مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: سوال پيدا ٿو ٿئي

Shahzad Sahito ايم.اي (انگلش)، ايم.ايس.سي (سماجيات)، ايم.ايڊ (ايجوڪيشن)، پي ايڇ ڊي (شاگرد).

استاد، محقق، ڪهاڻيڪار، ترجمه نگار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

معزز خواتين ۽ معزز حضرات، ذليل عورتو ۽ ذليل مردؤ، باادب باملاحظه هوشيار!… توهان سڀني کي اتي جو اتي آگاهي ٿي ڏجي ته هڪ سوال پيدا ٿي رهيو آهي. آدم جي خلقت کان وٺي هن وقت تائين ايترا سوال پيدا ٿي چڪا آهن، جيترا آسمان ۾ تارا آهن، پر پوءِ به هر روز سوال پيدا ٿيندا ئي وڃن ٿا. ڪوبه اٿي يا ويهي اهو نٿو چئي ته هاڻي وڌيڪ سوال پيدا ٿيڻ نه گهرجن.
آبادي گھٽائڻ لاءِ الله تعاليٰ زلزلا پيدا ڪندو آهي، لڙائيون پيدا ڪندو آهي، ڏڪر پيدا ڪندو آهي، پاڪستان ۽ سڄو سارو هندوستان پيدا ڪندو آهي، ڄم جي بندش لاءِ انسان کي نوان نوان طريقا سيکاريندو آهي، پر هو سوالن جي جوڙ ۽ ضرب جي طرف ڌيان نٿو ڏئي.
سوال هر جڳھه تي پيدا ٿي سگھي ٿو، ان کي خاص موسم، خاص مٽيءَ، خاص پاڻيءَ، خاص ڀاڻ، هر ۽ ٽريڪٽر جي ڪابه ضرورت ناهي. ٻار نون مهينن کانپوءِ پيدا ٿيندو آهي، پر سوال حمل ٿيڻ سان ئي پيدا ٿي ويندو آهي. ان کي دائپي جي ضرورت ناهي، ويم گھر جي ضرورت ناهي، ڪلورو فارم جي ضرورت ناهي، بنا سوچڻ سمجھڻ، بنا موقعي جي ھڪدم پيدا ٿي ويندو آهي.
عدالت ۾ مئجسٽريٽ حقو پي رهيو آهي، گڏوگڏ چرڪين (سيد باقر علي چرڪين) جي ديوان جو مطالعو ڪري رهيو آهي. ڪو سوال پيدا نٿو ٿئي، مجرم پيش ٿو ٿئي، هو مئجسٽريٽ صاحب کي سلام نٿو ڪري فورن توهين عدالت جو سوال پيدا ٿو ٿئي.
توهان کي ڪو ڪم نٿو مِلي، ٻه سال دربدر ٿيڻ ۽ بکون ڪاٽڻ کانپوءِ توهان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بدقسمتيءَ سان ناڪام رهيا. قانوني سوال پيدا ٿو ٿئي ته توهان کي خودڪشي ڪرڻ جي ڏوھه ۾ سزا ڇو نه ڏني وڃي. ميونسپلٽيءَ ڏھه ميل ڊگھو رستو ٺاهيو، صفائي جي حوالي سان انهن ڏهن ميلن ۾ ڪوبه ڪاڪوس نه ٺهرايو، هڪ ڏينهن مثاني اوهان کي مجبور ڪيو، ان کي هلڪو ڪرڻ لاءِ توهان ڀت جي آڙ ۾ ويٺا ئي مس ته پوليس جي سپاهيءَ توهان کي ڏسي ورتو… اڻ وڻندڙ حرڪت جو سوال پيدا ٿي ويو.
توهان مقامي مهاجر آهيو. توهان جي هڪ پريس راولپنڊيءَ ۾ هلي رهي آهي، ٻي پشاور ۾، توهان جي رهائش لاهور ۾ آهي، توهان درخواست ٿا ڏيو ۽ هڪ وڌيڪ پريس لاهور ۾ الاٽ ڪرائي ٿا وٺو ڪوبه سوال پيدا نٿو ٿئي.
توهان مهاجر آهيو، جتان آيا آهيو، اتي هڪ تمام وڏي پريس جا مالڪ هئا. لاهور ۾ توهان کي ڪا به پريس نٿي ملي، تنگ ٿي توهان شڪايت ٿا ڪريو ته فلاڻي مقامي مهاجر کي پريس الاٽ نه ڪرڻ کپندي هئي. سوال پيدا ٿي ويندو ته مقامي مهاجر توهان کان وڌيڪ اهل آهي. ان کي ٻن پريسن جي هلائڻ جو مهارتي تجربو آهي. توهان جي گھر ۾ هڪ مهيني جي اندر ٻه دفعا چوري ٿي وڃي ٿي. توهان ان ڪري پوليس کي اطلاع نٿا ڏيو ته ان کي اجائي تڪليف ٿيندي، پر پوليس کي خبر پئجي ٿي وڃي… اهو سوال پيدا ٿي ويندو ته توهان اهم ترين فرض ۾ ڪوتاهي ڇو ڪئي؟ سوال بي شمار پيدا ٿي چڪا آهن ۽ ٿيندا رهندا. پوئين صديءَ ۾ جيڪو سڀ کان خوفناڪ سوال هر روز پيدا ٿيندو هو، سو سائين بادشاھه سلامت جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو هو. تنهنڪري ان سئو سالن جي تاريخ جي ورقن کي اٿلايو وڃي ته تقريبن هر صفحي تي ان سوال جي ڳَٽ ۾ توهان کي ڪيترن ئي ماڻهن جون ڳچيون ڦاٿل نظر اينديون.
ڪنهن آهستي چئي ڇڏيو، “اسان جي جھالت اسان جي غربت، اسان جي غلاظت جو سبب صرف غلامي آهي.” ھڪدم بادشاھ سلامت جي تختي اونڌي ڪرڻ جو سوال پيدا ٿي ويو ۽ سوريءَ تائين وٺي ويو.
امرتسر جي جڻيانوالا باغ ۾ عوام گڏجي آزاديءَ جي گھر ڪرڻ لاءِ جلسو ڪيو. سائين بادشاھه سلامت جي تختي اونڌي ٿيڻ جو سوال پيدا ٿي ويو ۽ هزارن جي موت جو سبب بڻيو.
سوال عام طور تي خطرناڪ ٿيندا آهن، اهي سوال به جيڪي حاڪمن جي دماغ ۾ پيدا ٿين ۽ جيڪي محڪومن جي دماغ ۾ پيدا ٿين سي به، حڪومت جي دماغ ۾ عام طور تي هڪ ئي سوال پيدا ٿيندو آهي، جنهن جا بيشمار قسم ٿي سگھن ٿا، پر سوال ساڳيو ئي هوندو آهي ته اهڙا ڪهڙا قانون ڪتب آندا وڃن، جنهن سان عوام جي ذهنن ۾ حڪومت جي باري ۾ پيدا ٿيل سوال دٻجي وڃن؟
سوال پيدا ٿيندو آهي ته ائين ڪرڻ سان ڇا عوام جي ذهنن ۾ حڪومت جي متعلق پيدا ٿيل سوال دٻجي وڃن ٿا؟… تجربا شاهد آهن، تاريخ گواھه آهي، قائدا ۽ قانون اهڙا نتيجا پيدا ڪرڻ ۾ آخرڪار ناڪام ڇو رهيا آهن؟ ڏسو وري سوال پيدا ٿي ويو.
ضروري ناهي ته هر سوال جو جواب هجي، سوال ته هي آهي ته ڪهڙي مصلحت آهي؟… جيڪڏهن مصلحت خاموشيءَ ۾ آهي ته جيڪي ماڻهو ذهين آهن، جن کي عام زبان ۾ سياستدان چوندا آهن، يقينن خاموشي ئي اختيار ڪندا، پر سوال پيدا ٿو ٿئي ته اها خاموشي ٻين جي ذهنن ۾ گفتگوءَ جي صورت اختيار نه ڪندي؟… پر سوال هي آهي ته انهن ماڻهن جو خاتمو ئي ڇو نه ڪيو وڃي، جن جي زرخيز دماغ ۾ سياستدانن جي خاموشي، گفتگوءَ جي صورت اختيار ڪري ٿي وٺي، پر هڪ سوال وري پيدا ٿي پوندو ته اهڙن ماڻهن جو خاتمو، جنهن کي انگريزي جي سادن لفظن ۾ “پَرج” مطلب جلاب چيو ويندو آهي، ڇا ٻين ماڻهن جي ذهنن تي قابض ٿي ويندو ۽ انهن ۾ ان جلاب جو ڪو به رد عمل پيدا ٿيڻ نه ڏيندو.
هڪ انسان يا هڪ جماعت، هڪ قوم گھڻين قومن تي حڪومت ڪندي آهي، سمجھه ۾ نٿو اچي ته محڪومن جي ذهنن ۾ سوال ڇو ٿا پيدا ٿين. سڌي ڳالھه آهي ته صرف ان اڪيلي فرد يا ان جماعت جي دل چوندي آهي ته حڪومت ڪري ۽ حڪومت ڪرڻ لاءِ قانون ۽ ضابطا ڪهڙا مقرر آهن. پوءِ انهن ماڻهن جي دماغ ۾ اهڙا سوال ڇو ٿا پيدا ٿين، جن تي سندن ئي بهتريءَ لاءِ حڪومت ڪئي ٿي وڃي، جن سان انهن جي فائدو ڏيندڙ غلاميءَ ۾ خلل پيدا ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي.
فرانسيسي مفڪر جين جيڪس روسو جي دماغ ۾ سوال پيدا ٿيو هو ته انسان جڏهن ته آزاد پيدا ٿيو آهي ته پوءِ هن کي زنجيرن ۾ ڇو جڪڙيو ويندو آهي… پر ان سوال جو ڇا حشر ٿيو؟ زنجيرون ڪٽيندي ڪٽيندي ڪيترائي انسان ڪٽجي ويا… سوال پيدا ٿو ٿئي ته ڇا اهڙو انقلاب جائز آهي؟ روس ۾ ڇا ٿيو؟… صدين جا غلام آزاديءَ جو سوال کڻي اٿيا ۽ نتيجو ڇا نڪتو… ان جي بي لغام بادشاھه زار کي وڏي عرصي تائين سائبيريا جي سرد هوائن ۾ مزدورن وانگر ڪم ڪرڻو پيو. آخر ۾ انقلابين خدا جي ان سايي کي هميشه لاءِ مٽائي ڇڏيو. زار جي اها حالت ڏسي شايد ئي ڪو اهڙو بادشاھه هجي، جنهن جي اکين ۾ ڳوڙها نه آيا هجن.
سوال پيدا ٿو ٿئي ته عوام کي ڪهڙو حق آهي ته هو پنهنجي بادشاھه سلامت کي، عالم پناھه کي صرف هڪ ننڍي سوال پيدا ٿيڻ ڪري قربان ڪري ڇڏي، پر ڇا ڪجي، سوال وڏا هجن يا ننڍا، ٿلھا هجن يا سنها، بنا سوچڻ سمجھڻ جي، انجام جو خيال ڪرڻ کانسواءِ، سزا کان بي پرواھ، بس پيدا ٿي ويندا آهن.
بزرگن جو چوڻ آهي ته جيڪي سوال دماغ ۾ پيدا ٿيندا آهن، انهن جو حل دماغ جي ذريعي ئي نڪري سگھي ٿو، پر اهي سوال جيڪي پيٽ جي اندر پيدا ٿيندا آهن، انهن جو حل بلڪل ناهي. مثال طور: ڪنهن شخص جي پيٽ ۾ بک جو سوال پيدا ٿو ٿئي، جيڪڏهن ان جي جواب ۾ توهان همدرديءَ جو اظهار ڪندؤ، اچڻ واري پرسڪون وقت جو واعدو ڪريو، جنت جي جھلڪ ڏيکاريو، جتي انگور جا داڻا خود ئي پنهنجو رس توهان جي وات ۾ اوتيندا رهندا ته ظاهر آهي ته توهان جي ڪوشش ڪار آمد ثابت نه ٿيندي. ڇو ته پيٽ جو سوال تڪڙو جواب گھرندو آهي. ان کي مانيءَ جي ضرورت هوندي آهي، پر سوال پيدا ٿيندو آهي ته جڏهن ته هيءَ هڪ مڃيل ۽ تسليم ٿيل حقيقت آهي، پوءِ ڇو پيٽ جي سوال جو حل مانيءَ جي بدران مار سان ڪڍيو ويندو آهي، پر پوءِ وري هي به ته سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ائين نه ڪيو وڃي ته دنيا ۾ هر جاءِ تي هنگامو مچي ويندو.
ڪجھه سوال اهڙا ته بي قابو هوندا آهن، ڪجھه اهڙي اڻ وڻندڙ نموني پيدا ٿيندا آهن، جو ماڻهو سوچيندو ئي رهي ٿو.
ڪجھه ڏينهن ٿيا آهن، مان هڪ حجام جي دڪان تان ڏاڙهي ٺهرائي رهيو هئس. ڏاڙهي ٺاهيندي ٺاهيندي هڪدم حجم جي دماغ ۾ هڪ سوال پيدا ٿيو، “سائين! گانڌي صاحب پاڻ ڏاڙهي ٺاهيندو هو يا ڪنهن ٻئي کان ٺهرائيندو هو؟…” ٻڌايو، مان ڪهڙو جواب ڏيان ها، پر سوال ته پيدا ٿئي ٿو. ڇا منهنجو اعتراض بلڪل فضول نه هجي ها، جيڪڏهن مان هن کي چوان ها “هي ڪهڙو اجايو سوال تنهنجي ذهن ۾ پيدا ٿيو آهي؟”
ماڻهو حجم هجي يا موچي، چمڙي رنڱڻ وارو هجي يا ڀنگي، لک پتي هجي يا سُنڃو، سندس دماغ ۾ هي سوال ضرور پيدا ٿيندا ۽ هينئر تائين ڪو اهڙو طريقو هٿ ناهي ٿي سگھيو، جنهن جي ذريعي انهن جي ڄمڻ تي ضابطو آڻي سگھجي.
ڪالھه ويٺي ويٺي، نه پر بيٺي بيٺي منهنجي دماغ ۾ هي سوال پيدا ٿيو “جڏهن نيستي وجود ۾ آئي ته ڇا نيستيءَ کي ڪو لطف آيو هو؟”
وڏن کي ڇڏيو، ڪڏهن ڪڏهن ننڍن ٻارن جي دماغ ۾ به اهڙا عجيب ۽ غريب سوال پيدا ٿيندا آهن ته جواب ڏيڻ وارو پريشان ٿيڻ ۽ شرمائڻ لڳندو آهي. مثال طور: “امان! مان ڪٿان آيو آهيان” يا… “بابا ڇا ڪبوتريون ڪبوترن کان زور ڏيارينديون آهن.”
ٻه ٻار هئا، جڏهن انهن گھر جي ڪمري جي وٿيءَ مان اندر ليئو پائي ڏٺو ته سندن دماغ ۾ اهو گستاخ سوال پيدا ٿيو، “اسان کي ته چون ٿا پيرين اگھاڙا نه گھمندا ڪريو ۽ …”
اڪثر هڪ ئي سوال هڪ ئي وقت ۾ هزارين ماڻهن جي دماغ ۾ پيدا ٿي ويندو آهي، مثال طور: اڄڪلھه لکين ماڻهن جي زبان تي هي سوال آهي، اها وزارت جيڪا مغربي پنجاب تي حڪومت ڪري ٿي وزارت آهي يا شرارت؟… جيڪي عام طور تي جاهل آهن انهن جي دماغ ۾ به اهوئي سوال ان شڪل ۾ پيدا ٿيندو آهي، “غريبن جي خبر رکڻ وارا ڪٿي آهن…” هاڻي انهن جاهلن کي ڪير چوي ته اهي اتي آهن، جتان انهن کي پنهنجي خبر به نه ملندي آهي. (وه وهان نهين جهان سي ان ڪو ڀي آپ اپني خبر نهي آتي).
ٻيو ٻڌو انهيءَ قسم جي هڪ جاهل شخص جي دماغ ۾ هي سوال پيدا ٿيو، “نواب دولتانا… نواب ممڊوٽ… هي ڪهڙو نوابي ٺاٺ آهي؟”
ڪجھه ڏينهن ٿيا آهن، هڪ ٻار پنهنجي پيءُ کان پڇي رهيو هو، “بابا! ممڊوٽ ۽ اخروٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟”
سوال پيدا ٿو ٿئي ته اهڙن بداخلاق ٻارن کي گھٽو ڏيڻ گھرجي، پر مشڪل اها آهي ته ائين ڪرڻ سان ڪو ٻيو سوال پيدا ٿي پوندو.
اڄڪلھه پاڪستان ۾ هيٺين سوالن جي پيدائش عام آهي.
1. عورت کي پردو ڪرڻ گھرجي يا نه؟
2. جيڪڏهن پردو ضروري آهي ته ڇا نرسن کي برقعو پائي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ گھرجن؟
3. عورت کي ٻه چوٽيون ٺاهڻ گھرجن يا صرف هڪ؟
4. ڇا عورت جو زمين تي زور سان وک کڻي هلڻ جائز آهي؟
5. عورت سلوار پائي گھوڙي سواري ڪري يا ساڙهي پائي؟
عورت جي ئي سلسلي ۾ هڪ ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو… جڏهن هڪ ڏاڙهيءَ واري عورت هڪ مولويءَ کان پڇيو هو، “منهنجي باري ۾ ڪهڙا حڪم آهن، ڇا مون کي ڏاڙهي رکڻ گھرجي؟ جيڪڏهن جواب ها آهي ته پوءِ ٻڌايو ته ڪيتري ڊگھي… ۽ شهپرن جي باري ڇا حڪم آهي، ڪٽرائڻ گھرجن يا نه؟
هڪ سوال، جيڪو هر هر پيدا ٿي اسان جي رهنمائن کي تنگ ڪري رهيو آهي، انهن پنجاھه هزار عورتن جو ڇا ٿيو، جيڪي هُن پاسي (هندوستان ۾) رهجي ويون ۽ ٻين جي استعمال ۾ آهن. نون مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي، انهن کي سندن حل سوچيندي ۽ هاڻي اها مشڪل آهي ته انهن پنجاھه هزار عورتن جي سوال سان گڏ پنجاھه هزار ٻيا ننڍا ننڍا سوال پيدا ٿي ويندا ۽ اهو ممڪن آهي ته ڏھه ويھه هزار پيدا به ٿي چڪا هوندا… لعنت وجھو انهن تي، هتي هڪ ٻيو سوال پيدا ٿي رهيو آهي.
معزز خواتين ۽ حضرات، ذليل عورتو ۽ مردؤ… جيڪو سوال پيدا ٿي رهيو هو، اھو پيدا ٿيندي ئي مري ويو… سوال مري ويو… سوال زنده آباد…!!
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو