مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: دلمراد جي دلي مراد

Ain Saher

تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، شاعره

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

دلمراد چيو “ھاڻي ھر عورت ساڳين مھانڊن جي ٿي لڳي بنھه معمولي، ڪشش ثقل کانسواءِ!”
“منشي اھا ذيادتي آھي يار،
تون ڀلي وڙ لڪوڙ آھين پنجونجاھ جو ھجڻ جي باوجود پنجيتالھن جو نظر ٿو اچين، ان ڪري عمر جي حقيقت خاشي اثرانداز اٿئي، پر ٻيلي اسان جو ته ارواح نه کڻاءِ!”
دلمراد پر خلوص سچو صاف نيت، يارن جو يار آھي، پر شاگردي جي زماني کان حامد کيس منشي ان ڪري چوندو آھي جو ستر واري ڏھاڪي ۾ جڏھن دلمراد يونيورسٽيءَ ۾ بي۔ ايس سي جي آخري سال ۾ ھو تڏھن حامد بي ۔ ايس سي ۾ داخلا ورتي ھئي، ٻئي روم ميٽ ھئا ٽيون ھيو سريش، سريش ۽ حامد ھڪ شھر جا ھئا، پر دلمراد (دلو) ان ئي شھر جي ڀر واري ڳوٺ ‘يوسي’ جو ھو.
دلمراد ڪفايت شعاري جي ڳالھه ڪندي ظاھر ظھور ڪنجوسي ڪندو ھو، ان دور ۾ شل نه شاپنگ ڪري اچي، اڪثر ٽيئي حيدرآباد جي شاھي بازار مان مھيني جي ضروري شين جي خريداري ڪندا ھئا سو ھاسٽل تي پھچڻ کانپوءِ دلو پيو حساب ڪندو ته گڏيل سودي ۾ سندس ڏي حساب وڌي ته نه ويو کيس ڪا ٻن رپين جي ڪس ته نه لڳي؟ حالانڪه ٽيئي ھڪ جيترا پئسا ڪڍندا ھئا، تقريبن ساڳيون ھڪ جيتريون ۽ ھڪ جھڙيون ضرورت جون شيون خريد ڪندا ھئا، پو به دلو پيو حساب لکندو هو.
ڪفلنگ، ھيئر برش، شيونگ ڪريم، ٽوٿ پيسٽ وغيره وغيره ۔ روم ۾ مھيني جي پھرين تاريخن ۾ خريداري کانپوءِ ھن جون لکيل ننڍيون ننڍيون فهرستون ڪمري ۾ پيون رلنديون ھيون.۔
دلمراد ماسي پناھ جي ڌيءَ روشي (روشن ) سان ڏاڍو پيار ڪيو، بلڪه پوڄا ڪئي، پر ماسي پناھ ڌاريو (ٻي ذات وارو) چئي انڪار ڪيو.
ٻي ذات نه ٿي ڄڻ ٻيو مذھب ٿي ويو، ان دور ۾ ٻي ذات به ٻئي مذھب وانگر ئي ھئي ناقابل قبول، وڏن جا اھي مثال ته گهر ۾ کڏ ھجي ته ٻوھر ٻاھر نه اڇلجي نياڻين کي رڳو ٻوھر سمجهڻ به عورت سان وڏي زيادتي جو دليل آھي.۔۔
روشيءَ پنجن سالن ۾ ڪي ڇھه خط لکيا ھئا جيڪي دلوءَ ڊائري ۾ ايترو ته لڪائي رکيا جو ٻنھي روم پارٽنرس آسانيءَ سان ڳولھي پڙھي ورتا ڊائري جا به ڪي پنج ڇھه صفحا لکيل ھئا، باقي سندس ڊائري خطن رکڻ جي ئي ڪم آئي ھئي. روشي خوبصورت ترين! واقعي روشن مک واري ھئي.
ٻنھي جي جوڙي جو پرفيڪٽ ميچ ھو، پر وچ ۾ ذات جو رولو پئجي ويو ۽ ھي يار رلي ويو جڏھن ماسي پناھ وس ڪئي به روشي جي سڱ کان نابري واري ڇڏي ته دلوءَ جي دل ڀڄي پئي.۔۔۔
آخر رنجيده ٿي يونيورسٽي ۾ پنھنجي ڪلاس فيلو ريشمان سان دل لڳايائين جيڪا ريشمي ڌاڳن وانگرن ھمراھ سان لحضي لحضي وچڙندي رھندي ھئي ۽ الجهائي رکندي ھيس نه فقط ايترو، پر دلوءَ جي انتظاري، بيقراري، آھ ۽ زاريءَ تي به ويچار نه ڪيائين، دلوءَ سان شادي نه ڪيائين، آخري سال ۾ اعظم سان مڱڻو ڪري ڇڏيائين ۽ دلوءَ جي شادي ذري گهٽ تعدي يونس جي ڀيڻ بلقيس سان ٿي جيڪا سونھن ۾ صفا مار کائي وئي ھئي، نڪ ڦٿل، نقش منجهيل ۽ جسم چورس، قد بندرو، يونس دلمراد سان گڏ حامد جو به يار ھو خوش شڪل ھو روشي لاءِ روئندڙ ٽٽل دل واري دلمراد جي ٽٽل دل ڳنڍڻ لاءِ يونس ئي سندس دلي، ذھني يا حسي مراد پوري ڪرڻ لاءِ ئي ڀيڻ جو سڱ آڇيو ھو، جيڪو دلوءَ دل سان قبوليو، پر گهونگهٽ کڻندي ئي سندس اکين جا ڪارا تارا وااھ ڙي تارا گول تارا ڦاٽي ۔۔۔۔۔ وچ اکين ۾ بيھي ٽمڪڻ لڳا! سچ ۾ دلوءَ جي قسمت به سندس اکين جي ڪارن تارن جهڙي ڪاري ھئي، دلمراد جي دل ئي ڀڄي پئي، پر لاڳيتا ست سڪيلڌا پٽ بلقيس ڄڻي ڏنس،۔۔۔۔ پوءِ به دلوءَ کان سندس دل جي اڻپوري مراد وسري نه سگهي نه ڪا پٽن تي خاص خوشي ٿي جو دلوءَ کي احساس محرومي ھئي ته ڪا گهر ۾ سھڻي صورت گڏڙي نما نياڻي ھجي، جيڪا امڙ جي آسيس ڏي فطري طور وڻندڙ احساس جي احساس محرومي جو شڪار ٿي ويو.۔۔۔۔
ڀاڄائي بلقيس جا ويم سڀ گهر ۾ ٿيا، ويم ڪرائي ڪمري مان جڏھن به دائي نڪرندي ھئي دلو جو تڪڙو سوال ھوندو ھو.
“ڪر خبر ماسي دائي ڇا ڄائو؟”
دائي وڏي خوشي مان کلي جواب ۾ مبارڪون ڏيندي چوندي “ابا پٽ ڄائو اٿئي مبارڪون ھجني ھاڻي ڪڍ سوني منڊيءَ سوڌو وڳو”
دلمراد کان پني مراد تي دائي خوش ٿي، ڊمانڊ ڪندي ھئي، پر دلوءَ کي دائي تي ڏاڍي کار لڳندي ھئي!
“ادڙي نه ڄائي؟” ڏکارو ٿي ڀڻڪيو
“ھلل! ادا چريو آھين ڇا؟
ڀاڳن وارو آھين ڀاڳن وارو۔۔۔۔! پٽن مٿي پٽ ٿا ڄمنين تون آھين جو ڌيءَ پيو گهرين توبهه ڪر ماڻھو آھن جو سڪن ٿا پٽن لاءِ، باسان ٿا باسن۔۔۔۔ روز سيوھڻ تي خلق گهڻو ڪري پٽن جون باسيل باسون ڏيڻ ٿي وڃي توتي رب جي ٻاجھه آھي، پڇ! ڌيئن وارن کان ابا۔۔۔ ڌيئر ناھن مارينديون ڌيئن جي قسمت ماريندي آھي توکي وري ڌيءَ ٿي کپي ابا اھي ته ٿيون شڪر کي اٽان ھڻڻيون.”
ائين ئي ڪيئي مندون آيون ويون ھاڻي سندس وڏو پٽ به خيرن سان ايڪيھن سالن جو اچي ٿيو ھو. دلمراد جو گهر پاڙي جي سڀني گهرن ۾ سکيو ھو، ماڻھو دلمراد جا دلي درد نه ڄاڻندي سندس سان ريسون ڪندا ھئا!
دلمراد کي نوڪري به شگر مل ۾ دل تي ملي وئي ھئي ‘ڪين مئنيجر’ جي، وري سياڻپ ڪري پنهنجي ٽيھه ايڪڙ زمين ۾ ئي ڪمند ڪرائڻ لڳو پئسو جام اچي ويو، پر پوءِ به کيس لڳندو ھو ته حسرتون حسرتون ٿي وئي آھي حيات!
زال پاڻ سھڻي نه ھجڻ ڪري ھن جي حسرت ڀري دل جو سور ڄاڻندي به دلمراد جي حسرت ڀريل اکين تي پھرا لڳائيندي ھئس، دلو به شل نه ڪنھن چڱي شڪل کي ڏسندو ته اکيون ايلفي سان ان ماھ رخ جي ڳلن تي چنبڙي وينديون ھيس، پر پوءِ بلقيس اھڙو چنبڙندس جو دلمراد ھر مراد کان پري ٿي ويو. لٽو ڪپڙو ٺھڻ جڙڻ ئي ڇڏي ڏنائين پاڻ ٺاھي به ته ڪنھن ڪاڻ؟
تازو ئي نوان اين جي اي اوز وارن جي طرفان اسڪول کليا دلمراد جي گهر جي پٺ ۾ اسڪول جو آڳر ھو ٻيون ٽيچرس ته سڀ پاڙي جون ھيون، پر ھڪڙي ٽيچر شھر کان ايندي ھئي، معلومات ڪرڻ تي خبر پيس ته سندس نالو بشارت آھي، نئين ٽيچر ڇا آئي ڄڻ ھن کي خوابِ جواني جي بشارت ملي وئي.
سندس سئوٽ جي ڌيءَ مارئي به ساڳي اسڪول ۾ ٽيچنگ ڪندي بشارت جي پڪي سھيلي ٿي وئي اھڙي طرح بشارت کي دلمراد جي حيثيت ۽ آسودگي جي خبر به پئي ۽ ادبي ذوق جي جنھن جا ڪتاب مارئي پاڻ پڙھي بشارت کي به ڏيندي ھئي. ڪتابن جي ڏي وٺ ۾ دلمراد جي بشارت سان سڌي خط و ڪتابت شروع ٿي وئي!
وڏي رازداري سان بلقيس کان بچ بچاءِ ڪندي بشارت جو روڳ پالڻ لڳو پور پچائيندو رھيو.
“ڪاش! بشارت جي صورت ۾ منھنجي دلي مراد پوري ٿئي، ھوءَ منھنجي صدين جي سڪايل سوچ تي پوري لھي ۽ ٻيڙو ٻَني لڳي پوي.
مارئي جي گهر ايندي ويندي دلمراد جي گهر به بشارت آئي، ماحول ڏسي وڃي ماءُ سان تعريف ڪيائين، جنھن ٽيچر مارئي کي چيو “بھترين خاندان آھي مون کي ڌيءَ جو رشتو اتي ڪرائي ڏي ۔۔۔۔اھا خبر ٻڌي دلو جي دل گد گد ٿيڻ لڳي، وڏي مشڪل سان بلقيس کي راضي ڪرڻ لاءِ ڳالھه ڪڍيائين پنھنجو نالو ئي کڻڻ وسري ويس ڪل تعريف بشارت جي ڪيائين ته ڏاڍي سلڇڻي ڇوڪري آھي مائٽي ڪرڻ جهڙا سلجهيل پڙھيل لکيل ماڻھو آھن.” بلقيس بشارت وارن سان مٽي مائٽي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي. بشارت وارن گهر جي دعوت ڏني دلمراد ان عرصي ۾ بلقيس کي اکين جو نور ڪري رکيو، صفا تعبيدار بندو ٿي ويو، سمجهڻ لڳو بلقيس سندس دل رکي ايڏي خوشي ڏني آھي۔۔۔۔!
آخرڪار اھي گهڙيون به آيون جن جو دل سان دلمراد کي انتظار ھو. ۔۔۔
بلقيس به پوري فيملي سوڌو سنبري اچي بشارت جي گهر لٿي مارئي به ساڻ کنيائين۔۔۔.
بشارت جيڪوارڊ جي مجنٽا رنگ جي ڊريس ۾ ڏاڍي ٺاھوڪي پئي لڳي.۔۔۔
دلمراد جي دل خوشي ۾ سيني ۾ ئي ھاءِ جمپ ٿي ڏنا.
آخر بلقيس ڳالھه ڪڍندي بشارت جي والدين سان ڳالھائڻ شروع ڪيو. ۔۔۔
“ادي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آھي توھان اسان کي مان ڏنو ٻچن جو فرض وقت سر لاھڻ کپي وڏڙن جو اھو ئي فرمان آھي مون کي پنھنجي سڪيلڌي پٽ عمران لاءِ اوھان جي نياڻي بشارت پسند آھي اميد آھي ته نا اميد نه ڪندا۔۔۔۔۔۔!”
دلمراد جون اکيون شادي رات وانگر وچ تي بيھي رھيون ھيون۔۔۔۔۔۔۔۔! اول ته سوچڻ لڳو ٻڌڻ ۾ غلطي ٿي آھي يا مون واريءَ زال کي ٻڌائڻ ۾، پر ستت ئي دماغ ۾ فلم جو ريل پوئتي ھليو ويس ۽ ياد آيس ته ھن مائٽي جي لاءِ ھميشه پنھنجي ۽ ڇوڪريءَ جي خاندان ۽ رشتي ڳنڍڻ تي زور ڏنو ڪنھن سان؟ سو ته واضح ئي نه ڪيو. “شادي مان ڪندس”۔۔۔۔ وارو جملو سدائين چوڻ کان رھجي ويو. ۔۔۔۔
سندس پنجويھن سالن جي پٽ جي مائٽي ٿي وئي، اھڙي طرح ھميشه جيان دلمراد جون مرادون پوريون ٿيندي به پوريون نه ٿي سگهيون!
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو