ڪهاڻي: اندر جنين اڌ
سرڪاري اسپتال ۾ ماڻھن جي اچ وڃ لڳي پئي ھئي. آسيه اسپتال جي دروازي وٽ ٻڏتر واري حالت ۾ بيٺي هئي. ھن کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته اندر اسپتال وڃي يا اتان ئي واپس وري، فيصلو نه ڪرڻ وارو مونجهارو اڄ جو نه هو، پر ٻن ھفتن کان ھوءَ ان حالت ۾ ھئي، پر ڪجھه سوچيندي ۽ پريشاني واري حالت ۾ ھوءَ آهستي آهستي اندر وئي، رسيپشن کان ٿيندي گائني ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ هلي وئي، جتي ھن کان اڳ ٻه ٽي عورتون چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ موجود ھيون. ھوءَ ماٺ ڪري پنھنجي واري جو انتظار ڪرڻ لڳي ۽ پنھنجو وارو اچڻ تي ڊاڪٽرياڻيءَ جي سامھون ويھندي ئي پنھنجون رپورٽون کيس ڏنائين. ڊاڪٽرياڻي اڃان رپورٽون ئي ڏسي رھي ھئي ته آسيه گھٻرائيندي چيو، “ڊاڪٽر صاحبه مون کي حمل ضايع ڪرائڻو آهي.”
“ڪو طبعي مسئلو آھي ڇا؟” آسيه جي ڳالھه ٻڌي ڊاڪٽرياڻي رکائپ مان پڇيو.
“نه، پر… اصل ۾…” آسيه ڪو مناسب جواب نه ڏئي سگھي.
“محترمه ھيءَ سرڪاري اسپتال آھي، ھتي اھڙا غير قانوني ڪم ناھن ٿيندا.” ڊاڪٽرياڻي سخت لھجي ۾ ڳالھائيندي چيو.
“غير قانوني، پر ملڪ جي قانون موجب ته عورت حمل ضايع ڪرائي سگھي ٿي. اھو غير قانوني ناھي.” آسيه وضاحت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
“ڪرائي سگھجي ٿو، پر رڳو ان حالت ۾ جڏھن ڪو طبعي مسئلو ھجي يا ماءُ جي حياتيءَ کي خطرو ھجي ۽ مون کي ڪونه ٿو لڳي ته اھي ٻئي حالتون توھان سان آهن. ڊاڪٽرياڻي سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو.
“مھرباني ڪري منھنجي مجبوريءَ کي سمجھو. ماءُ جي حق تي به ٿي سگهي ٿو ۽ مان ھن ٻار کي جنم نه ٿي ڏئي سگھان.” آسيه ڳالهه جاري رکي.
“سوري مان ڪجھه نٿي ڪري سگھان. الٽراسائونڊ رپورٽ موجب ٻار ھن وقت چئن مھينن جو آھي، ان کي ضايع ڪرڻ غير قانوني ھجڻ سان گڏوگڏ گناهه به آھي. گهڻو بحث ڪري پنھنجو ۽ منھنجو وقت ضايع نه ڪر. بھتر اھو ٿيندو ته ھتان ھلي وڃ.”
آسيه ماٺ رهي، ڊاڪٽر ڳالهه ڪري ٻي عورت کي چيڪ اپ لاءِ سڏيو ۽ آسيه مايوسيءَ ۾ اسپتال مان نڪرڻ لڳي ته هڪ نرس کيس سڏيو. آسيه آواز ٻڌي بيھي رھي.
“ڀيڻ ڳالھه ٻڌو، ٿورو هيڏانھن اچو. نرس آسيه کي ھڪ ڪنڊ ڏانهن سڏيو. جيڪڏهن توهان کي ايبارشن ڪرائڻو آھي ته مان اھو ڪم ڪري سگهان ٿي، پر هتي نه منهنجي گهر تي، في 50 هزار وٺندي آھيان جيڪڏھن راضي ھجين ته پئسا کڻي اچجانءِ.
هوءَ خاموش رھي ۽ ڪو جواب ڏئي نه سگھي. نرس ھڪ پرچي ھن کي ڏني جنھن تي پتو ۽ نمبر لکيل ھو. آسيه ان پرچيءَ کي ڏسندي رھي ۽ نرس کي ڪو جواب نه ڏنائين ته نرس اتان جلدي ۾ ھلي وئي. آسيه ٿڪل وکن سان رڪشا ڏانهن وڌي، پر سندس دماغ ۾ اھا سوچ پئي ھلي ته 50 ھزار ڪٿان آڻي. سندس مھيني جو پگھار به ان کان گهٽ هو. جنھن مان مھيني جو خرچ به مشڪل سان ھلندو آھي ۽ ھاڻي ھي ٻار… اھو سوچيندي سندس ذهن ماضيءَ ڏانهن اڇل کاڌي، ساهراڻي گهر ۾ جتي سدائين کيس طعنا مهڻا ملندا هئس. سندس سس کيس سنڍ هجڻ جو طعنو ڏنو هو ۽ اهو چيو هئائين ته ڪهڙي نڀاڳيءَ سان پٽ پرڻايو اٿس جنهن مان اولاد جي ڪا اميد ڪانهي. سندس نڻان به ماءُ جي دل ٺارڻ لاءِ سندس پاسو کنيو هو. مڙس کي اڳ ئي هن تي باهيون هيون. سو اتي چئي ڏنائين ته هو صبا کي پسند ٿو ڪري ۽ ساڻس هاڻ به شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ساهرن کي ڪيتريون ئي وضاحتون ڏنيون ۽ کيس اها اميد به هئي ته ٻار ٿيندس ڪجهه صبر ڪن، پر ڪنهن به هن تي ويساهه نه ڪيو.
“ادي توهان جي هاسٽل اچي وئي.”
رڪشا واري جملي تي هوءَ ماضي جي ٻڏتر مان موٽي آئي.
رڪشا واري کي پئسا ڏئي ھوءَ ھاسٽل جي ڪمري ۾ آئي ۽ بيڊ تي ليٽي پئي، پر سوچن اڃان به ھن جو پيڇو ڪونه پئي ڇڏيو. تبسم ڪمري ۾ آئي ۽ آسيه کي سوچن ۾ گم ڏسي پڇيائين “خير ته آھي نه پريشان ڇو آھين ۽ ڇا پئي سوچين؟”
“ڪجھه خاص نه، بس سوچيم پئي ته سڀاڻي ڇا چئي موڪل وٺان، اڄ به موڪل ڪئي اٿم.” آسيه گهرائيءَ ۾ سوچيندي چيو.
“پڪ سان اھا ڳالھه آھي يا ٻيو ڪجھه جيڪو…” تبسم ھن جي ڀرسان ويھندي چيو. “جڏھن کان توکي خبر پئي آھي ته تون اميد سان آھين، تڏھن کان تون وڌيڪ پريشان ٿي وئي آھين جڏھن ته…”
“ھا مان پريشان ٿي وئي آھيان، ڇاڪاڻ ته آفيس ۾ مون اھو ٻڌايو ھو ته مان سنگل آھيان ۽ جڏھن ان ڏينھن مان آفيس ۾ ڪم دوران بيھوش ٿي ويس ۽ مون کي اسپتال وٺي ويا ته انھن سڀني کي خبر پئجي وئي آھي ته مان پيٽ سان آھيان.”
“پر حيرت جي ڳالھه آهي ته توکي خبر ڪونه پئي.”
“خبر ڪيئن پئي ھا، شاديءَ کي ٽي چار سال جي عرصي ۾ ڪيترا ڀيرا ائين ٿيو ته ماھواري ٽي ٽي چار مھينا ڪانه ايندي ھئي. مون کي لڳو ھن ڀيري به ڪجھه ائين ٿيو آھي. ٻيو توکي خبر آھي، ھي ٽي چار مھينا مون پريشانيءَ ۾ گذاريا آھن. انھيءَ ڪري مان سمجھي ئي ڪونه سگھيس ته اھي نشانيون پريگننسي جون آھن يا پريشانين جي ڪري.” آسِيه کيس سمجهائيندي چيو.
“خير جيڪو ٿيو سو گذري ويو، پر منھنجي ڳالھه مڃ پنھنجي مڙس کي ٻڌاءِ ته تون ماءُ ٿيڻ واري آھين ته ھو ۽ سندس گھر وارا خوش ٿي ويندا ۽ توکي خوشي خوشي گھر وٺي ويندا.” آسيه کيس اميد ڏياريندي چيو.
“جيئن تون سمجھين ٿي ائين ڪونھي. توکي ته خبر آھي منھنجي طلاق کي ٽي مھينا ٿيڻ وارا آھن ۽ ھينئر جيڪڏهن ٻڌائينديس ته ھڪ ته ھو ھن ٻار کي به قبول ڪونه ڪندا ۽ ٻيو ان کي ناجائز چئي منھنجي عزت کي به داغدار ڪندا.” آسيه بيوسيءَ مان ڳالھايو.
“ڏس تو وٽ الٽراسائونڊ جي رپورٽ آھي جنھن ۾ ته اھو ظاھر آھي ته ٻار چئن مھينن جو ٿيڻ وارو آھي ۽ ان وقت ته تون ان گهر ۾ ھئين.”
“ھا، پر ھاڻي طلاق ٿي وئي آھي ھو ٻار کي قبول ئي ڪونه ڪندا.”
“آسيه ڏس منھنجي ڳالھه سمجھه جڏھن عورت پيٽ سان ھوندي آھي ته قانون ۽ مذھب موجب اھا طلاق لاڳو ناھي ٿيندي. سمجھه ته تنھنجي طلاق ٿي ئي ناھي.”
“منھنجي لاءِ ان گھر ۾ وڃڻ ڏاڍو مشڪل آھي، مان اتي ڀلا ڪيئن وڃان منھنجي گھر واري ٻي شادي به ڪري ڇڏي آھي ۽ اھا به ان ڇوڪريءَ سان جنھن کي ھي شروع کان پسند ڪندو هو. توکي خبر آهي شاديءَ جي شروع وارن ڏينھن ۾ ھن اھو چئي ڇڏيو ھو ته مان توکي نه، پر ڪنھن ٻئي کي پسند ٿو ڪريان ۽ ھتي تون فقط منھنجي ماءُ ۽ ڀيڻ جي ڪري آھين. جيڪڏھن انھن کي خوش رکي سگھين ته ھن گھر ۾ تنھنجي جڳھه ھوندي نه ته ھن گھر ۾ تنھنجي لاءِ ڪابه جڳھه ڪانھي.”
“اھي سڀ اڳ جون ڳالھيون آھن، ھاڻي جڏھن اولاد جي اچڻ جو ٻڌندا ته خوش ٿي ويندا.”
“مون کي خبر آھي ھو ڪڏھن خوش ڪونه ٿيندا ۽ نه مون کي نه ئي منھنجي ٿيڻ واري اولاد کي قبول ڪندا. اھو گھر منھنجي لاءِ دوزخ کان گھٽ ناھي.”
“ھتي به ته تون ڪا آئيڊيل زندگي ڪونه پئي گذارين ۽ ٻار ٿيو ته پوءِ تون ھاسٽل ۾ ڪيئن زندگي گذاريندين؟”
“بيشڪ ھيءَ ڪا آئيڊيل زندگي ناھي. ھاسٽل جي مسواڙ ۽ رڪشي جو ماهوار ڪرايو ڏيڻ کانپوءِ مشڪل سان ئي ٻن ويلن جي ماني ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪري سگھندي آھيان. زندگي مشڪل ضرور آھي، پر سڪون واري ته آھي. مان ڪنھن جي محتاج ته ناھيان. اٿندي ويھندي ڪنھن جا طعنا ۽ مھڻا ته ڪونه ٿا سھڻا پون. ان گھر ۾ ته مون کي انسان ڪري ئي ڪونه ليکيندا هئا. باقي جھڙي مان زندگي پئي گذاريان مان نٿي چاھيان ته منھنجو اولاد اھڙي زندگي گذاري.”
“مون تنھنجي ڳالھه سمجھي ڪونه…”
“مون فيصلو ڪيو آھي ته مان… مانAbortion ڪرايان.”
“پر اھو ته گناھه ۽ غير قانوني آھي.”
“پاڪستان جي قانون جي آرٽيڪل 338 موجب اھو قانوني آھي. جيڪڏھن گناھه ھجي ھا ته قانون ان جي ڪڏھن به اجازت نه ڏئي ھا.”
“ پر تون پنھنجو ئي ٻار پنھنجي ھٿن سان ماريندينءَ”
“منھنجي لاءِ به اھو مشڪل آھي، ٻه ٽي سال مان اولاد لاءِ ڏينھن رات دعائون ڪيون آھن، پر مون وٽ ھن وقت ٻيو ڪو رستو ڪونھي، مان ڪيئن واپس وڃان؟ ساڳئي دوزخ ۾؟ يا هتي رهان… ۽ سماج جا طعنا سهان؟ منهنجي ٻار کي ناجائز سڏيو ويندو. سڀ ڳالھيون سوچي سوچي ھاڻي منھنجو مٿو ٿو ڦري.”
“ڏس مان رڳو تنھنجي دوست ناھيان، پر اسان جو رشتو ڀيڻن وانگر آھي. مان اھو ئي مشورو ڏينديس جيڪو ڪرين سوچي سمجھي ڪجانءِ.”
آسيه ماٺ ٿي وئي، تبسم به وڌيڪ ڳالھائڻ بھتر ڪونه سمجھيو. ڪجھه ڏينھن ائين ئي گذري ويا، مھيني جي پھرين تاريخن ۾ جيئن ئي پگھار ٿي ته آسيه نرس جي ڏنل پتي تي پھچي وئي.
“پئسا آندا اٿئي؟” نرس ھن کي ڏسندي ئي پڇيو.
“ھي 20 ھزار آھن، ان کان وڌيڪ مون وٽ ناھن.” آسيه کيس پئسا ڏيڻ لاءِ هٿ اڳتي وڌايو.
“اھي ته صفا گهٽ آھن. ان ۾ ته اھو ڪم ڪونه ٿي سگھندو، جڏھن تو وٽ پئسا ٿين ته پوءِ اچجانءِ” نرس بنا پئسن وٺڻ جي رکائيءَ سان جواب ڏنس.
“ائين نه چئو… ھي منھنجا ڪنن جا جھومڪ به وٺ ان مان به چڱا پئسا ٿي ويندئي.” هن اوتاولي ٿيندي چيو. آسيه جلدي جلدي ڪنن مان جھومڪ لاھي ڏنا. نرس ھڪدم پئسا ۽ جھومڪ وٺي ڇڏيا.
“چڱو ڀلا تنھنجي ڳالھه رکان ٿي، ٻيو ڪو ھجي ھا ته ايترن پئسن ۾ اصل ڪونه ڪيان ھا.” ائين چوندي نرس ھن کي ڪمري ۾ وٺي وئي ۽ دروازو بند ڪيائين ته ھن کي لڳو ڄڻ نرس اھو ڪمري جو دروازو بند ناھي ڪيو، بلڪه ھن پنھنجي ٻار جو ھن دنيا ۾ اچڻ جو رستو بند ڪيو آھي. هوءَ اتان واندي ٿي هاسٽل پهتي.
آسيه بي ست ٿيو بستري تي ليٽي پئي ۽ تڪليف ۾ ڪنجهي رھي ھئي. ايتري ۾ تبسم ڪمري ۾ آئي ۽ آسيه کي تڪليف ۾ ڏسي هن ڏانهن وئي.
“ڇا ٿيو آھي توکي، ٺيڪ ته آھين نه؟” تبسم پريشانيءَ مان پڇيو.
“مان ٺيڪ آھيان بس ٿوري طبيعت خراب آھي.”
“اٿ توکي ڊاڪٽر ڏي وٺي ھلان.”
“مان ڊاڪٽر کان ٿي آئي آھيان، دوا کائينديس ۽ ٿوري دير آرام ڪنديس ته ٺيڪ ٿي وينديس.”
“ٺيڪ آھي، پر ڪجھه کاڌو اٿئي يا نه؟”
آسيه ڪو جواب ڪونه ڏنو.
“چڱو ائين دوا نه کائجانءِ، مان ڪجھه ٺاھي کڻي ٿي اڃان، ھڪ ته پنھنجي کائڻ پيئڻ جو صفا خيال ڪونه ٿي رکين.” تبسم ھلي وئي ۽ هن جي ائين چوڻ تي آسيه کي ياد آيو.
طلاق کانپوءِ آسيه ڀاءُ جي گھر ھئي ۽ روز جي معمول موجب ھن لاءِ ڀاڄائي ماني ڪانه رکي ھئي. آسيه ورانڊي ۾ ڀاڄائي ڏي آئي جيڪا ٽي وي ڏسي رھي ھئي.
“ڀاڄائي رڌڻي ۽ فرج ۾ ڏسي آئي آھيان، پر اتي ماني ۽ ڀاڄي ڪونهي.”
“ظاھر آهي رڌڻي يا فرج ۾ ڪونھي ته مطلب ڪونه بچي ھوندي.” ڀاڄائي رُکائي ۾ جواب ڏنو.
“ٺيڪ آهي… ڀلا مان پنھنجي لاءِ ڪجھه ٺاھي وٺان.” آسيه نماڻي انداز ۾ چيو.
“ھڪ وقت جي ماني ڪونه کائيندين ته مري ڪونه ويندينءَ. ڇا به ٿي وڃي، پر توکي ٽن ويلن جي ماني ضرور کائڻي آھي. الائي ڪھڙي مٽيءَ جي ٺھيل آھين، اسان ته ڏٺو ۽ ٻڌو آهي ته جن عورتن جا گھر ڦٽندا آھن، انھن کان کائڻ پيئڻ ئي وسري ويندو آھي. ننڊ حرام ٿي ويندي آھي، پر تو تي ته ڪو اثر ئي ڪونه ٿيو آھي. آرام سان ستي پئي ھوندي آھين ۽ ماني به توکي ٽي ويلا کپي.” سندس ڀاڄائي ڪاوڙ ۾ چيو.
“ڇا ٿيو آھي ڇا جو گوڙ آھي.” آسيه جي ڀاءُ ايندي چيو.
”ڇا وري ڇا ٿيندو، تنھنجي ڀيڻ تماشو لڳايو ويٺي آھي، اصل ۾ اڄ منھنجا مائٽ آيا ھئا سو ھن لاءِ ماني ڪونه بچي سو ھاڻي کڻي اچي گوڙ ڪيو اٿس. ان وقت سڀني سان گڏ ويھي ماني کائين ھا. نوابزادي پنھنجي ڪمري مان ڪٿي نڪرندي آھين.”
“پر ڀاڄائي مان ڪمري ۾ ڪٿي ھئس، مان ته ڪپڙا پئي ڌوتا ۽ ھاڻي واندي ٿي آھيان.” آسيه جواب ڏنو.
“توبهه توبهه، ڪيڏي چالاڪ عورت آھي. ڀاءُ جي سامھون ڪيئن پئي الزام ھڻي. ٻه وڳا ڇا ڌوتا ڄڻ مون توکان سڄي خاندان جا ڪپڙا ڌورايا آھن، انھن پرڪارن جي ڪري ته مڙس به ڇڏيو اٿئي.” سندس ڀاڄائي پراڻا قصا کڻي ويهي رهي.
“چڱو ھاڻي ٻئي ڳالھه نه وڌايو. آسيه تون منھنجي بلڪه پنھنجي لاءِ به چانھه ٺاھي. مان تولاءِ ٻاھران ڪجهه وٺي ٿو اچان.” آسيه جي ڀاءُ جھيڙو ختم ڪرائيندي چيو ۽ وڃڻ لڳو ته آسيه چيو، “ادا.. مون کي توھان سان ٻي ڳالھه به ڪرڻي ھئي.”
”ھاڻي وري ٻي ڪا شڪايت ڪرڻي ھوندي.” آسيه جي ڀاڄائي چڙ ۾ چيو.
“ڀاڄائي مان ڪابه شڪايت ڪونه پئي ڪيان، مون کي رڳو ادا کان اجازت کپي.”
“اجازت، ڇا جي اجازت؟” سندس ڀاءُ پڇيو.
“ادا منھنجي دوست حيدرآباد جي ھڪ اداري ۾ ڪم ڪندي آھي. اتي ھڪ جاءِ خالي ٿي آھي، جيڪڏهن توھان اجازت ڏيو ته مان اتي وڃي نوڪري ڪيان. تقريبن 50 ھزار تائين پيڪيج آھي.”
“مون کي ڪو اعتراض ڪونھي، پر ھن وقت نوڪري ڪندينءَ ته ماڻھو ڇا چوندا؟” ڀاءُ پريشاني ظاھر ڪندي چيو.
“ڪرڻ ڏينس، طلاق کي مھيني کان ته مٿي ٿي ويو اٿس، ماڻھو ته ھينئر به ڳالھيون ڪن ٿا. سال کانپوءِ به ڪندا… پر جي ھيءَ ھتي رھي ته اسان جوگھر به ڦٽائيندي.” ڀاڄائي چيس.
“ادا، اصل ۾ فون تي انٽرويو ٿي ويو آھي ۽ پھرين تاريخ کان جوائن ڪرڻو آھي. جيڪڏھن مان جلدي وڃي جوائن نه ڪيو ته اھا جاب ھٿن مان ھلي ويندي.”
“پر اتي تون ڪنھن وٽ رھندين اڪيلي ڪيئن ڪندينءَ.”
“حيدرآباد ۾ ڪنھن ورڪنگ وومين ھاسٽل ۾ رھنديس، جيڪڏھن توھان جي اجازت ھجي ته پوءِ مان پنھنجي دوست کي چوان ته آفيس جي ويجھو ڪا ھاسٽل ڏسي.”
“توکي جاب ڪرڻ صحيح ٿو لڳي ته پوءِ منھنجي طرفان موڪل آھي.”
آسيه ماضي ۾ گم ھئي جو تبسم جي ڪمري ۾ اچڻ تي ماضي جي دنيا مان موٽي آئي.
تبسم جي ھڪ ھٿ ۾ پليٽ ھئي جنھن ۾ سينڊوچ ھئا ۽ ٻئي ھٿ ۾ چانھه جو ڪوپ.
“آسيه اٿي ھي سينڊوچ کاءُ ته پوءِ مان توکي دوا کارايان ٿي.”
آسيه اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اٿي ڪانه سگھي. تبسم ميز تي سينڊوچ ۽ چانھه رکي ھن کي اٿارڻ ۾ مدد ڪئي، پر جيئن اٿارڻ لاءِ ھن جي چادر پري ڪئي ته آسيه جو بسترو رتو رت ڏسي ڇرڪي وئي ۽ رڙ ڪندي پڇيائين “ھي ڇا آھي، ڇا ڪيو آھي تو پنھنجو پاڻ سان؟”
آسيه جھيڻي آواز ۾ ڪجھه چوڻ چاھيو، پر ڪجھه ڳالھائي ڪانه سگھي. تبسم بنا دير ايمبولينس لاءِ ڪال ڪئي ۽ ٿوري دير ۾ ھاسٽل جي گيٽ تي ايمبولينس اچي وئي، پر تيستائين آسيه بيھوش ٿي وئي ھئي.
ايمبولينس جي عملي آسيه کي ايمبولينس ۾ چاڙهيو ۽ تبسم به ايمبولينس ۾ چڙھي پئي. ايمبولينس شھر جي روڊن کان ٿيندي اسپتال پھتي. ايمرجنسيءَ ۾ ڊاڪٽر ھن کي آپريشن ٿيٽر وٺي ويا، تبسم بي چينيءَ ۾ آپريشن ٿيٽر جي اڳيان ڦيرا ڏيندي رهي، ايتري ۾ ڊاڪٽر ٻاھر آئي تبسم تڪڙيون وکون کڻندي ڊاڪٽر کان آسيه جو پڇيو.
“اسان گهڻي ڪوشش ڪئي، پر رت گهڻو وهڻ ڪري کيس بچائي ڪونه سگهياسين.” ڊاڪٽر جو اطلاع ٻڌي تبسم سڪتي ۾ اچي وئي ۽ کيس ويساهه ڪين پئي آيو ته ايترو جلدي آسيه دنيا مان ھلي ويندي.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟