مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: ٻاجهارا ماڻهو

Hameed Abro ايم.اي (اڪنامڪس)

ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مريءَ ۾ رڪارڊ برفباري ٿي هئي. پهاڙ، وڻ، ٻوٽا سڀ برف سان ڍڪجي چُڪا هئا. رستي تي ڪوِلين جيان گاڏين جي قطار هئي. مٿي وڃڻ وارن توڙي واپس ورندڙن جون گاڏيون ڦاسجي ويون هيون. ورهين کان انهن ئي رستن تي گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيور به ڏئي وٺي بيٺا هئا، پر اُنهن کي ڪٿان ڪا واٽ نه ٿي سُجهي.
‎آسپاس جي علائقن توڙي مُلڪ جي ڏوراهن هنڌن تان آيل ڪئين سياح موت جي مُنهن ۾ هئا، جن وٽ گرم شالون، ڪوٽ ۽ ڪمبل هئا، سي پاڻ کي ويڙهي سيڙهي، سيءَ کان بچڻ جي ڪوشش ۾ هئا، پر جيڪي واپسيءَ جي ارادي سان آيا هئا، تن جي ڄاڙي ٿي ڏڪي.
صورتحال کي ڏسندي اُتي جي ماڻهن جي اکين ۾ لوڀ لهي آئي هئي، سندن احساس برف جي تَهن هيٺ ڄمڻ لڳا هئا. ٽي کان پنج هزار وارن هوٽل جي ڪمرن جا هڪ رات لاءِ ٽيهه چاليهه هزار طلبي رهيا هئا. چانهه توڙي ڪافيءَ جو ڪوپ ست اٺ سئو کي پهتل هو ۽ اٻاريل آنو پنج سئو رُپين ۾ پئي وڪاميو.
‎جن وٽ پئسا هئا، تن مجبوريءَ مان خريد ٿي ڪيا، جيڪي محدود بجيٽ سان گڏ آيا هئا، تن گاڏين ۾ ئي چار پهر گذارڻ جو ارادو ڪيو هو. انهن ۾ ڪراچيءَ کان آيل عروج ۽ سندس وَرُ خالد به هئا، جيڪي ڪراچيءَ جي گدلاڻ کان بيزار ٿي ٽن ورهين جي پُٽ سميت ڪجهه ڏينهن سُڪون جو ساهه کڻڻ آيا هئا. برفباريءَ جي منظرن بابت هُنن يا ته ٻين جي واتان ٻڌو هو يا يوٽيوب تي ڏٺا هئا. هيءُ پهريون ڀيرو هو جو مريءَ جي ڪڪرن کي ڇُهي ڏسڻ جو مشاهدو ڪيو هئائون ۽ هاڻ هڪ ڀيانڪ صورتحال ۾ ڦاٿل هئا.
‎جنهن ڊرائيور سان ٽيڪسيءَ ۾ آيا هئا، اُهو تجربيڪار ته گهڻو ئي هو، پر سوين گاڏين جي وچ ۾ ڦاسجڻ کانپوءِ اُن جو تجربو بي سود بڻجي چُڪو هو. ايترو ضرور هو جو منٿ ميڙ ڪري ٻه ڪوپ چانهه جا چار سئو رپين ۾ هٿ ڪري اچي هنن کي ڏنا هئائين ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هيڏانهن کان هوڏانهن جا چڪر به ڪاٽي رهيو هو.
‎گاڏيءَ جي هيٽر آن هجڻ باوجود ٿڌ سندن رت کي ڄمائڻ لڳي هئي. هُو پاڻ کي بنهه بيوس ۽ لاچار محسوس ڪري رهيا هئا. سندن ارمانن کي ڄڻ ته سائي ٿي پئي هئي.
‎پنهنجي بيوسي ۽ انهن ماڻهن جي بيحسيءَ عروج کي ڏيڍ ڏهاڪو پوئتي ماضيءَ جي اهڙين ئي مشڪل گهڙين جي ياد ۾ ڌڪي ڇڏيو ھو. ماءُ جي علاج لاءِ لاهور ويندي جڏھن سندن ريل گاڏي سج لٿي مهل سرهاڙيءَ ويجهو ويراني ۾ اچي بيهي رهي هُئي. ‎ستاويهه ڊسمبر جي اُها اڀاڳي شام، جنهن ڪيترين ئي دلين کي ڪيئي گهاوَ ڏنا هئا. سوين هزارين گاڏيون باهه جي شعلن ۾ وٺجي ويون هيون ۽ هُنن کي اُتي ويراني ۾ بيٺي سومهڻي ٿي وئي هئي. تڏهن ڪجهه چاپئين ڏاڙهين سان ڳوٺاڻا سندن پرگهور لهڻ لاءِ پهتا هئا، جن جي اکين مان بي اختيار لڙڪ ڳڙندا سندن سفيد ڏاڙهيءَ ۾ جذب ٿي پئي ويا.
‎اهڙو ڏکارو لهجو، اهڙي دلجوئي، اهڙي همدردي هُن اڳ ڪڏهن ڪونه ڏٺي ۽ ٻُڌي هئي. “بابا، مسافر الله جا موڪليل مزمان آهن، ڪهڙي خبر ريل جو رستو ڪڏهن کُلي؟ شهرن ۾ باهيون ٿيون ٻرن. ريڊيو تي ٻُڌائين پيا ته ڪجهه هنڌن تي ريل مان مسافر لاهي گاڏيءَ کي باهه ڏني اٿائون. بابا اسين پاڻ ٻچڙيوال، ننگن نياڻين وارا آهيون، نوان ننڍا ڪروڌ ۾ ورتا پيا آهن، ڪو نقصان نه رسائين. مسافرن لاءِ اسان جا غريباڻا ڪک حاضر آهن، جيڪو حال اٿئون سو اوهان جي مزماني ڪبي، ڀلائي ڪري اسان سان هلو. ضرور اوهان مان ڪنهن ساڻ سنها ٻچا هوندا. سيءُ ڏاڍو آهي، ڪٿي ڪو وٺجي نه وڃي.”
‎مسافرن تي ماٺ ڇانئجي وئي هُئي. خوف سندن حواس خطا ڪري وڌا هئا. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کان ڊنل هئا، ڪن هلڻ چاهيو ٿي، ڪي ٻڏتر ۾ هئا.
‎همدرديءَ جو وري احساس اُڀريو هو، “اسان تي ويساهه رکو، ويراني ۾ ڪو به لنب لوفر مسافرن کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. اسين نٿا چاهيون ته تَر تي ڪو حرف اچي.”
‎سڀني جي صلاح سان مسافر گاڏيءَ مان لهي پيا هُئا. ٻنا لتاڙيندا ٻن ڪوهن جي پنڌ کانپوءِ ڪکائن گهرن ۾ اچي رسيا هئا. جتي اڳ ئي ماتم جهڙو ماحول هو. مايون مرد نير وهائي رهيا هئا. سندن گهرن جي چُلهين ڀرسان رڌي پڪي جو سامان وکريو پيو هو، جنهن جنهن جي ڪنن تي سانحي جو اطلاع پهتو هو، سو پنڊپهڻ ٿي ويو هو. ٻارڙن ۾ الڳ روڄ هو، ڪنهن جي هٿ ۾ ماءُ جي رئي جو پاند هو ته ڪي مائرن کي ڳولي رهيا هئا، پر مسافرن جي آمد سان سڀني تي ڄڻ ته خاموشيءَ جي ماڪ پئجي وئي هئي. لڙڪ ميرانجهڙين پوتين ۾ لڪائجي ويا هئا. مسافر الله جا موڪليل مزمان! سانجهڻ جو وکريل سامان وري سنوت ۾ اچڻ لڳو هو. چلهيون ٻيهر دُکي پيون هيون.
عورتن کي چڱي مڙس ڪريمداد، سندس سئوٽ شفيع محمد ۽ چئن ٻين گهرن ۾ ترسائڻ لاءِ هنڌ بسترا گڏ ٿيڻ لڳا هئا. نياڻين جي ڏاج واريون پيتيون کوليون ويون هيون. ڪافور جي ٽڪين جو هٻڪار اڱڻ مٿي ڇنڊي مسافر عورتن کي رليون وڇائي ڏنيون ويون هيون ۽ مردن لاءِ اوطاق، اسڪول ۽ علي ڏني جي ويڙهي ۾ کٽون وجهرايون ويون هيون.
عروج لاءِ اِهو سڀ ان ڪري به عجيب هو جو کيس ٻڌايو ويو هو ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو وحشي ۽ تعصبي هوندا آهن، پر اڄ هوءَ ڪا ٻي حقيقت اکين سان پَسي رهي هئي. ڪينسر جي مرض ۾ ورتل پنهنجي ماءُ جي اکين ۾ اطمينان ڏسي هُن کي هيڪاڻي حيرت وٺي وئي هئي. سندس ماءُ اهڙي ئي مهمان نوازيءَ جو مشاهدو ورهاڱي وقت به ماڻيو هو. تڏهن هوءَ اڃان ٻارهن ورهين جي هئي جو ريل جي مٿان پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ ويهي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اچي پهتي هئي.
‎چار سئو ٽيهه مسافرن کي هنڌ بستري ڏيڻ کانپوءِ مسجدن جون نکون ئي بچيون هيون، جن ۾ ڳوٺ جا ڪي پيرسن ويڙهجي سُتا هئا ته ڳوٺ جي عورتن باهه جا مچ ٻاري پنهنجن ٻارن کي جهولين ۾ جهلي اکين تي پرهه ڪئي هئي.
‎خوف ۾ ورتل مسافرن مان ڪن ٿورڙن کي ننڊ آئي هئي، باقي سوَڙين ۾ صبح تائين پاسا ورائيندا رهيا هئا.
‎اذان تي نُکن ۾ ويڙهيل ڳوٺ واسي اُٿيا هئا، ڪن ملان سان گڏ ڪنن تائين هٿ کنيا هئا ته ڪي وڃي مال جي ڏهائيءَ سان لڳا هئا. ‎ڏينهن شينهن آهي، مسافرن جي چهرن تي اطمينان جون ريکائون ته اُڀريون هيون، پر حالتن جي خبر چار هُنن کي وري ملول ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جهڙوڪر باقي مُلڪ کان ڪٽجي چُڪي هئي. ڪو رستو اهڙو نه هو، جنهن تي گاڏيون نه سڙيون هُجن، پر ڳوٺ وارن جو اهوئي ٻاجهه ڀريو آواز سڀني جي ڪنن ۾ ٻُريو هو، “جيسين حالتون ٺيڪ نه ٿيون ٿين، تيستائين اوهان جي خدمت اسان جو فرض آهي.”
‎عروج ۽ سندس ماءُ کي ڪريمداد جي سورنهن ورهين جي ڌيءَ صغريٰ ڄڻ ته ٻانهي ٿي ملي هئي، “باجي ڇا کائيندو، باجي چانهه آڻي ڏيان، باجي سُمهو ته بسترو سڌو ڪري ڏيان.” سج لٿي مهل پيرانديءَ کان ويٺي صغريٰ ئي کيس ٻُڌايو هو، “باجي هيءَ رلي منهنجي ڏاج جي آهي، سئوٽ سان مڱڻو ٿيل آهي، مون سان دل به اٿس، پر اسان وٽ مڱ سان ڳالهائڻ عيب سمجهيو ويندو آهي.” سِڪ ۽ لَڄَ ۾ ويڙهيل صغريٰ سندس دل کي ڪيڏي نه وڻي هئي ۽ هُن سوچيو هو ڪيڏا نه عجيب ماڻهو آهن، ٻين جي تڪليفن کي ڏسي پنهنجا ڏک وساري ويٺا آهن.
گاڏيءَ جو دروازو کُلڻ سان سيءَ جي احساس هُن کي ماضيءَ مان ڇڪي ڪڍيو هو. هوءَ ذري گهٽ پنهنجي ٻارڙي مٿان ٻيڻي ٿي ويڙهجڻ لڳي هئي ۽ ڊرائيور پنهنجي سيٽ تي ويهندي مختصر وضاحت ۾ معذرت ڪرڻ گهري هئي ته برف جا تهه گاڏيءَ جي سالينسر تائين ڄمي ويا آهن، جي گهڙي سوا ايئن ڇڏجي ها ته گاڏيءَ اندر دونهون ڀرجي وڃي ها.
‎هُن ٻيهر خيالن جو سلسلو جوڙڻ گهريو، پر فقط ايترو ئي ياد ڪري سگهي هئي، ان ڳوٺ ۾ ٽي ڏينهن ترسڻ بعد جڏھن واپس ورڻ لڳا هئا ته ڪنهن کي تحفي ۾ پوتي ملي هئي، ڪنهن کي مانيءَ جون ڇٻيون ته ڪنهن کي گَج. هُن جي حصي ۾ ڦلهڙين وارو مٽياريءَ جو اجرڪ آيو هو ۽ ڪريمداد جو ٻاجهه ڀريو مٿي تي رکيل هٿ، جنهن پنهنجائپ واري لهجي ۾ چيو هو، “ڌيءَ اسان نياڻين کي خالي هٿين ناهيون موڪليندا، پر سڀ شهر بند آهن، ٻيو ڪجهه نٿا ڏئي سگهون.”
‎اُن ٻاجهه ڀرئي هٿ جو هاڻوڪي هيڻائيءَ واري حالت ۾ هُن کي وڌيڪ احساس ٿي رهيو هو ۽ سوچ سيءَ جيان سندس جسم مان ڊوڙندي هُن جي ذهن کي ڌوڏڻ لڳي ته “ڪاش هيڏا ڪشالا ڪٽي مريءَ اچڻ بجاءِ سنڌ جي اُن ساڳئي ڳوٺ ۾ وڃي ڪي ڏينهن گذاريان ها.”
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو