججان، هتي پٽ کي چئجان ته اوطاق سنڀالي. تون به چڪر پيو هڻجانءِ، ڪهڙو پري آهين، سامهون ته آهي پار، بس پتڻ، پتڻ جي راند آهي.” علي خان جي ڳالهين سندس منجھيل سٽ کي کوليو، پر اڃان ڳالھه ڳجھه ۾ هئي، اوطاق ڇو؟
ايڊووڪيٽ علي خان نيٺ ايڊووڪيٽ هو. ڀلي ڪورٽ ڪچهري گهٽ وڃي، پر هو سامهون واري کي پرکي وٺندو هو ته هو ڇا ٿو چاهي.
“ ڏس ڪمدار، تون اسان جو پراڻو خدمتگار آھين، توسان ڀلا ڪهڙا ڳجھه، هتان جي سياست جا حال تون ڏسين پيو. وڏا به پريشان ته ڪنهن کي ويهاريون ڪنهن کي اٿاريون. گاڏي ۾ چڙهڻ جي جاءِ ئي ڪونھي ته پوءِ سيٽ جو سوال ڪٿان؟ بس هاڻي فيصلو ڪيو آهي ته هن بيٺڪ سان گڏ هلي هن پار کي به وسائجي. هونئن به اسان لاءِ جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.” علي خان اٿي هلڻ لڳو.
“صاحب، ڳوٺ وارا اچڻا آهن، اڄ هڪ برادري وارن جو فيصلو به رکيل آهي. اوهان وڃو پيا؟” ڪمدار ڪمال، صاحب کي ايئن تڪڙو ويندو ڏسي، چئي ويٺو.
“بس اڄ سڀ گڏجاڻيون روڪي ڇڏ ۽ تون وڃڻ جي تياري ڪر. پاتڻي ته هوندا آهن نه.؟” ايڊووڪيٽ علي خان ٻاهر نڪري آيو، بيٺڪ ٻاهر ويٺل سڀ اٿي بيٺا. علي خان سڀني سان پري کان موڪلاڻي ڪري وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺو. گارڊ به وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺا، ڊرائيور گاڏي شهر طرف ڊوڙائڻ شروع ڪئي.
“ادا ڀوتار کي هڪ خاص گڏجاڻي ۾ اچڻ لاءِ فون آئي هئي، انهيءَ ڪري ستت ھليو ويو. انشاءَ الله ايندڙ آچر تي وري گڏ آهيون.” ڪمدار ڪمال معذرت واري انداز ۾ سڀني سان موڪلائي، کٽ تان اخبار کڻي بيٺڪ اندر آيو، اخبار جون سرخيون سندس اکين جي اڳيان اينديون ويون.
“اٺاويهين ترميم جي ترار سنڌ مٿان لٽڪيل، سنڌ کي انتظامي لحاظ کان نون صوبن ۾ ورهائڻ جي تجويز… نوان ضلعا، نوان تعلقا.” ڪمدار ڪجھه گهڙيون بيهي رهيو. سنڌ جو نقشو ۽ چئن رنگن سان چٽيل، جتي ڪمدار رهي پيو انهيءَ جو رنگ ٻيو ته وري جتي وڃي پيو انهيءَ پار جو رنگ ٻيو. ڀوتار علي خان جون ڳالهيون هاڻي سندس سمجھه ۾ اچڻ لڳيون هيون. هو ٻين ڳوٺن جو ڇو پيو پڇي. هو هاڻي کان ئي اتي پنهنجي سيڙپ ڪري پنهنجي لاءِ نئين اسيمبلي ۾بيٺڪ پيو ڳولهي. ڪمدار ڪمال جي چهري تي به هڪ عجيب خوشي مهڪڻ لڳي. هو بوڇڻ رکي، موٽرسائيڪل تي ٻن همراهن سان چڙهي محبڻ شاھ جي پتڻ ڏانهن روانو ٿيو ايئن جيئن هي به ڪنھن نئين صوبي جي ڪنهن ٽائون جو يو سي چيئرمين ٿيڻ وارو هجي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟