مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: ڪارا پاڇا…

Hameed Hulio ڪهاڻيڪار، ناولنگار، ڪالم نگار

اسسٽنٽ پروفيسر (باٽني) GBDC لاڙڪاڻو.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

فِرنگين جي سياسي باقيات ته اڄ به اسان کي ورهايو، ويڙهايو ۽ حڪمراني ڪيو واري ڪِرت سان اسان جي مٿان پنهنجي بدعنوان حڪمرانيءَ جا ڪارا ڪڪر اڀا ڪيو بيٺي آهي. ڪنهن موروثي بيماريءَ وانگر مليل موروثي باقيات هتان جي ماڻهن کي پاڻ ۾ مذهبن، فرقن، مسلڪن، قومن ۽ طبقن ۾ ايئن گنجرائي ۽ ڦاسائي ڇڏيو آهي، جيئن ڪنهن ڊنگهر ۾ ڪو ڪپڙو ڦاسي پوي، جنهن جي ڪري ڊنگهر ۽ ڪپڙي کي هڪٻئي کان ڌار ڪرڻ محال ٿي پوي. هاڻي اها باقيات به ڊنگهر ۾ ڪپڙي وانگر ڦاسي ايئن پئي آهي نه ڊنگهر ڪپڙي جي جان ٿو ڇڏي نه ئي وري ڪپڙو ٿو ان مان جان ڇڏائي سگهي. فرنگي پاڻ ته ويا، پر اسان کي ڪجهه شيون ورثي ۾ ڏَئي ويا، جنهن سان هن ملڪ جو گاڏو پيو گهِلجي. هاڻي هي گاڏو گهلجي گهٽ، پر ڌڪجي وڌيڪ ٿو. فرنگين جي طرفان باقيات ۾ مليل لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جي ڀرِ ۾ مان پنهنجي اَلٽو ڪارِ ۾ سيڪس ورڪر جي اوسيئڙي ۾ آهيان. لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جي هن وقت حالت اهڙي خراب آهي جهڙي هن ملڪ جي مِڙني ادارن جي..!
لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جي پراڻي بلڊنگ جيڪا آثارِ قديم جا آثار ڏَئي رهي هئي. مينهونگيءَ جي مند ۾ مينهن ڪڻيون آهستي آهستي ٽِپ ٽِپ ڪري ريلوي اسٽيشن جي بلڊنگ تان ڪِري “تانسين” جي ڪنهن خوبصورت سُرَ کي ڇيڙي رهيون هيون۔ ٻاهر شهر ۾ مينهن وسڻ جي ڪري نوجوان بائيڪ جي سائلينسر کي موبِل هڻي گاڏيءَ کي زوڪاٽ ڪري ڊوڙائي رهيا هئا. مان ڪار ۾ اندر خانزادي کي فون ڪئي ته هوءَ ريلوي اسٽيشن جي ڪهڙي حصي وٽ بيٺي آهي. هن مون کي چيو توهان الٽو ڪار ۾ آهيو؟ مان چيو جي..! هوءَ نيري شال اوڍيل عورت منهنجي ڪار پويان رڪشا مان لهي، منهنجي ڪار ۾ اچي ويٺي…!
مان ڪار کي ريلوي اسٽيشن مان ڪڍي فلائي اوور برج ڪراس ڪري باقراڻي روڊ تي هلڻ لڳس. مينهن هاڻي بند ٿي ويو هو. سج لهڻ ۾ اڃان ڪجهه وقت باقي هو. مان خانزاديءَ کي درياءَ تي وٺي پئي ويس.
ڪار ۾ نوي ڏهاڪي واري موسيقي ڌيمي آواز ۾ هلائي، هن کان حال احوال وٺڻ لڳس. مان هن کي پهريان ئي چيو ته مان صحافي آهيان ۽ توهان کي فيس پوري ڏيندس باقي ٻيو توهان سان توهان جي پيشي بابت ڪچهري ڪندس.
مان هن کان پڇيو توهان هن پيشي ۾ ڪيئن آيا؟
خانزاديءَ هلڪي مرڪ سان وراڻيو،“گهڻا ماڻهو ناول، ڪهاڻيون ۽ شاعري ته ٻڌڻ چاهين ٿا، پر تمام ٿورا ماڻهو سچ ٻڌڻ پسند ڪن ٿا۔”
هوءَ “سچ ٻڌڻ” وارن لفظن تي زور ڏئي خاموش ٿي وئي.
مان ڳالهه کي وڌائيندي ڀلا، “توهان ڪيتري عرصي کان هن پيشي ۾ آهيو؟”
خانزاديءَ جواب ڏيڻ کان اڳ ڪار جو شيشو کولي ٻاهر نِهاريو۔
هن هڪ وڏو ٿڌو ساھ کنيو ۽ چيو “ڏهن سالن کان۔”
“ڇا اهو توهان پنهنجي مرضيءَ سان چونڊيو؟”
خانزادي جي چهري تي هڪ طنزيه مسڪراهٽ پکڙجي وئي، سندس مرڪ ۾ طنز به هئي ته پيڙاءُ به هو.۔
“ڇا ڪو ماڻهو بک کي پنهنجي مرضيءَ سان چونڊيندو آهي؟ منهنجو پيءُ تڏهن فوت ٿي ويو، جڏهن مان سورنهن سالن جي هئس۔ منهنجي ماءُ بيمار هئي۔ منهنجي ننڍي ڀاءُ کي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ في گهربي هئي۔ شروع ۾ مان پرائيويٽ اسڪولن ۾ ڪم ڪيو، پر پوءِ پگهار گهٽ هجڻ جي ڪري ڇڏي ڏنم ۔”
مان ٿوري دير ماٺ ٿي ويس. ڪجهه دير ماٺ رهڻ کانپوءِ مان وري هن کان سوال پڇيو۔.
“زندگيءَ جو سڀ کان ڏکيو پَلُ جيڪو توهان کي کائيندو هجي ؟”
“رنڊي ” هن فورن جواب ڏنو۔ “جڏهن ماڻهو اسان کي انسان سمجهڻ ئي ڇڏي ڏين ٿا ۽ هو رنڊي سمجهن ٿا. ڇا هڪ رنڊي انسان ناهي! ڇا رنڊي احساسن کان بنا جيئندي آهي؟ ماڻهو اهو لفظ چوڻ کان اڳ هڪ پل به اهو ناهن سوچيندا ته رنڊيءَ کي رنڊي بڻايو ڪنهن آهي. ان وقت مان تمام گهڻي پريشان ٿي ويندي آهيان، جڏهن اهو لفظ منهنجي ڪنن تي پوندو آهي. هن لفظ کان مون کي سخت نفرت آهي.
ايئن مان هن سان حال احوال ڪندو رهيس جو لاڙڪاڻو-خيرپور پُل اچي وئي..! مان ڪارِ کي سائيڊ تي بيهاريو. هن سان گڏ درياءَ جي جهَلي بندَ تي پنڌ ڪندو رهيس…!
ڇا توهان هنن ڏهن سالن ۾ پنهنجي ڌنڌي جي سلسلي ۾ ملڪ کان ٻاهر ويا آهيو..؟
جي بلڪل.! جڏهن هن ڌنڌي ۾ نئين ۽ نوخيز جوانيءَ ۾ آيس ته ڪيترائي ڀيرا دُبئي، باڪُو ۽ يورپ جا دورا ڪيا.
پوءِ اتان جي ماڻهن جو توهان سان ورتاءُ ڪيئن رهيو؟
“مان هتي هڪ ڏينهن ۾ اٺن ڏهن گراهڪن سان به منهن ڏئي ويندي آهيان. باقي باڪو، دبئي يا يورپ ۾ گراهڪ ته هڪ ئي هوندو هو، پر ڇيڙ ڇاڙ ڏهن گراهڪن کان به وڌيڪ ڪندو هو. هو چڪَ به هڻندا هئا، جنسي تشدد به ڪندا هئا، پر مان برداشت ڪندي هئس..! پوءِ انهن کي مان سنڌيءَ ۾ گاريون ڏيندي هئس. انهن کي ڪتو، سوئر ۽ حراميءَ جي اولاد جا ڦر چوندي هئس، پر هي گاريون مسڪرائيندي ڏيندي هئس. جنهن تي هو ٻولي نه سمجهڻ جي ڪري کِلندا هئا، پر اهي مون کي سچ ته سوئر لڳندا هئا..”
ڀلا هتي توهان کي ماڻهو تنگ ڪندا آهن؟
“رڳو تنگ لفظ ته مڙئي خوار آهي، پر هتي ماڻهو اسان کي رستي ويندي غلط نظرن سان ريپ ڪندا رهندا آهن، خراب اشارا ڪندا آهن ۽ عجيب قسم جا لقب القاب ڏيندا آهن. انهن سڀني ماڻهن ۾ وڌ ۾ وڌ اسان کي رڪشا هلائڻ وارا تنگ ڪندا آهن. هڪ ڀيري مان رات جو عيد جي شاپنگ ڪري رڪشا تي واپس پنهنجي گهر پئي موٽيس ته رڪشا واري مون کي زوريءَ پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو…! جڏهن مون کيس انڪار ڪيو، ڇو ته ان وقت منهنجي دل نه پئي چاهيو ته مان ان سان گڏ وڃان ته هو مون کي زوريءَ هڪ سنسان جاءِ تي کڻي ويو، جتي اڳ ۾ ٽِي ٻيا به همراهه موجود هئا. هنن مون سان زوري زنا ڪئي. اسان ڀلي سيڪس ورڪر هجون، پر اسان جي به ڪا مرضي آهي! ڪا عزت آهي..! ڪو موڊ هوندو آهي..! هنن مون تي ڏاڍو جسماني تشدد ڪيو. هنن جي خلاف مان ٿاڻي تي اين سي ڪٽائڻ به ويس، پر اتي منهنجي فريادي جو ڪوبه تدارڪ نه ٿيو…! پوليس وارن کي اسان جي ڌنڌي جي سڄي خبر آهي. هنن مون کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ۽ منهنجي مسئلي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو…!” ان واقعي کانپوءِ مان پنهنجي لاءِ هڪ ئي رڪشا واري کي مقرر ڪري ڇڏيو هاڻي ان رڪشا واري کانسواءِ ٻئي ڪنهن سان ٻاهر ناهيان نڪرندي…!
توهان ڪڏهن شاديءَ بابت سوچيو آهي..؟
“هن ٿورو سوچيندي چيو شاديءَ بابت سوچيو ته گهڻا دفعا آهي. هڪڙو نوجوان گراهڪ ته لاهي پائي منهنجي ڪڍ پئجي ويو. ايتري تائين جو هن مون سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، پر مان نٽائي ڇڏيو. ايئن ڪيترائي ڀيرا شاديءَ جون آفرون آيون، پر مون هر ڀيري نٽائي ڇڏيو. اسان شادي ته ڪري ڇڏيون، پر اسان جو ماضي داغدار آهي. ڪير اسان کي عزت واري زندگي گذارڻ ڏيندو؟ شاديءَ کانپوءِ ڪير رڳو رنڊيءَ جو مهڻو ڏيندو ته اسان جو من اڌ اڌ ٿي ويندو. اسان کي اسان جي داغدار ماضيءَ سان ڪوبه قبول نه ڪندو. تنهنڪري مان شاديءَ کي پنهنجي زندگيءَ جي لغت مان ئي ڪڍي ڇڏيو آهي…”
ايئن ڳالهائيندي ڳالهائيندي اسان ٻئي بند کان هيٺ درياءَ واري پاسي لهي وياسين. درياءَ جي ڪپ تي واري ئي واري هئي، جيڪا مينهن پوڻ جي ڪري سِٽ هڻي وئي هئي. اسان ٻئي هيٺ درياءَ ڏي وڌي رهيا هئاسين..
خانزادي پَريان ملاحن جا اڌ اگهاڙا ٻار مٽيءَ سان راند کيڏندي ڏسي خوش ٿي رهي هئي. اهي دنيا کان بي پرواهه ٿي مٽيءَ جا گهر ٺاهي ۽ ڊاهي رهيا هئا ۽ پنهنجي راند ۾ مگن هئا.
اسان ملاح کي ٻيڙيءَ تي درياءَ ۾ سير لاءِ چيو…! جنهن اسان کي ٻيڙيءَ تي درياءَ جو سير ڪرايو . اسان جڏهن وچ درياءَ تي پهتاسين ته هن پنهنجي نرم ۽ نازڪ هٿن سان پاڻيءَ جا ڇنڊا مون کي هنيا… مون کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ وقت هوءَ کلي رهي هئي.. هوءَ کلندي انهن راند کيڏندڙ ٻارن وانگر ڏاڍي معصوم لڳي رهي هئي. ٻيڙيءَ تي سير ڪندي هن مون کي چيو “هي نيرو آسمان، هي ميرانجهڙو پاڻي، هي مُهاڻا، هي مهاڻن جي ميرا ٻارڙا، هي مينهن کانپوءِ درياءَ جي ڪناري تي صاف سٿرا ۽ خوبصورت وڻ… هي سڀ مون کي اڄ ڏاڍو مزو ڏئي رهيا آهن. دل ٿي چوي ته وقت اتي بيهي رهي.” مان سندس چهري کي غور سان ڏسندو رهيس.
اسان درياءَ جو سير ڪري، وري واريءَ تي قدم رکيا ۽ پنڌ شروع ڪري ڏنو. اسان جو منهن ڏکڻ طرف هو، نماشام ٿي چڪي هئي، سج لهي رهيو هو، وڻن جي اوٽ مان اهو سڄو منظر ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هو. هلندي هلندي مون خانزاديءَ کان پڇيو “توهان کي خوف ٿيندو آهي؟ ۽ ڇا کان ٿيندو آهي؟” هي منهنجو توهان کان آخري سوال آهي.
هن اداسيءَ سان چيو، “اسان کي سڀ کان وڌيڪ خوف پوڙهائپ کان ٿيندو آهي. جيستائين جوانيءَ جو رنگ هوندو آهي، تيسين بازار ۾ گراهڪن جي لائين لڳل هوندي آهي، پر جيئن ئي عمر جا آخري پاڇا چهري تي لهڻ لڳندا آهن ته اسان جي اندر ۾ خوف جا پاڇا وڌڻ لڳندا آهن. جيئن هو ڏس سامهون سج لهي رهيو آهي، جنهن جي لهڻ کانپوءِ ڪاري اوندهه جي چادر هر طرف پکڙجي ويندي، تيئن اسان جي نصيب تي به ڪارا پاڇا چڙهندا ويندا آهن. اسان کي خبر هوندي آهي ته هيءَ بازار دلين کان وڌيڪ چهرا ڏسندي آهي. پوءِ ايئن وقت گذرڻ سان گراهڪ گهٽجندا وڃن ٿا ۽ قاتل اڪيلائي وڌندي وڃي ٿي. انهيءَ ڪري هر گذرندڙ پل سان اسان جي دل ۾ اهو خوف پيدا ٿيندو آهي ته سڀاڻي اسان سان ڇا ٿيندو… زندگيءَ جو گذرندڙ هر پل اسان کي انهن ڪارن پاڇن ڏانهن ڌِڪيندو آهي.” مون سمجهيو ته شايد سندس ڳالهه پوري ٿي وئي، پر هن وري ڳالهايو، سندس اکين ۾ اداسي ڇانيل هئي. هن چيو ته تازو ئي هڪ وڏي عمر جي عورت جيڪا سيڪس ورڪر هئي، ان خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. هوءَ جوانيءَ ۾ ڏاڍي خوبصورت هئي. سندس در تي گراهڪن جي لائين لڳل هوندي هئي. دنيا ۾ هر ماڻهو جو محنت ڪرڻ کانپوءِ مان، مرتبو ۽ عزت وڌندي آهي، پر اسان جي ڌنڌي ۾ ان جي بلڪل ابتڙ ٿيندو آهي. اهڙي سماج ۾ جتي اسان جي لاءِ اڳ ۾ ئي اکين ۾ نفرت ۽ ڌڪار هجي، اتي ماڻهن کي رڳو موقعو ملڻ جي دير هوندي آهي. ٿيو ايئن جو اسان جي ان ساٿياڻي کي ڪنهن گراهڪ اهو طعنو هڻندي چيو ته سندس جسم ۾ هاڻي اها تازگي ۽ توانائي ناهي رهي، جيڪا کيس ڇڪي هن ڏانهن وٺي ايندي هئي. هن کيس هڪ اهڙو لفظ چيو جنهن سندس دل ٽوڙي ڇڏي. خانزادي اهو چئي چپ ٿي وئي. سندس چهري تي اداسي ڇانئجي وئي. حالانڪه مون هن کي چيو هو ته اهو منهنجو آخري سوال آهي، پر پوءِ به مون کي اڃان هڪ ٻيو سوال پڇڻو پيو. مون پڇيو هن ڇا چيس؟ ان ماڻهو چيس “تون پاروٿو گوشت ٿي وئي آهين”… اهڙي طعني سندس دل تي اهڙو ته حملو ڪيو جو هن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. چڱو ٿيو هوءَ مري وئي، هوءَ هن بدبودار سماج مان آزاد ته ٿي وئي. اسان جهڙين رنڊين کي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهڻو ناهي پوندو، اسان کي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ مرڻو پوندو آهي.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو