ڪهاڻي: رت سان لکيل خواب
احتجاج واري ڏينهن کان صرف ڪجهه ڏينهن اڳ…
سرمد جي ڪمري ۾ وقت ڄڻ بيهي ويو هو. اولهندي ڀت تي ٽنگيل ڪئلينڊر جا ٻه سال ڳاڙهين ليڪن سان ڀرجي چڪا هئا. هر ليڪ هڪ جاڳيل رات، هڪ قرباني ۽ هڪ اڻٿڪ اميد جي شاهدي هئي. ٽيبل تي ڪتابن جا ڍير، هٿ سان لکيل نوٽس، پراڻا سوالناما ۽ ٿڌي ٿي ويل چانهه جا ڪوپ ٻڌائي رهيا هئا ته هتي ڪنهن امتحان نه، پر قسمت سان جنگ هلي رهي هئي.
ٻن سالن کان هن جي زندگيءَ ۾ نه ڪا عيد هئي، نه ڪا تفريح. نه ميلا، نه دوستن جون محفلون. هن پنهنجي جوانيءَ جا سڀ رنگ هڪ ئي خواب جي نالي ڪري ڇڏيا هئا، ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پنهنجي گهر جي قسمت بدلائڻ.
رات جو جڏهن سڄو شهر سمهي پوندو هو، تڏهن سرمد جي ڪمري جي بتي روشن هوندي هئي. جڏهن صبح جي اذان ٿيندي هئي، تڏهن به سندس ڪمري ۾ ڪتابن جا ورق ڦرندا رهندا هئا، پر سندس پلڪن تي ننڊ نه لهندي هئي.
ماءُ ڪيترائي ڀيرا اڌ رات جو در کوليندي هئي ۽ پٽ کي پڙهائي ۾ مصروف ڏسي آهستي در بند ڪندي هئي. هڪ رات ماءُ خاموشيءَ سان ڪمري ۾ آئي. هن ڏٺو ته پٽ جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون. هن نرم آواز ۾ چيو:
“پٽ، هاڻي بس ڪر، اکين کي به آرام گهرجي.”
سرمد ڪتاب تان نظر نه هٽائيندي ٿڪل مرڪ سان وراڻيو:
“امان، بس ٿوري دير… هي باب پورو ڪري سمهان ٿو… شايد منهنجي قسمت جو فيصلو هن آخري صفحن تي لکيل هجي.”
پيءُ روز بنا ڪجهه چوڻ جي چانهه جو ڪوپ سندس ٽيبل تي رکي هليو ويندو هو. هڪ رات جڏهن هو ڪمري ۾ چانهه جو ڪوپ کڻي آيو ته گهري ننڊ ۾ ستل سرمد جي سيني تي ڪتاب کليل هو. هن آهستي آهستي سندس ڇاتي تان ڪتاب کنيو ۽ وڏي احترام سان بند ڪري ٽيبل تي رکيو، پٽ جي ڪلهي تي چادر وڌي ۽ سندس وارن تي هٿ ڦيريندي دل ئي دل ۾ دعا گهري:
“اي الله! منهنجي پٽ جي محنت کي ضايع نه ڪجانءِ.”
سرمد پنهنجي ڪيترن دوستن جي شادين ۾ شريڪ نه ٿيو، سندس عيدون گهر تائين محدود ٿي ويون، هر ننڍي وڏي خوشي مستقبل جي نالي ٿي وئي. هن رڳو هڪ خواب لاءِ جيئڻ شروع ڪيو هو، ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پنهنجي پيءُ جي جهريل هٿن کي آرام ڏيڻ.
هو اڪثر پنهنجي پيءُ سان مخاطب ٿي چوندو هو: “بابا، جنهن ڏينهن مان ڪامياب ٿيندس، ان ڏينهن اوهان کي ٻيهر نوڪري يا قرضن جي ڳڻتي نه رهندي. مان اوهان جي هر تڪليف جو قرض لاهيندس.”
پيءُ لرزندڙ آواز ۾ مرڪي چوندو هو:
“پٽ، مون کي وڏي ڪرسيءَ جي خواهش ناهي، مون کي رڳو تنهنجي محنت جو انصاف گهرجي.”
هڪ صبح جو خبرن جون سرخيون سرمد جي دل تي وڄ بڻجي ڪڙڪيون. ڪميشن جي امتحان (CCE) بابت پيپر ليڪ ٿيڻ جي الزامن سڄي سنڌ جي نوجوانن ۾ بيچيني جي لهر پيدا ڪري ڇڏي.
سرمد ڪجهه دير تائين اخبار ڏسندو رهيو ۽ پيءُ کي ڪمري ۾ ايندو ڏسي اخبار آهستي بند ڪري چيائين:
“بابا… ٻن سالن کان مون هر رات پنهنجي ننڊ قربان ڪئي، هر خواهش ماري ڇڏي، هر خوشيءَ کي سڀاڻي تي ڇڏيو. جيڪڏهن محنت ڪندڙ جو حق ئي غير يقيني ٿي وڃي، ته پوءِ ڪتابن تي يقين ڪير ڪندو؟ جيڪڏهن خوابن جو فيصلو قابليت بدران بي ايماني ڪرڻ لڳي، ته پوءِ نوجوانن کي محنت ڪرڻ لاءِ ڪير همٿائيندو؟”
پيءُ جون اکيون ڀرجي آيون. هن پٽ جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو:
“پٽ، ماڻهو تنهنجا ڪتاب ڦاڙي سگهن ٿا، تنهنجا خواب دير سان پورا ڪري سگهن ٿا، تنهنجو جسم زخمي ڪري سگهن ٿا، پر جيڪڏهن تون سچ ۽ ايمانداريءَ تي قائم رهندين ته تنهنجي محنت کي ڪير به شڪست نٿو ڏئي سگهي. ياد رک، نوڪري انسان کي وڏو نٿي بڻائي، پر ايمانداري ۽ ضمير کيس وڏو بڻائين ٿا، جيڪا زندگي جي اصل ڪاميابي آهي.
هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، پر انهن ڳوڙهن کان وڌيڪ روشن سندس اميد هئي ته هڪ ڏينهن هن ملڪ ۾ محنت جو فيصلو سفارش يا بي ايماني نه، پر صرف قابليت ڪندي. سرمد خاموشي سان پنهنجا نوٽس گڏ ڪيا، کين چمي ڏني، بيگ ڪلهي تي وڌو ۽ احتجاج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نڪري پيو.
يونيورسٽيءَ جي مک گيٽ ٻاهران هزارين شاگرد گڏ هئا. سندن هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، جن تي لکيل هو:
“پيپر ليڪ اسڪينڊل جي شفاف جاچ ڪئي وڃي!”
“تعليم سان مذاق بند ڪيو!”
“ذميوارن کي سزا ڏيو!”
“تعليم وارو وزير استعيفيٰ ڏئي!”
سرمد مائيڪ مضبوطيءَ سان هٿ ۾ جهلي چيو:
“جڏهن امتحانن جي شفافيت تي ئي سوال اٿن، تڏهن خاموش رهڻ ڏوهه بڻجي وڃي ٿو. اڄ رڳو ڪجهه پيپرن تي الزام نه لڳو آهي، پر سڄي تعليمي نظام تي ماڻهن جو اعتماد ٽوڙيو ويو آهي. جيستائين سچ سامهون نه اچي ۽ ذميواري طئي نه ٿئي، تيستائين سنڌ حڪومت کي جوابدهي قبول ڪرڻي پوندي ۽ جيڪڏهن جاچ مان انتظامي ناڪامي ثابت ٿئي ته لاڳاپيل وزير کي به اخلاقي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اعتماد رڳو بيانن سان نه، پر ذميواري قبول ڪرڻ سان بحال ٿيندو آهي.”
شروع ۾ احتجاج مڪمل طور پرامن هو. شاگرد بينر هٿن ۾ کنيو نعرا هڻي رهيا هئا ۽ رڳو ايترو ٿي چاهيو ته سندن مطالبا لاڳاپيل اختيارين تائين پهچن. ماحول ۾ جوش هو، پر ڪابه افراتفري نه هئي.
اوچتو پوليس جون قطارون اڳتي وڌيون. شاگردن کي پوئتي هٽائڻ جي ڪوشش ٿي، گهڙي ئي ڪونه گذري ڌڪا لڳڻ شروع ٿيا. اڳين صف ۾ بيٺل ڪجهه شاگرد پاڻ سنڀالي نه سگهيا ۽ زمين تي ڪري پيا. سندن ساٿين کين اٿارڻ لاءِ ڊوڙون ڇا پاتيون، هجوم ۾ ڇڪتاڻ وڌندي وئي.
هڪ ڌڪي ٻئي ڌڪي کي جنم ڏنو. پلڪ جهپڪ ۾ ئي لاٺي چارج جا آواز هوا ۾ گونجڻ لڳا. لٺيون هوا ۾ ڦرڻ لڳيون. بينر هٿن مان ڇڏائجي ڦاٽي پيا. نعرا رڙين ۾ بدلجي ويا. ڪيترن ئي شاگردن جون قميصون ۽ شرٽون چيرجي ويون. اڃان ماڻهو پاڻ سنڀالي ئي رهيا هئا ته اوچتو آنسو گيس جا شيل فضا ۾ ڦاٽا، اڇو دونهون بادلن وانگر هر پاسي پکڙجي ويو. اکين ۾ ساڙ، ڳوڙها، ساهه ۾ گهٽ، هر پاسي ڀاڄ، رڙيون ۽ افراتفري پکڙجي وئي. چند ئي لمحن ۾ پرامن احتجاج خوفناڪ ٽڪراءَ ۾ تبديل ٿي ويو. حالتون بگڙي ويون. ڪنهن جو ڪتاب زمين تي ڪري پيو، ڪنهن جو چشمو ڪري ٽٽي پيو، ته ڪنهن جي موبائيل فون ته ڪنهن جو ليپ ٽاپ. ڪجهه شاگرد پنهنجن زخمي ساٿين کي سهارو ڏئي محفوظ هنڌ ڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا، ته ڪجهه پوليس سان هٿاپائي ۾ ڦاسي پيا.
ٿوري دير اڳ جتي اميد جا نعرا گونجي رهيا هئا، اتي هاڻي ٽٽل بينر، ڦاٽل ڪتاب، رت جا ڦڙا، پکڙيل جوتا ۽ ٽٽل چشما خاموشيءَ سان ان ٽڪراءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيا هئا.
سرمد هڪ زخمي شاگرد کي بچائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته اوچتو هڪ بي رحم سپاهي جي لٺ سندس مٿي تي لڳي. رت سندس چهري تان وهي ڪتابن تي ڪري پيو. هن پنهنجا رت ڦڙا ڏٺا ئي مس هئا ته ساڳي سپاهي دشمن سمجهي مٿس لٺ جا ٻه ٽي وسڪارا ڪيا. هن جي هٿ مان پلي ڪارڊ ڪري پيو، پر هن ٻيهر ان کي کڻي زور سان بلند ڪيو. ان تي لکيل هو:
“تعليم انصاف گهري ٿي.”
رات دير سان در تي هلڪو کڙڪو ٻڌي ماءُ ڊوڙي ٻاهر نڪتي. در کليو ته سامهون سرمد بيٺو هو. سندس وار رت سان چنبڙيل هئا، چهري تان رت جا وهڪرا ڳچيءَ تائين پهتل هئا ۽ هٿ ۾ اڃان به اهو ئي ڪتاب هو، جنهن جي ڪنڊن تي هاڻي رت سڪي ڪارو ٿي ويو هو. ماءُ جي هٿ مان در جي ڪنڊي ڇڏائجي وئي. هوءَ رڙ به نه ڪري سگهي، رڳو پٽ جو چهرو ٻنهي هٿن ۾ جهلي سڏڪي پئي.
“منهنجا الله… منهنجو پٽ ته ڪتاب کڻي ويو هو… هي رت سان ڇو موٽيو آهي؟”
ايتري پيءُ به در تي آيو ۽ ڪجهه به نه چيو. پٽ کي ڪمري تائين وٺي آيا. پيءُ پنهنجي اجرڪ جو پلاند پٽ جي رت سان ڀنل پيشاني تي رکيو. سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. هن جي اکين مان هڪ لڙڪ نڪري سرمد جي هٿ تي ڪريو. شايد اهو پهريون ڀيرو هو، جڏهن سرمد پنهنجي پيءُ کي پاڻ کان لڪائي روئندي ڏٺو.
پيءُ کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي روئيندڙ آواز ۾ چيو:
“پٽ! اها اسان جي غلطي آهي، جو اسان اوهان کي سچي، بهادر ۽ ايماندار ليڊرشپ نه ڏئي سگهياسين.”
سرمد ڪجهه دير خاموش رهيو. زخمن جي تڪليف هوندي به مرڪيو ۽ ٿڪل آواز ۾ چيو: “بابا! نه، اقتدار جون ڪرسيون بدلجنديون رهنديون آهن، ته چهرا به بدلجندا رهندا آهن، پر جيڪڏهن سوچ نه بدلجي ته ناانصافي ساڳي رهندي. مسئلو ليڊرشپ يا ماڻهن جو ناهي، سوچ جو آهي… پر جيڪڏهن نوجوان پنهنجي حق لاءِ بيهڻ ڇڏي ڏين، ته پوءِ قومن جا مستقبل هميشه لاءِ زخمي ٿي ويندا.”
پيءُ پٽ جي اکين ۾ ڏٺو. کيس محسوس ٿيو ته هن جي سامهون رڳو زخمي نوجوان پٽ نه، پر وقت کان اڳ پختو ٿي ويل هڪ نسل بيٺو آهي.
هن پٽ جي ڪلهي تي هٿ رکي آهستي چيو:
“پٽ، اڄ تون رت سان ڳاڙهو آهين، پر مون کي تنهنجي زخمن کان وڌيڪ ان ڳالهه جو ڏک آهي ته هن ملڪ ۾ هڪ شاگرد کي پنهنجي محنت جي تحفظ لاءِ به لٺيون کائڻيون پيون. اڄ پنهنجي حق لاءِ بيهندي تون زخمي ٿيو آهين، تون شاگرد آهين. تنهنجو اصل هٿيار ڪتاب، قلم ۽ دليل آهن. جيڪڏهن شاگرد پنهنجو شعور وڃائي ويهي، ته سڀاڻي ملڪ جو مستقبل به زخمي ٿي ويندو.”
سرمد خاموشيءَ سان پيءُ جو ڏڪندڙ هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي، هڪ اونهو ساهه کنيو ۽ ڀريل دل سان چيو:
“بابا، هي رت مون اڪيلي جو ناهي، هي انهن لکين نوجوانن جي اميدن ۽ خوابن جو رت آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته محنت سان تقدير بدلجي سگهي ٿي. جيڪڏهن اڄ اسان خاموش رهنداسين ته ناانصافي وڌندي ۽ ايندڙ نسل اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو، پر مان واعدو ٿو ڪريان ته منهنجو رستو تشدد نه، پر علم، دليل ۽ شعور هوندو.”
پيءُ دريءَ مان ٻاهر نهاريو. صبح جي پهر جا پهريان ڪرڻا افق تي پکڙجي رهيا هئا. هن دل ئي دل ۾ سوچيو: “شايد قومون ان ڏينهن زنده ٿينديون آهن، جڏهن سندن شاگرد ڪتاب به بچائيندا آهن ۽ ضمير به.”
ڪمري ۾ پيل ٽيبل تي رت جا داغ لڳل ڪتاب خاموش پيا هئا ۽ ڀر ۾ هڪ قلم رکيل هو. پيءُ آهستي سان ڪتابن کي هٿ ۾ کنيو ۽ بنا ڪجهه چوڻ جي رت لڳل صفحي کي چمي ڏني ۽ ڪتاب بند ڪري واپس رکي ڇڏيو. ڪمري ۾ خاموشي ڇانيل هئي. ٻاهر سج نڪري چڪو هو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟