ڪهاڻي: ٿڌو شربت، گرم رت
چاچي ڪمال جي هتان لڏي ٻئي شهر وڃڻ کي اڃان ڏهه، ٻارنهن ڏينهن مس ٿيا هئا ته سندس گهر اڳيان هڪ ٽريڪٽر ٽرالي سامان سان سٿيل اچي بيٺي. هڪ بندري قد سان ٿلهو متارو همراهه جنهن جو رنگ سانورو، ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل هيون، تنهن وڃي در کي لڳل تالو کوليو. جڏهن مزدور سامان لاهڻ لڳا ته پاڙي وارن بيٺي تماشو پئي ڏٺو. تڏهن همراهه بيٺلن کي منٿ ڪندي چيو ته “ڀائو ٿورو هٿ ته وجهرايو”، پر ڪوبه اڳتي نه وڌيو. سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بت بڻيا بيٺا رهيا.
هر ڪنهن کي اچرج هئي ته ڪنهن جي ڦٽي جو هن پاڙي ۾ لڏي آيو، جنهن ۾ نه ڪا گهٽي سُر جي، نه ڪا نالي، بجلي وڃي ته موٽڻ جو نالو نه وٺي. “جتان لوڪ لڏڻ ۾، چري اڏڻ ۾” جيان جڏهن هو سامان کڻي پهتو، تڏهن سڀني کي مٿس کل به پئي آئي ته رحم به. اوچتو هڪ رڪشا ڦٽ ڦٽ ڪندو اچي بيٺو. جنهن مان هڪ خوبصورت عورت جنهن کي ڪارو وڳو ۽ اجرڪ جي پرنٽ تي رئو پاتل ٿو، لٿي. کيس ڏسي بيٺلن جا وات پٽجي ويا. ڪنهن اک به نه پئي ڇنڀي. ان عورت کي ڏسي سڀ سُري اچي بنا ڪنهن صلاح جي سامان کي لاهڻ لاءِ مدد ڪرڻ جي لاءِ بيهي رهيا.
عورت سڀني کي مرڪندي ڏسي رهي هئي. سندس مرڪ ۾ عجيب ڪشش هئي. هر ڪنهن کي ائين ٿي لڳو ته هوءَ سندس لاءِ مرڪي رهي هئي. هوءَ ڪجهه گهڙيون اتي بيٺي ۽ پوءِ اندر هلي وئي. سڀني جي حالت خراب ٿي وئي. بس اهو ڏينهن سڀ ڪو پاڻ کي ٺاهي پئي هليو ته من ڪٿي ڪنهن کي ڪا لفٽ ملي وڃي. اهي ٻئي مرد ۽ عورت ڪير هئا، ڪٿان آيا هئا، انهن جي باري ۾ ڪنهن کي ڪا خبر نه هئي. نه ئي ڪنهن ان بابت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ها ايترو ضرور هو ته هر ڪنهن جي دل ۾ اهو سوال ضرور پيدا ٿي رهيو هو ته ان حور پري جو پرڻو ان ديو سان ڪيئن ٿيو. سڀ ڪو ٿڌو ساهه ڀري اهوئي چوندو هو ته “بس سائين لکيئي جا ليک” هونئن به جتي گل هوندو آهي اتي خار به ٿيندو آهي.
هڪ ڏينهن سانوڻ جي مهڙين ڏهاڙن ۾ مان شهر مان گهر موٽڻ لاءِ ڪنهن رڪشا جو انتظار ڪري رهيو هئس ته هيلميٽ پاتل هڪ موٽرسائيڪل واري منهنجي اڳيان اچي بريڪ هنئي.
“ ڇا حال آهي سائين؟”
هن هٿ مون ڏانهن وڌايو. مون کيس هٿ ته ڏنو، پر سڃاڻي نه سگهيس. جڏهن هن هيلميٽ لاٿو ته سڃاتومانس ته هو اسان وارو نئون پاڙيسري هو.
هن ڏاڍي پيار سان مون کي بائيڪ تي ويهڻ جي صلاح هنئي. مون ٿورو تڪلف ڏيکايندي چيو نه سائين توهان تڪليف نه ڪريو، مان ڪنهن رڪشا تي ايندس.”
مون ڪجهه پڪائي ڪئي ته هن چيو،
“اڙي سائين ان ۾ تڪليف جي ڪهڙي ڳالهه آهي. اچو ويهو”
مان خوش ٿي لانگ ورائي ويهي رهيس. دل ئي دل ۾ خوش پئي ٿيس ته ڪنهن ريت ته هن همراهه سان واسطو جڙيو. هلندي رستي ۾ هن چيو،
“معاف ڪجو سائين مان توهان کي مهانڊي تي ته سڃاڻان، پر توهان جي نالي جي خبر نه اٿم.” ڏسو پاڙي ۾ رهندي به اسان کي پنهنجن نالن جي خبر ناهي، مون ڏاڍي شرافت سان کيس پنهنجو نالو ٻڌائيندي چيو منهنجو نالو ساجد آهي.”
“هائو ساجد سائين سچ ٿو چوين، اهڙو ڪو واءُ گهليو آهي جو ماڻهو ماڻهوءَ کان بيزار لڳو پيو آهي، منهنجو نالو جعفر آهي.” هن بنا پڇڻ پنهنجو نالو ٻڌايو. ائين ڳالهيون ڪندين پنهنجي پاڙي ۾ پهتاسين، هن پنهنجي گهر وٽ گاڏيءَ کي بريڪ هنئي. مان لهي سندس مهرباني مڃي پنهنجي گهر وڃڻ لڳس ته هٿ کان پڪڙيندي چيائين. “ائين ڪيئن ويندين. هل اندر منهنجو ٿڌو پيءُ پوءِ وڃ” مون دل ۾ سوچيو “واهه جو قسمت مهربان ٿي آهي. مان ته اجايو پنهنجي نصيب کي پيو ميارون ڏيندو هئس. جنهن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ سڄو پاڙو سڪي رهيو هو. تنهن جي هٿن جي شيءِ مون کي ملندي. هو مون کي اوطاق نما ڪمري ۾ ويهاري اندر ويو. مان هن ڪمري ۾ چاچي ڪمال جي هوندي اڳ به ايندو رهندو هئس، تڏهن ڪمرو گند ۽ سامان ۾ اٽيل هوندو هو، پر اڄ ڪمرو صاف سٿرو لڳو پيو هو، جنهن جي هڪ پاسي کان ڊبل بيڊ پلنگ پاسي ۾ الماري، وچ ۾ قالين وڇايل جنهن تي ٽي ڪرسيون ۽ ميز پيل هئي. ڪمري جي سجاوٽ ڏسي مون کي ان ڳالهه تي ايمان آڻڻو پيو ته سونهن سان سليقو پاڻ ئي اچي ويندو آهي. ڪجهه ئي دير ۾ جعفر صاحب واپس اچي ويو.”
“معاف ڪجو ساجد صاحب مون کي موٽڻ ۾ دير ٿي وئي.” مون کيس مرڪندي چيو ڪا ڳالهه ناهي. “سائين پهريان ڪٿي ويٺا هئا؟” مون خاموشيءَ کي ٽوڙيندي سوال پڇيو. هن جي چهري جي تازگي گم ٿي وئي. مون دل ئي دل ۾ محسوس ڪيو ته هن کي منهنجو سوال سٺو نه لڳو. مان پنهنجي غلطي محسوس ڪندي ڳالهه کي مٽائيندي چيو، “سائين توهان هن پاڙي ۾ ايڊجسٽ ٿي ويا آهيو ڪا تڪليف ته ناهي؟” جعفر ڊگهي خاموشي ٽوڙيندي چيو،
”تو سميت سمورو پاڙو اهو سوچيندو هوندو ته هي ڪير آهي ۽ ڪٿان اوچتو اچي هتي پهتو آهي. مان شهر جي اتر طرف هڪ ڪالونيءَ جو رهاڪو آهيان. مڇي مانيءَ واري گهراڻي سان تعلق آهي. شادي ٿي ته گهر ۾ روز ڦڏو فساد شروع ٿي ويو. پنهنجي ڪالونيءَ ۾ مسواڙي جاءِ جي ڪوشش ڪيم، پر نه ملي. گهر ۾ فساد به وڌي ويو سو هتي اچي ويٺو آهيان.” “هائو سائين اهڙو واءُ جتي ڪٿي گهلي ويو آهي.” مون کيس دلداري ڏيندي چيو. ايتري ۾ صنوبر جي وڻ جهڙي قدآور، ڀريل بدن، ناريل جهڙي ڇاتيءَ ۽ ڊگهن وارن واري اها عورت اندر ٽپي آئي، جنهن سڄي پاڙي جون ننڊون حرام ڪيون هيون. کيس پنهنجي سامهون ڏسي منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي.
سندس هٿن ۾ هڪ ٽري ۾ ڳاڙهي شربت جا ٻه گلاس پيل هئا. ڪمري ۾ ڦهليل خوشبو روح افزا شربت جي هئي يا هن جي بدن جي، ڪو اندازو نه لڳائي سگهيس.
منهنجي حيرانگيءَ کي ڏسي جعفر چيو، “ساجد صاحب هيءَ منهنجي گهر واري صبا آهي. پرديداريءَ وارا پراڻا رواج مان ناهيان ڪندو، توهان شربت پيو.” هوءَ مرڪندڙ نيڻ کڻي مون کي ڏسڻ لڳي. مان نيڻن جي ٻولي سمجهڻ ۾ صفا ڏڏ آهيان. ان ڪري نه سمجهي سگهيس ته هن جا نيڻ ڇا ٿا چون. هوءَ شربت ڏيئي هلي وئي. مون زندگيءَ ۾ شربت ته گهڻا پيتا هئا، پر هن شربت جهڙو سواد ڪنهن جو نه هو. ائين منهنجي ۽ جعفر جي دوستي وڌندي وئي. روزانو هن سان ملڻ جلڻ ٿيندو هو. هو اها شعوري ڪوشش ڪندو هو ته اسان سندس ئي گهر واري ڪمري ۾ ويهون، دل ته منهنجي به چوندي هئي، پر پاڙي ۽ لوڪ ۾ اٿندڙ سوالن سبب اتي ويهڻ کان لنوائيندو هئس. ڪيترائي پڪا توڙي پوڙها مون تان سڙڻ لڳا هئا. جتان گذران پويان ڪو نه ڪو جملو ڦهڪائي ڇڏيندا هئا. مان به اهو سندن حق سمجهي ڪو رد عمل نه ڏيندو هئس. هڪ دفعو مان جعفر جي گهر جو در کڙڪايو ته صبا در کوليو. “جعفر صاحب آهي؟” جلديءَ ۾ پڇي ورتم. “اچو اندر اچو” هن سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ اندر اچڻ لاءِ چيو. “جعفر صاحب جو نمبر به بند ٿو ملي. اهو ناهي ته خير آهي، مان سڀاڻي ايندس.” “توهان اندر اچڻ کان گهٻرايو ڇو ٿا؟ اندر اچو نه. هن پنهنجي هيٺين چپ کي ڏندن ۾ ڦاسائي اهڙي ادا سان چيو جو مون کي خبر ئي نه پئي ته مان ڪيئن ڇڪجي اندر پهتس. هوءَ اوطاق واري ڪمري مان نڪري گهر واري پاسي وئي ڪجهه دير ۾ شربت کڻي واپس آئي ته مون کان ڇرڪ نڪري ويو. هن جا وار کليل، رئو لٿل. سوڙهي قميص مان سندس جسم جو اڀار بخوبي محسوس ٿي رهيو هو. مون کيس ان حالت ۾ ڏٺو ته ائين ٽپو ڏئي اٿيس ڄڻ ڪنهن رسو وجهي مٿي ڇڪيو هجي. “م…م…م…م.. مان هلان ٿو” ڇو!؟ ڇو.. !؟ هن حيرانگيءَ ۾ وراڻيو. “بس مون کي هڪ ضروري ڪم ياد اچي ويو آهي” “ويهو نه پليز…” هن جلدي ۾ هٿن ۾ پڪڙيل ٽري کي ٽيبل تي رکيو ته شربت ڇلڪي پيو ۽ منهنجو رت ٽهڪي پيو، انهيءَ ڇلڪڻ سان صبا منهنجو هٿ پڪڙي ورتو. مان ڏڪڻ لڳس، منهنجا پگهر وهڻ لڳا. مون کي خوف ٿي رهيو هو ته جعفر صاحب اچي ويو ۽ هن مون کي هن صورتحال ۾ ڏٺو ته ڇا ٿيندو. ايتري ۾ جعفر صاحب ڪمري ۾ داخل ٿيو. منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ۽ ايئن لڳو ڄڻ مان ڀنواٽي کائي ڪري پوندس. جعفر هڪ نظر سان اسان ٻنهي کي ڏٺو ۽ پوءِ نظر جهڪائي ڇڏي. “اڙي يار ساجد ويهو نه، ڪيڏي قرب سان توهان کي چوي ٿي.” جعفر جي جملي منهنجي اڳيان حيرانگيءَ جو درياءَ وهائي ڇڏيو. صبا پنهنجي ساڳي ئي ڏيک ۾ هئي. هن کي مڙس جي اوچتي اچڻ تي نه ڪو خوف ٿيو نه ڪا پريشاني. مان اهو فيصلو ئي نه پئي ڪري سگهيس ته هي سڀ ڪجهه حقيقت آهي يا ڪو مذاق..! مون کي اهڙي حالت ۾ ڏسي جعفر منهنجي ويجهو اچي چوڻ لڳو. “ڊڄ نه ساجد دراصل مان هن لاءِ ڪنهن ڪم جو ناهيان. وڏو وس ۽ علاج ڪرائڻ کانپوءِ به هن جي لائق نه ٿي سگهيو آهيان. مون کي هن جو جوڀن ۽ جواني ڏنگي ٿو. تڏهن اهو قدم کڻڻ تي مجبور ٿيا آهيون. تون ڪو خوف نه ڪر.” هو ائين چئي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. صبا منهنجي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون پاڻ ڇڏائڻ جي ڪئي. منهنجو ٽهڪندڙ رت ڄمي چڪو هو. مٿي نهارڻ جي همت نه پئي ڪيم، منهنجو ڀرم ٽٽي چڪو هو. ڇو ته مان به جعفر جيان هن جي ڪنهن ڪم جو نه هئس.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟