ڪهاڻي: وڃايل وجود
اُونداهي اماوس رات جا ٻارهن پئي ٿيا.
مان لينار هاسپيٽل ۾ ڊاڪٽر سلطان صديقيءَ جي آفيس ۾ ويٺو هُيس. ڊاڪٽر منهنجي مامي جون رپورٽون ڏسي ڪنڌ هيٺ ڪيو. نيٺ ڊاڪٽر ڪنڌ مٿي کنيو. هن جي منهن ۾ اداسيءَ جا پاڇا ڌنڌلا ڌنڌلا نظر اچي رهيا هئا. هن پنهنجي چپن تي پينِ رکي مون ڏانهن ڦِڪي کِلَ کِلي ڏٺو. هن بي ترتيب جملو جوڙيندي چيو.
“پريشان ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه ڪونهي. توهان جو مامو ٺيڪ ٿي ويندو. هن کي برين ٽيومر آهي، پر هو جلد صحتياب ٿي ويندو.”
مان ڊاڪٽر جي چيل بي ترتيب جملي تي پريشان ٿي ويس. گهٻرائجي ويس. ڊڄي ويس. ڪٿي…
ڊاڪٽر مون ڏانهن نِهاري چيو، “مڙس ٿيءُ! ڏسڻ ۾ ته ڪهڙو جوان ٿو لڳين، گهٻرائين ٿو.”
مان مرڪڻ چاهيو، پر اندر ۾ موجود انومانن مون کي کلڻ نه ڏنو. مان ڊاڪٽر کان رپورٽون کڻي لاڙڪاڻي شهر جي وچ مان وهندڙ رائيس ڪئنال تي پنهنجي مهراڻ ڪار تي هلندو رهيس. سياري جي ڪاري رات هئي رستي تي ڪو ماڻهو به ڪونه پئي نظر آيو . مَحِفل هوٽل ڪراس ڪري آرِ. ٽِي هوٽل جي ٻاهران ٻرندڙ تيز ايل اِي ڊي بلبن جي روشني به مون کي ميرانجهڙي لڳي رهي هئي. چانڊڪا پُلِ ڪراس ڪرڻ وقت مون کي رائس ڪئنال مان گٽرن جي گندي پاڻيءَ جي ڌپ به محسوس نه ٿي رهي هئي، مان پاڻ کي ڪنهن اونهي ڌُمڻ ۾ ڦاٿل محسوس ڪيو.
اها سياري جي رات هئي، لاڙڪاڻي ۾ ٿڌ هجي يا گرمي، پر پوندي چِٽي آهي. يعني توهان کي لاڙڪاڻي جي گرميءَ ۽ ٿڌ ۾ فرق بلڪل صاف نظر ايندو. گرمي ٿئي ته جسم مان پگهر پالوٽ ڪري وهندا. وري جيڪڏهن ٿڌ پوي ته لڱن ۾ ڏڪڻيءَ جو ڏهڪاءُ هوندو. مان قائم شاهه بخاريءَ وٽ گاڏي روڪي ماما لاءِ دعا گهري. دعا ۾ به مون محسوس ڪيو ته هيءَ رات وڏي ڳوري آهي.. شال ماما رات ڪڍي وڃي..! والي بال راند وانگر گيمِ بال (گيمبال) ٿيڻ کانپوءِ وري تيرهن تيرهن ٿي وڃي. وري راند کٽڻ جو ڪو آسرو ٿئي.
مان ڀِنل نيڻن، نااميدي ۽ ٿڪل قدمن سان غالب نگر ۾ موجود گهرِ واپس آيس. مان سڌو ماما جي ڪمري ۾ ويس. جتي هو ڪينسر جهڙي موذي مرض سان زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو هو. هو ڏٻل، ڪمزور ۽ هيڻو ٿي ويو هو. هو لُڇي رهيو هو. هن جي دماغ جي ڦرهيَ ۾ ڪيترائي رازَ لڪل هئا.
مان ماما جي پلنگ جي ڀرسان رکيل ڪرسيءَ تي ويهي هن کي ٽِڪ ٻَڌي گهوريندو رهيس. مان سوچيندو رهيس شايد سڀاڻي مان ماما سان ڳالهائي نه سگهان. شايد مان هن کي ڏسي نه سگهان. شايد مان هن کي ڇهي نه سگهان. شايد هن سان مان ٻيهار ڪچهري نه ڪري سگهان. شايد ڪو سور نه سلي سگهان. ٿي سگهي ٿو هو اسر ويل ئي هڪ اڻڄاتل ۽ اڻ ڏٺل منزل ڏانهن هليو وڃي.
مان ماما ڏي تَڪيندو رهيس. هاڻي هن جي اسٽيل باڊي ۽ ڦڙتيلي جسم ۾ ڪابه ڦڙتي نه رهي هئي. مان هن کي لاڙڪاڻي جي والي بال جي گرائونڊن تي والي بال کيڏندي ڏٺو هو. هو شاھ لطيف ٽيم جي طرفان کيڏندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هارايل مئچ به اڪيلي سر کٽي ويندو هو. هو سينٽر جو رانديگر هو. هو جڏهن بال کي ڌڪُ هڻندو هو ته بال چِٻو ٿي لنوندو ويندو هو. هڪ مئچ ۾ ته هن جي ٽيم جي رانديگرن جي راند هلي ئي نه پئي. ان راند ۾ هو اڪيلي سر کيڏندو رهيو. اها راند ايتري ته ڊگهي ٿي وئي جو پندرهن ڀيرا گيمبال تان موٽي تيرهن تيرهن ٿي. سج لهي ويو، اوندهه ٿي وئي پر اها مئچ نه نِبري نه نبري سگهي ..! ٻاهر شوقينن جا هر گيمبال ٿيڻ کانپوءِ هوڪرا هئا.
مان هن کي پلنگ تي لُڇندي ڏسي ڪنبي رهيو هئس. ڇو جو هن کي برين ٽيومر ٿي هئي. هو منهنجي لاءِ آئڊيل شخص هو. هو منهنجي لاءِ سورمو هو. اهڙو سورمو جنهن ڪڏهن به کٽيو ڪونه هو، پر هارائي به کٽي ويندو هو. هو هارائيل سپاهي هوندي به منهن ۾ فاتحانه مرڪ سان جيئندو هو. اسان جي سموري ڪٽنب ڪهول، مٽن مائٽن ۽ دوستن ٻوستن اهو يڪراءِ خَيال جوڙيو هو ته مان هڪ ناڪام ماڻهوءَ کي پنهنجو آئيڊيل بڻايو آهي. تنهن جي ڪري منهنجي زندگيءَ ۾ به صرف اڪيلائي ۽ ناڪامي پلئي پوندي. هڪ ڏينهن مان به ايئن ئي اڪيلو ٿي چُڙي چُڙي مري کپي ويندس. هو ماڻهن جي نظر ۾ ناڪام هو. حالانڪه هو وڏو ڪامياب ماڻهو هو. هن وٽ هر انسان لاءِ بنا ڪنهن رنگ نسل ذات پات جي ڏسڻ لاءِ هڪ اک هئي. هو هر انسان کي بنا ڪنهن تِرَ جي فرق جي هڪ جهڙو سمجهندو هو.
ماما کي پلنگ تي ٽِڪ ٻڌي ڏسڻ مهل مون کي اهو ڏينهن ياد آيو، جڏهن مان ماما سان المنطر تي سنڌوءَ جا منظر ڏٺا هئا. ماما پاڪستان پاپوليشن ويلفيئر کاتي مان رٽائر ٿيو هو ته هن هڪ فليٽ واڌو واهه حيدرآباد ۾ ورتو هو. حيدرآباد ۾ فليٽ وٺڻ هن جي زندگيءَ جي ڪيترن ئي خوابن مان هڪ خواب هو. هن کي حيدرآباد جي هوائن سان بي پناهه پيار هو. جيڪو رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ساڀيان ٿيو هو. مان جڏهن به حيدرآباد ويندو هيس ته هو مون کي المنظر تي وٺي ويندو هو. المنظر تي هو پلي جي موسم ۾ سدائين مون کي پَلو کارائيندو هو. آخري ڀيرو جڏهن المنطر تي اسان پلو کائي رهيا هئاسين ته هڪ فقيرياڻيءَ ماني کارائڻ جي سدا هئنين هئي. ماما سڄو پلو هن فقيرياڻيءَ کي ڏئي ڇڏيو. پاڻ وري سلاد سان ماني کائي اٿيا هئاسين. ماما وڏو سخي مرد ھو ڇو ته هن جي رڳن ۾ ڄام سپڙ ۽ جادم جکري جو جِينِ هو. هو ايترو سخي هو جو نوڪريءَ دوران هڪ دفعو نئون ڪوٽ پنهنجي آفيس جي پٽيوالي کي به ڏئي ڇڏيو هئائين. ان رات اسان المنظر وٽان درياءَ جي ڪناري تي ڪيترو ئي مفاصلو هلندا رهيا هئاسين. چانڊوڪيءَ واري رات هئي. درياءَ جي پاڻيءَ ۾ چانديءَ وارا چمڪا نظر پئي آيا. هلندي هلندي مون ماما کان پڇيو هو “ماما ڀلا اسان جو هي ملڪ ترقي ڇو ڪونه ٿو ڪري؟” جنهن تي هو خاموش ٿي ويو هو. هو ايئن خاموش ٿي ويو هو جيئن لکين سال گذرڻ کانپوءِ ڪارونجهر اڄ به خاموش آهي. جيئن ڪارونجهر خاموش ۽ اوچو آهي ايئن ماما به خاموش ۽ اوچو آهي.
منهنجو مامو ڪتابن جو مطالعو جام ڪندو هو. ڪتاب خاص ڪري تاريخ جا پڙهندو هو. هن ملڪ ٺهڻ کان اڳ واري لکيل تاريخ تي ڏهه سيڪڙو يقين ڪندو هو. ملڪ ٺهڻ کانپوءِ هن ملڪ بابت لکيل ڪتابن تي هڪ سيڪڙو يقين رکندو هو. ان هڪ سيڪڙو صحيح تاريخ کي به هو ڪنهن رٿابندي طور پروجيڪٽ ٿيل سمجهندو هو. هو سياست سان نفرت ڪندو هو. نانو ۽ ناني چوندا هئا ته هن ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران قومي هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. پوءِ قومي هلچل ۾ پروجيڪٽ ٿي سياستدانن کان بدِدل ٿي سياست کان ڪنارا ڪشي ڪئي هئائين. سياست کي هو “سياست” سمجهندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن مان دل ئي دل ۾ سوچيندو هئس ته ماما شادي ڇو ڪونه ڪئي؟ اهو سوال ماما کان پڇڻ جو به خيال ايندو هو، پر ڪڏهن به اهو سوال پڇڻ جي جرئت نه ڪري سگهيس. وڏن کان ٻڌو هئم ته پاپوليشن ويلفيئر کاتي ۾ نوڪري ملڻ کان اڳ ۾ هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پاڪ اسٽڊي جو ليڪچرار هو، جتي هو وڏي دلچسپي سان شاگردن کي سَچُ اسٽڊي ۽ سنڌ اسٽڊي پڙهائيندو هو، جتي هو پوري ڪوشش ڪندو هو ته هن ملڪ جي شاگردن کي، مستقبل جي معمارن کي صحيح ڄاڻ سان روشناس ڪرائي ته هي ملڪ ڇو ڪونه ٿو ترقي ڪري. يونيورسٽي ۾ هو پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي اسٽوڊنٽ افيئرس جو انچارج به هو. هو شام جو شاگردن سان گڏ والي بال به کيڏندو هو، جتي هن والي بال جا بهترين رانديگر پيدا ڪيا، جتي هن شاگردن کي قائل ڪيو ته جيڪڏهن توهان جستجو ۽ لگن سان راند کيڏندو ته گيمبال (گيمِ بال) کانپوءِ وري تيرهن تيرهن به ٿي سگهن ٿا. يعني توهان جو ٻيو جنم به ٿي سگهي ٿو. توهان جو ٻيو وجود به ٿي سگهي. توهان جنهن ڏينهن هيڻا ٿيو، بي هٿيار ٿيو ۽ نااميد ٿيو ته پوءِ اهو توهان جو آخري وجود هوندو. هو وجود جي فلسفي تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي پنهنجي وجود کي وڃائي ڇڏيندو هو. نه صرف راند جي ميدان ۾ پر هو شاگردن سان هر ايڪٽوٽيءَ ۾ گڏگڏ هوندو هو. قومي هلچل ۾ ڪم ڪندڙ شاگرد اڳواڻن سان جيلن تائين به هليو ويندو هو. نوڪريءَ جي ڪابه پرواهه نه ڪندو هو. چوندو هو جيڪڏهن نوڪريءَ مان لاهي به ڇڏين ته پوءِ کڻي لاڙڪاڻي ۾ غالب نگر ۾ بابا وارو هٽُ هلائي به گذر سفر ڪبو، پر شاگردن جو ساٿ نه ڇڏبو.
هن جي شاگردن ۾ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ رهندڙ سحر هاشمي به هئي. هوءَ نهايت ئي سهڻي، سلڇڻي ۽ سٻاجھڙي ڇوڪري هئي. هوءَ ڪلاس ۾ ماما کي پئي گھوريندي هئي. هڪ ڏينهن جڏهن ماما شاگردن کي والي بال راند جا گُرَ سيکاري رهيو هو ته هوءَ هن وٽ آئي. سر مون کي ٻه منٽ ته ڏيو ڪم آهي. هن ماما کي چيو توهان مون کي سٺا ٿا لڳو. توهان جي ۽ منهنجي عمر ۾ به ڪو ايڏو وڏو فرق ڪونهي. توهان مون کان اٺ يا ڏهه سال اڳ ڄاوا هوندا ۽ مان توهان کان اٺ يا ڏهه سال پوءِ پيدا ٿي آهيان. بس ايترو ئي ته فرق آهي.
پوءِ پروجيڪٽ ٿيل شاگرد يونين جي اڳواڻن هڪ ڀونچال کڙو ڪيو. هنن ڳالهه مان کڻي ڳالهوڙو بڻايو. تان جو وڃي ڳالهه اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻي. ننڍڙي ڳالهه کي لِساني رنگ ڏنو ويو. ماما جي ساک ڏاڍي متاثر ٿي ۽ دل کي وَڏو ڌَڪ لڳو. ماما يونيورسٽيءَ جي نوڪري ڇڏي وڃي پاپوليشن ويلفيئر جو کاتو جوائن ڪيو. اهو کاتو جيڪو اڃان تائين پاپوليشن جي ويلفيئر ناهي ڪري سگهيو.
جنهن ڏينهن ماما يونيورسٽي ڇڏي هئي ان ڏينهن سحر هاشمي هن سان ملڻ آئي هئي. هن جي اکين مان ڳوڙها ايئن وهي رهيا هئا جيئن ٿر ۾ سانوڻيءَ جو ڪو مينهن وسي رهيو هجي. هنن هڪ ٻئي کان اهو چئي موڪلايو ته زندگيءَ ساٿ ڏنو ته ٻيهار ضرور ملنداسين ڏور ڪنهن ستاري تي جتي صرف انسان رهندا هوندا بنا ڪنهن رنگ نسل جي!
مان ڪرسيءَ تي ئي ويٺو هئس ته مون کي پنڪي اچي وئي. ڇا ڏسان ته مان ماما سان گڏ المنطر سئنيما مان فلم ڏسي نڪتو آهيان. سئنيما مان فلم ڏسي اسان ٻئي اسٽيشن روڊ تي پنڌ هلي رهيا آهيون. هن وقت ته لاڙڪاڻي جو اسٽيشن روڊ مختلف برانڊن جو روڊ ٿي ويو آهي. جنهن تي هڪ پاسي ڊائنرس، آئڊياز، جي ڊاٽ ايڪسپو ته ٻئي پاسي ڪي ايف سي ۽ ڪباب جِي آهن. ان کان علاوه بوٽن جا برانڊيڊ شاپس ۽ لاڙڪاڻو هوٽل به آهي. سِٽي بيڪري، سن رائز بيڪري ۽ ڊالفن بيڪري الڳ آهن. تنهن وقت رابيل بُڪ اسٽور، مهراڻ هوٽل ۽ سانگي هوٽل هن روڊ جي مشهور سڃاڻپ هيون. اسٽيشن روڊ تي هلندي مڱيرن واري کان مڱيرا وٺي فلم تي تبصرو به ڪري رهيا هئاسين ته مڱيرا به کائي رهيا هئاسين. ٿورو اڳتي وڌياسين جتي هاڻي ڪي. ايف. سي آهي اتي پهتاسين ته چور چور جو آواز آيو. ڇا ڏسون ته ماما جي دوست جُمن کان ٻه چاقون چور پئسا ڦري رهيا آهن. ماما پنهنجي دوست کي ڦرجندي ڏسي جذباتي ٿي ويو. هو انهن چورن سان وڏي دليري ۽ بهادريءَ سان وڙهيو. چورن کي چاقون هئا ۽ ماما هٿين خالي. هنن ماما کي چاقون سان زخمي ڪري وڌو، پر هو تيستائين هنن سان وڙهندو رهيو جيستائين چورن پيرن تي زور ڏئي ڀڄي جان نه ڇڏائي. مان ماما کي پھريون دفعو ايڏي دليري سان وڙهندي ڏٺو هو. نه ته هن بابت وڏن کان ڳالهيون ٻُڌيون هيون ته هو اسي واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي ۾ هٿ سان پروجيڪٽ ٿيل سنڌي ۽ مهاجر جهيڙي دوران پنهنجي يار جمشيد نقويءَ جي غالب نگر واري گهر تي لٺ کڻي راتين جون راتيون چوڪي ڏيندو رهيو هو. پوءِ جڏهن جمشيد نقوي سائوٿ آفريقا لڏي ويو. ماما هن جي لڏي وڃڻ تي زارو قطار روئندو رهيو هو.
هو چورن سان وڙهندي سخت زخمي ٿي پيو. جسماني زخم ته هن جي لاءِ ڪجهه به نه هئا. اصل زخم ته هن جي اندر ۾ هئا جيڪي لوڪ جي نظر کان ڪوهين ڏور هئا. هو ڪيترائي ڏينهن زخمن جي ٽهل ٽڪور ڪندو رهيو.
هو جڏهن صحت مند هو. اڃان هن موذي مرض جي ڪري غشن ۾ نه ويو هو. تڏهن هن مون کي چيو هو ته تون به هاڻي هيڏو اُٺُ اچي ٿيو آهين، سو شادي ڪري ڇڏ! هن مون کي اهو پھريون دفعو چيو هو ته مان شادي ڪيان. هن مون کي اهو به چيو هو ته تنهنجي ماءُ چوندي آهي ته تون مون تي ويو آهين. ان وقت مان به ماما کي چيو هو ته واقعي مان به توهان تي ئي ويو آهيان. پگهار جا اڌ پئسا مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو آهيان. ڪجهه وري اداري ۾ گڏ ڪم ڪندڙ پٽيوالن جي ٻارن کي اسڪولي يونيفارم ۽ ڪتاب قلم وٺي ڏئي کپائي ڇڏيندو آهيان، باقي جيڪي بچيا انهن مان ڪڏهن ڀاڄي وٺي ته ڪڏهن بصر سان ماني کائي گذارو ڪندو آهيان.
مان ڪرسيءَ تان هڪ وار وري ماما ڏانهن ڏٺو ته هو لُڇي پُڇي رهيو هو. مون کي ايئن لڳو ته موت اڄ هن جي ڪمري ۾ داخل ٿي ويو آهي. مان موت بابت سوچيندو رهيس ته آخر موت ڇا آهي؟ ڇا موت زندگيءَ جو اختتام آهي؟ يا موت هڪ نئين زندگيءَ جي ابتدا آهي. مان موت ۽ زندگيءَ جي اڻ تڻ ۾ ڦاٿل هئس ته گهر جو دروازو کڙڪيو..
مان دروازو کوليو ته ڏسان هڪ پڪي عمر جي، پر خوبصورت عورت دروازي جي ٻاهران بيٺي آهي. مان اڃان هن کان پڇڻ وارو ئي هئس ته هوءَ ڪير آهي ته هن پهريان ڳالهايو “هي گهر سر احمد جو آهي؟”
مان چيو جي.. “هي گهر احمد جو ئي آهي.”
ڇا توهان سر جا پٽ آهيو؟ هن مون کي چتائي ڏِسي ڳالهايو!
جي ها! مان هن جو ڀاڻيجو آهيان، پر مون کي ڀائيندو پٽن وانگر ئي آهي.
اڇا…. توهان سر احمد جا ڀاڻيجا آهيو.. مان رات انگلينڊ مان فلائيٽ ڪري صبح جو ڪراچيءَ پهتي هئس. ان کانپوءِ ڪار ڪِرائي جي ڪري هتي پهتي آهيان. منهنجو انگلينڊ جي مانچسٽر ۾ پنهنجو شاپ آهي جنهن جي مان اونر به پاڻ ته سيلزمين به پاڻ آهيان.
توهان جو نالو ڇا آهي؟ مان هن کان پڇيو،
منهنجو نالو سحر آهي نه، بلڪه سحر هاشمي…! سر احمد ڪٿي آهي؟
مان هن کي ماما جي ڪمري ۾ وٺي آيس. ماما جيڪو پهرين غشن ۾ هو.. لڇي پڇي رهيو هو. اهو پرسڪون ٿي ويو. مان ايئن ڀانئيو ڄڻ ماما کي پنهنجو وڃايل وجود ملي ويو هجي. ماما جون اکيون بند هيون! مان ماما سان ڳالهايو. ماما پنهنجون اکيون کوليو ۽ ڏسو ته صحيح توهان سان ڪير ملڻ آيو آهي…. مان ماما سان ڌيرج آواز ۾ ڳالهايو “ماما اکيون کوليو ۽ ڏسو ته اڄ توهان سان سحر هاشمي ملڻ آئي آهي.” ماما اکيون کوليون. پنهنجي وڃايل وجود کي هڪ ڀيرو ڏسي هن وري هن پنهنجون اکيون سدائين جي لاءِ پوري ڇڏيون…!
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟