مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: پٿر جي مورتي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

“ڪڏهن ڪڏهن اسان ڀُل ۾ پاڇا به پُوڄي وٺندا آهيون.” مير آريءَ سامهون بيٺل شاهي وڻ ڏسندي ڳالهايو ته آسيه تعجب کائيندي چيو، “پر مان سمجهيس ڪونه! صاف چئو، آخر تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟”
آسيه جي نرڙ ۾ گُهنڊ پئجي ويو ۽ هوءَ مير آريءَ کي گهورڻ لڳي، پر آريءَ لاڳيتو شاهي وڻ جون سنهيون لامون هوا جي هلڪن اشارن تي جُهومندي ڏسي رهيو هو.
پٿر جي بئنچ تي ويٺي مير آريءَ ڪجھه نه ڳالهايو، ڪجھه دير بعد هُن هڪ اونهو ساھ کنيو ۽ مُڙي ساڳي بئنچ تي پاڻ سان گڏ ويٺل آسيه کي ڏٺائين، جنهن جو وٿيرڪو وجود هاڻ ڄڻ اوپرو ۽ اجنبي ٿي پيو هو.
آسيه بوريت محسوس ڪرڻ لڳي، گهڻو اڳ جڏهن ڪاليج ۾ پهريون ڀيرو هُن سان اچي مير آريءَ بيباڪ ڳالهايو هو ۽ ايندي ئي پهرين گفتگو ۾ بي ڌڙڪ هُن کي پروپوز ڪندي شادي جي آڇ ڪئي هُئائين، تڏهن هُن جي حيرت جي حد نه رهي هُئي، تڏهن آسيه سمجهيو هو، “هي شخص پڪ ڪو چلولو آهي، جيڪو مزاجن ضرور ميڻ وانگر نرم هوندو.”
تڏهن هُوءَ چپن ۾ ڀُڻڪي هئي، “نه جان نه پہهچان مين تيرا مهمان.” پر ڳنڀير ٿيندي هُن اندازو ڪري ورتو هو، “اهڙي شخص کي ڪڏهن به ڪٿي به موڙي، ورائي، ڦيرائي سگهجي ٿو.”
پوءِ شاديءَ جو سوچيندي هُوءَ شرم ٻوٽيءَ جيان پنهنجي پاڻ ۾ سوڙهي ٿي پئي ۽ ڪا نواڻ محسوس ڪري هُوءَ مُرڪي پئي ۽ آخر ۾ بنا ڪجھه چوڻ ۽ ڪُڇڻ جي اُتان کسڪي وئي هُئي. ايندڙ ٿورن ڏينهن ۾ هُن مير آريءَ جي اُها آڇ قبولي ڇڏي ۽ پوءِ گهڻو وقت هُنن جو گڏ گُذرڻ لڳو هو.
اُنهن ڏينهن ۾ هُو ايترو ويجهو ٿيا هُئا، جو هُن ڄاڻي ورتو هو ته آري پنهنجي پرائيويٽ هاسٽل تي اڪيلو رهي ٿو، تڏهن هڪ ڀيرو هُن آريءَ کي چئي ورتو، “اڄ تنهنجي هاسٽل هلون؟”
آسيه جي پهرين خواهش آريءَ جو پهريون ڇرڪ ٿي پئي، تڏهن مير آريءَ محسوس ڪري ورتو، “اقرار ۽ اظهار لفظن جا محتاج آهن، پر خواهشون ۽ انهن جي تڪميل کي لفظن جي گُهرج ناهي هوندي.”
“سج ۽ چنڊ لڪائي نه سگهبا آهن.” هڪ اونهو ساھ مير آريءَ جي اندر ۾ رهجي ويو، هُن جي حواسن ۾ گُهميو پئي، “جسم جا نشان وقت سان گڏ ميٽي سگهجن ٿا، پر روح تي رهجي ويل نشان ڪڏهن به لاهي نٿا سگهجن.”
مير آريءَ ڄڻ ڪي اڻ ڏٺل نشان ڏسي ورتا هئا، ڇو ته ايندڙ ٿورن مهينن ۾ آسيه ڪيترائي نوان ڇرڪ آريءَ جي اندر ۾ ڀري ڇڏيا هُئا. هُو ڇرڪن ۾ پئجي مُرڪڻ وساري ويٺو، هر ٻئي ڏينهن هڪ نئون ڇرڪ آسيه هُن جي اندر ۾ پوکي ٿي وئي ۽ پوءِ سُتت ئي هُو گُمانن ۾ وٺجي ويو.
کِلڻو ملڻو مير آري خاموشين ۾ پئجي ويو ته آسيه هُن ۾ اُميد جاڳائي چوڻ لڳي، “آخر تون منهنجو ئي ته آهين! اڄ نه ته سُڀاڻ مون کي ئي ملڻو آهين ته پوءِ ڪهڙا تو کان ويڇا؟”
پر آري روز نون حادثن بعد ويچارن مان پاڻ ڇڏائي نه سگهيو ۽ آسيه چاهيندي به چانديءَ تي سون جو پاڻي چاڙهي نه سگهي. جڏهن چاندي سون ٿي نه سگهي، تڏهن مير آريءَ ڄڻ کاپجي پيو. پنهنجي پاڻ وٽ پڪڙجي پيل ماڻهو مُرڪي نه سگهندو آهي، اڻ ڏٺي خاموشي هُن جي اندر ۾ گهر ڪري ويندي آهي ۽ پوءِ هُن جي خاموشي آسيه کي کائڻ لڳي.
تڏهن آريءَ سوچيو هو، “شاديءَ کانپوءِ پهريون پُٽ ڄمندو، اُن جو نانءُ بابا وارو مير پُنهل رکندس.”
ڇو ته هُن يتيمي ڀوڳي هُئي ۽ بابا پُڪارڻ لاءِ سِڪي ويو هو، پر تڪڙي حُجت بنا رنڊڪ جي وڌندي پئي وئي، تڏهن وسوسن جا پاڇا به گڏوگڏ ڊگھا ٿيندا ٿي ويا. ٿوري وقت ۾ حجاب جا سڀ پنا ورندا ويا ۽ خواهشن جو ڪتاب پورو ٿيندو ويو ته مُستقبل جا خواب هڪ هڪ ٿي مقتول ٿيندا ويا، تڏهن ڦلهور کانسواءِ آري رهي نه سگهيو ۽ اُن ڦلهور ۾ انديشن جو سج اُڀري ڪانءُ جي اک ڪڍڻ لڳو تڏهن آسيه اوچتو فاصلن کي چونڊڻ لڳي، هُن کي آريءَ جو سوچڻ نه پئي وڻيو، هُن چاهيو پئي جيئن آهي ۽ جيڪو هلي پيو ان ۾ آري خوش رهي، گهڻو نه سوچي، پيار جيسين آهي، ايسين اُن کي پيار ڄاڻي، پر آري سوچن جا هٿ ڇڏائي نه سگهيو ۽ آسيه ڪڪ ٿي پئي. وڇوٽيون ڌيئرن وانگر هونديون آهن، ڄمي پون ته اڄ ننڍيون سُڀاڻ وڏيون سگهو ٿي پونديون آهن! ۽ نهارون مشڪوڪ ٿي پون ته فرار جون راهون هموار ٿي وينديون آهن، پوءِ ائين ڪجھه ئي مهينن ۾ فاصلا وڌي وڻ ٿي پيا، ڪاليج پوري ٿيڻ کانپوءِ هاڻ مِلڻ ته ٿيو خواب، پر هُو ڳالهائيندا به قسمتي هئا.
ڪيترائي سال وچ ۾ گذري ويا، آسيه سدائين چيو پئي، “شادي ڪنداسين.” پر شاديءَ جي ڳالھه ۾ ٻڌجي بهارن جو انگ عمر قيد جيتري عرصي جو ٿي پيو ۽ اهي سڀ بهارون نيٺ پڇاڙي جو سرءُ ۾ تبديل ٿينديون ويون!
ايڏي وڏي عرصي ۾ آسيه ڪڏهن به هُن سان وري نه مِلي، بس ڪڏهن آٿت لاءِ فون تي ڳالهايائين ٿي ۽ اميد کي مرڻ نه پئي ڏنائين. هفتو اڳ هُن آسيه کي فون تي منٿ ڪندي چيو هو، “مان توسان ملڻ ٿو چاهيان.”
“ملڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟” آسيه جيڪا ملندي تُرت هُن کان گُم ٿي وئي هُئي ۽ هاڻ قسمتي ساڻس رابطي ۾ ايندي هئي، تنهن جواب ڏنو هو، “پاڻ گڏ ته آهيون.”
“ها گڏ ته آهيون! پر ورهيه ٿيا آهن پاڻ مليا به ناهيون!” آريءَ چيو، “ڪجھه گهڙيون جيڪر روبرو ملجي ته…”
“آري اِهو هاڻ ممڪن ڪونهي!”
“تون چاهين ته سڀ ڪجھه ممڪن ٿي سگهي ٿو آسي…”
“ڏس اجايو ضد نه ڪر.” آسيه هُن کي سمجهائيندي چيو، “اهو ممڪن ڪونهي ۽ مان ائين ڪيئن ٿي ملي سگهان؟ ماڻهو ڏسندا ته ڇا چوندا؟”
“ماڻهن جي ڏسڻ لاءِ ڪُڌا ڪرتوت هوندا آهن، سِڌا ڪرتوت ماڻهو ڏسندا ئي ناهن!” آريءَ چيو، “۽ پنهنجي ڪا به ڪِرت ڪُڌي ڪونهي، جڏهن هُئي تڏهن به ڪنهن نه ڏٺي ۽ هاڻ ته…”
“پر مون کي چورن وانگي ائين لِڪي ملڻ پسند ڪونهي.”
“تڏهن به هڪ ڀيرو ملڻ انتهائي ضروري آهي آسيه!”
“پر اِهو ممڪن ناهي.”
“بس هڪ ڀيرو ۽ سو به ڪجھه لمحن لاءِ…”
“پر آخر ڪيئن ملان؟ تون سمجهين ڇو نٿو آري ائين ملڻ منهنجي وس ۾ ڪونهي.”
“ڪڏهن ته روز وس ۾ هوندو هو.”
“تڏهن ٻي ڳالھه هُئي، هزارين حيلا هئا، پر هاڻ…”
“ڪيئن به ڪر، ڪو بهانو کڻي ڪر، ليڪن هڪ ڀيرو مون سان روبرو مل، ڏس ڪيترا سال لنگهي ويا آهن، مون توکي ڏٺو ئي ناهي ۽ توکي ڏسڻ مون لاءِ انتهائي ضروري ٿي پيو آهي.”
ٻه چار ڏينهن هنن وچ ۾ اها ڳالھه هلندي رهي، پر آسيه بِنهه انڪار ڪري ڇڏيو، “نه آري مان نٿي مِلي سگهان، هڪ ته اهڙو ڪو موقعو نه آهي ۽ ٻيو مان ڪو ڪوڙ ڳالهائي نٿي سگهان. ائين گهر کان نڪرڻ نه سُٺو آهي ۽ نه مون کي اجازت آهي. هونئن به مون کي پسند ڪونهي ته اهڙي طرح ائين ملجي ۽ اِهو ڪو شريفن جو طريقو به ته ناهي.”
آريءَ جا سڀ اسرار ۽ ايلاز ڦٿڪي مري ويا ۽ هُو مجبور ٿي وري افسرده ۽ خاموش رهجي ويو، پر شام جو آسيه جي طلاقيل ڀيڻ آمنا چيو، “اڄ ڪلاڪ سوا پارڪ هلون؟ مسلسل گهر رهي ٻار به تنگ ٿي پيا آهن ۽ گرميون به جام آهن.”
“ها ڀلي ڇو نه!”، آسيه ڀيڻ کي چيو ۽ پوءِ هُو ڀيڻ ۽ ان جي ٻارن سان گڏ پارڪ هلي وئي، نويڪلي جڳھه ڏسي هُو اُتي هيٺ ڇٻر تي ويهي رهيون ۽ آمنا جا ٻئي ٻار هُنن سامهون پارڪ ۾ راند کيڏي پاڻ وندرائڻ لڳا. ساڳئي وقت مير آري تنهائي جون سوين شامون ڀوڳي بيزار ٿي پيو هو ته اُن سوچيو، “گهڻي اڪيلائي اڌ مئو ڪري ڇڏيندي! ڇو نه کڻي اڄ اُن پارڪ وڃجي، جتي ڪڏهن آسيه ساڻ هوندي هئي.”
مير آري هلندو، رستا لتاڙيندو، ڪنارا ڪڇيندو، بازارون لنگهندو، چوراها مٽيندو آخر پارڪ اچي پهتو.
“ڪڏهن آسيه گڏ ايندي هئي! اڄ هُو نٿي اچي ته اُهي وڻ ته آهن جن اسان کي هتي ڪڏهن گڏ ڏٺو هو.”
ياد واري اُها شام وڻن سان گڏ مير آريءَ گذارڻ پئي چاهي، آسيه هُن کان پري ٿي پئي هئي، وڻن ۽ پکين کان ڪجھه وقت هُن اڌارو وٺڻ پئي گُهريو، ڪو ته هُجي جنهن سان هُو آسيه جون ڳالهيون ڪري سگهي!
ليڪن هُو جيئن پارڪ جو مکيه لنگھه گذري اندر آيو، تيئن هُن جي نظر سامهون هيٺ ڇٻر تي ويٺل آسيه تي پئي ته سندس قدم ٻڌجي ويا.
آسيه کي ڏسندي پهرين ته هُو پنڊپهڻ ٿي پيو، سموري جسم مان ست ڇڏائي ويس، رت ڄڻ رڳن ۾ ڄمي بيهي رهيو هُجيس ۽ هُو ايندڙ ڪيئي لمحا پٿرايل اکين سان آسيه کي نهاريندو رهيو، جيڪا هُن کان بي سُڌ پنهنجي وڏي ڀيڻ آمنا سان ڪچهري ڪندي ٽهڪن ۾ ورتل نظر اچي رهي هئي.
ڪجھه دير آسيه کي ائين ڏسڻ کانپوءِ جڏهن آريءَ جا حواس بحال ٿيا، تڏهن هُن پاڻ سنڀاريو، وِک کڻڻ چاهيائين، پر قدم ڳرا محسوس ٿيس، هُن مشڪل سان وِک کئين ۽ هوريان هلندو اچي ٿوري پنڌ تي پيل پٿر واري خالي بئنچ تي پنهنجو پاڻ سٽيائين، اُتي ويهي هُو آسيه کي نهاريندو رهيو، آسيه تڪيندڙ نگاهن کي تمام سِگهو محسوس ڪري ورتو ۽ ڪنڌ کڻي سامهون ڏٺائين ته آريءَ کي اُتي ڏسي ڇرڪي پئي!
هُن جي وهم ۽ گُمان ۾ به نه هو ته ڪو آري اُتي اچي سگهي ٿو. آري ته بس چپ چپات ۾ بئنچ تي اچي ويهي رهيو هو ۽ آسيه هُن کي ڏسندي سوچن ۾ وٺجي خاموش ٿي پئي هُئي، سندس ٽهڪ وچ ۾ ٽنگجي اڌورا رهجي پيا ته آمنا مُڙي بئنچ ڏي ڏٺو ۽ اتي آريءَ کي ڏسي اُها مرڪي پئي.
پنهنجي حواسن تي ضابطو آڻيندي آسيه ڀيڻ کي ڪجھه چوڻ چاهيو، پر آمنا هُن جو هٿ جهلي هلڪي ٿڦڪي ڏيندي اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪيو، هُن نٿي چاهيو ته سندس ننڍي ڀيڻ هُن جي نهارن جو پيڇو ڪري.
آمنا ٻئي طرف مُنهن ڪري ويهي رهي، هُن سمجهيو، بئنچ تي ويٺل شخص کيس ئي موهه منجهان پيو واجھائي، پر آسيه اُتان اٿي بئنچ ڏي آريءَ وٽ هلي آئي ته آمنا شڪجي پئي، هُن خيال ڪيو، “آسيه ضرور انهيءَ اجنبي شخص سان جهڳڙو ڪري ويهندي! پڪ سان هُن کي گھوريندي آسيه پڪڙي ورتو آهي.”
آسيه سلام دعا ڪري ساڳي بئنچ تي وٿيرو ٿي ويٺي ته آريءَ پڇيو، “ڪيئن آهين آسيه؟”
“مان ٺيڪ آهيان، تون ٻڌائي.”
“مان تنهنجي سامهون آهيان.”
“ٺيڪ آهين؟”
“ها… جيئن غلام هوندا آهن.”
“تون منهنجو غلام ته ناهين.”
“عاشق هوندا ئي غلام آهن.” مير آريءَ چيو، “چاهي ڌرتي جا اهي هجن يا پوءِ ڪنهن حسينه جا.”
“تون ڄاڻين ٿو تنهنجي فلسفي کان مون کي سخت چِڙ آهي.”
“اِهو ڪو فلسفو ته ناهي!” اولھه ۾ سج ڳولهيندي مير آريءَ چيو، “جنهن ديس جون سرحدون ڀاڱن ۾ ڳڻيون وڃن، اُن ديس جو ٻچو ٻچو غلام آهي. جنهن ملڪ جا وسيلا، شهر، ٻنيون ٻارا، وڻج واپار، دڪان، بازارون ۽ حق حاڪميت مقبوضه ٿي وڃي، ان ديس جو ڪهڙو فرد آزاد آهي؟”
“ڇڏ اِهي خبرون، پر ٻُڌائي تون هتي ڪيئن آئين؟” آسيه پڇيو، “منهنجو مطلب آهي توکي ڪيئن معلوم ٿيو ته مان هتي آئي آهيان؟”
“مون کي معلوم نه هو ته هتي تون آئي آهين! مان ته بس…”
“ضرور تو پيڇو ڪيو هوندو؟”
“نه اهڙي ته ڪا ڳالھه نه آهي.”
“پوءِ آخر ڪيئن تون منهنجي پويان…”
ائين ڳالهائيندي ڳالهائيندي هُو بحث ۾ پئجي ويا ۽ بحث جڏهن انتها تي رسي واپس وريو، تڏهن پوءِ ٻنهي خاموشي کڻي اختيار ڪئي، آسيه سوچڻ لڳي، “اڄ به آري ساڳيو ئي آهي، ساڳيو سوچيندڙ، ڳولهيندڙ! وڃايل ۽ ويڳاڻو.”
اُن ڪري ته آسيه تِکو هُن جي ويجهو اچي سگهو هُن کان پري ٿي وئي هئي ۽ اِها ئي هُن جي انديشن ڀري ويڳاڻپ آسيه کي سدائين زهر پئي لڳي! “ماڻهو ايڏو به خشڪ مزاج نه ٿئي، جو زندگي بيٺل پاڻي نظر اچي.” آسيه عجيب ڪوفت ڀوڳڻ لڳي، “رڳو تصور ۾ جيئڻ به هڪ وڏو عذاب آهي! هونئن به آريءَ وٽ آهي ڇا؟ آدرش، اصول ۽ نظريا؟ طئي شده جيون ۽ باقي بس؟ آسائش ته ڪابه ڪانهي! ماڻهو کي حقيقت جي دنيا ۾ به ساھ کڻڻ گهرجن.” هڪ پل لاءِ هن سوچيو، “سدائين ٽُٻيءَ ۾ رهڻ وارا ماڻهو مُرڪن کان محروم ئي هجن ٿا، آزاد ٽهڪ زندگي جي ساک آهن ۽ هونئن به ناحق اڄ شام هيڏانهن هلي آيس! اهڙي خبر هُجي ها، آري هتي اچي ويندو ته هوند پارڪ ئي اڄ نه اچان ها.”
ساڳئي وقت مير آريءَ سوچيو پئي، “گهڻا ماڻهو ٻين جا حق کائي ويندا آهن، خوشيون کائي ويندا آهن، پر ڪي ماڻهو ماڻهن جا اندر ئي کائي ويندا آهن.”
اُن لمحي هڪ ڪانءُ اچي وڻ جي هيٺين لام تي ويٺو ۽ زور سان ڪان ڪان ڪرڻ لڳو ته ٻي ٽاريءَ تي چهنب، چهنب سان اٽڪائي ويٺل پکين جو هڪ جوڙو ڇرڪي پيو، “زمين، جائيداد، مال، ملڪيت ۽ پئسو کائڻ ته خير آهي، پر… پر ماڻهو ماڻهن جا خواب ۽ تصور به کايو وڃن!”
آري ڄڻ پاتال ۾ پيهي ويو هو، جتان آسيه هُن کي واپس ورائي نه پئي سگهي، هُوءَ ته خود گهڻو پري نڪري چُڪي هئي، آريءَ سوچيو، “ڪنهن جيئري جاڳندي زنده خوش باش ماڻهو کي سوچن ۽ فڪرن جي کاهيءَ ۾ عمر ڀر اڇلائيندڙ هستيون خود ڪيئن نه اجنبي ٿي بي نياز ٿيو وڃن ۽ وري پوءِ اُهي ئي ويراڳ ڏيندڙ ويراڳين تي ٿا چٿرون ڪن.”
آريءَ اکين جون ٻئي ڪُنڊون ڀڄڻ کان اڳ اُگهي صاف ڪيون ۽ سوچڻ لڳو، “عورت عظمت جو محور آهي.”
“ٻُڌائي ڀلا روبرو ملڻ ڇو پئي چاهيئي؟” هُن کي خاموش ڏسي آسيه بيزاري مان پُڇيو، “روبرو جا ڳالھه ڪرڻي هئي اها هاڻ ڪر ڀلا.”
“ميل، ملاقات ۽ رابطا رشتن جي مضبوطي ۽ بقا جا ضامن هجن ٿا آسيه.”
“اڇا معنيٰ ڪا ڳالھه نه هئي ۽ تون بس ان بهاني سان ائين ملڻ پئي چاهيو؟” آسيه حيرت مان چيو، “پر ٻُڌ آري هي ڪا ڄمار نه آهي جو ائين ملجي! ماڻهو ڇا چوندا؟ آخر منهنجو به گهر آهي ۽ منهنجي گهر وارا ڇا سوچيندا؟”
“تنهنجي گهر وارن کي سڀ پنهنجي خبر ته آهي.” آريءَ پختي اطمينان سان چيو، “پاڻ ٻئي ورهين کان شادي ڪرڻ پيا چاهيون.”
“ها اُهو ته آهي پر…”
“پر…؟ پر ڇا آسيه؟”
“پر هي سڀ مون کي پسند ڪونهي. هن عمر ۾ ائين لِڪي ملجي، بهانا ڪجن ۽ ناٽڪي ٿِجي، اِهو سڀ نا اِهل، چور ۽ عياش ماڻهن جو ڪم آهي.” آسيه چيو، “هي عمر اهڙن چونچلن جي ڪانهي آري، هُونئن به منهنجي گهر وارن جي به ڪا عزت آهي، ڪو واسطيدار ڏسي وٺي ته ڇا سوچيندو؟ ڪنهن سان پئي مِلان؟ يار سان؟”
“ياد اٿئي چوڏهن بهارون اڳ بند ڪمرن واريون اُهي ملاقاتون؟”
آريءَ ماضي جو ورق اٿلائي ورتو، جنهن آسيه جي چهري تي پگهر جا ڦُڙا آڻي ڇڏيا، آري چوڻ لڳو، “تڏهن ملڻ هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن لازمي هوندو هو؟”
“اُهو وقت اهڙو هو.” آسيه هيٺ ڇٻر نهاريندي چيو، “تڏهن مان نادان هئس.”
“نادان هُئين؟ تڏهن لوڪ نٿي ڏٺو؟”
“تڏهن ڪنهن کي ڪهڙي خبر تون ڪير آهين؟” آسيه چيو، “هاڻ ته سڀ ڪو توکي سُڃاڻي ٿو.”
“تڏهن شايد منهنجي نالي به ماڻهن کي تون چوندي هُئين، منهنجي ڀاءُ جو دوست آهي ۽ مون ڪنهن کان ٻُڌو هو ته.
“شٽ اپ! اهڙي فضول گفتگو جي لاءِ تون مون سان ملڻ پئي چاهيو؟”
“اڇا ڇڏ، ٻُڌائي عمر ڪيتري ٿي آهي؟”
“ڪنهن جي؟ منهنجي؟”
“نه وڇوڙي جي!”
“سمجهان ٿي جام وقت گذريو هوندو.”
“۽ تنهنجي؟”
“مان ٻائيتاليھه ورهين ۾ هوندس.”
“ڇائيتاليھه ۾ ته هاڻ مان به آهيان.”
“ها ته پوءِ ڏس نه؟ ڇا اِهو سُٺو ٿو لڳي جو روز هن عمر ۾ ائين ملجي يا عياش پرستن جهڙيون ڪي حرڪتون ڪجن؟”
“پوءِ اڃان به شادي نٿي ڪرين! ڇو ڀلا؟؟” آريءَ جو اچانڪ اهڙو سوال آسيه جي هانءُ ۾ ڪنهن چُهنبدار خنجر جيئن کُپي ويو، ڪجھه پلن لاءِ خيالن ۾ هُو وڃائجي وئي، ٿورو سوچيندي هُن چيو، “شادي ۽ نڪاح جو توکي ٻُڌايل آهي منهنجو.”
“ڇا ٻڌايل آهي؟”
“پنهنجو گهر مان وٺنديس پوءِ شادي ڪندس.”
“اهو بهانو آهي؟ يا ڪو عذر آهي؟”
“مون کي ناهي خبر، مون سِڌي ڳالھه ڪئي آهي باقي جيڪو توکي سمجهڻو آهي وڃي سمجھه.” آسيه بيزار ٿيندي چيو، “ڏسان پئي هاڻ تون دماغي مريض ٿيندو پيو وڃين.”
“ٻيو ڪجھه ڪونهي وقت ۽ عمر هاڻ هٿن مان واريءَ جيئن وهندا ٿا وڃن.”
“وڌيڪ مون سان مٿو نه هڻ! پنهنجو فيصلو مون توکي ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ مان هاڻ وڃان ٿي، منهنجي ڀيڻ آمنا سوير کان اڪيلو ويٺي آهي، ان جي اڳيان هتي اچي تو سان ايترو ويهڻ سُٺو به نٿو لڳي.”
مير آري وڌيڪ ڪُجھه ڪُڇي نه سگهيو، پٿرايل اکين سان پٿر جي اُن بئنچ تي خاموش ٿي ويهندي آسيه کي نهارڻ لڳو، جو اُن بئنچ تي ورهين کانپوءِ وري اڄ آسيه اچي هُن سان گڏ ويٺي هئي.
مسلسل خاموشي ۽ آريءَ جي خيالن ۾ گمشدگي آسيه کي نه پئي وڻي، هُن کي جاڳائيندي آسيه سامهون اشارو ڪيو، هنن اڳيان هڪ جوڙو پارڪ ۾ پسار ڪري رهيو هو، مرد جي کاٻي ٻانهن پنهنجي ڀر ۾ هلندڙ عورت جي ڪُلهي تي ائين رکيل هئي، جيئن عورت سندس ڀاڪر ۾ هُجي ۽ عورت جي ساڄي ٻانهن مرد جي چيلھه ۾ ائين ورايل هئي، جيئن مرد سان هُو ويڙهيل هُجي، اُهي ٻئي هُنن کان پُٺيرا اڳتي پارڪ جي پينگهن ڏي وڃي رهيا هئا، آريءَ اُنهن کي ڏسي آسيه ڏي نهاريو، آسيه ان لمحي مرڪي پئي، پر سندس فون وڄڻ لڳو هو ته هُن جو ڌيان فون ڏي هليو ويو ۽ هُن جي مُرڪ اڌوري رهجي وئي.
آسيه ايندڙ ڪال رسيو نه ڪئي، جنهن مهل ڪال رِنگ مڪمل ٿي بند ٿي، تڏهن هُن تکو هڪ مئسيج ٽائيپ ڪري موڪلي ڇڏيو ۽ خشڪ نهارن سان مير آريءَ کي ڏسڻ لڳي. آري الائي ڇا محسوس ڪيو، پر هڪ اونهو ساھ کڻندي هُن ويندڙ جوڙي ڏي اشارو ڪري آسيه کي چيو، “رومانس جي هاڻي ڄمار رهي ڪونهي!”
اِهو ٻڌندي آسيه جي خشڪ نهار هڪدم غضبناڪ ٿي پئي ۽ هُن جو مزاج بگڙي بدلجي ويو. هُوءَ ڪاوڙ منجهان اُتان اُٿي بيٺي ۽ سخت لهجي ۾ چيائين، “تون آهين ئي نا اهل! لوفر ۽ عياش ماڻهو.”
آسيه جو يڪدم بدليل ورتاءُ ڏسي آري ڇرڪي پيو، پر آسيه ٻه قدم اڳتي هلي وري بيهي رهي ۽ واپس مُڙندي چوڻ لڳي، “اڄ کانپوءِ اهڙي نوبت وري هاڻ نه ايندي! جتي منهنجن جذبن جو قدر نه هو ۽ نه آهي، اُتي مون کي به ڪنهن جي ڪا ضرورت ڪونهي، شرافتون ٿو ڳولهين، اڙي پئسو آهي ته شرافتون به آهن، بيوقوف ڄٽ توکي معلوم ڪونهي شرافت پئسي جي اڳيان نه پويان هلندي آهي؟
آري سمجهي پئي سگهيو، آسيه رد کي ڪڏهن نه مڃيو آهي ۽ نه ڪڏهن مڃيندي. هُن هوريان چيو، “تنهنجن جذبن جو قدر ناهي ته ايترو سخت رد عمل؟ خير! عورت توڙي جو بي وفا هجي يا خواهشن جي غلام، پر تڏهن به آهي ته عزت لائق.”
“ٺٺول ٿو ڪرين؟؟”
“نه… مان ته ٿورا ٿو مڃيان.” مير آريءَ چيو، “عورت ڪجھه به هجي، پر خراب ناهي هوندي. مرد ڪيڏو به مهان هُجي، پر هُن سدائين عورت جي ڪُک ۾ ئي پناھ ورتي آهي ۽ ان ڪري مان عورت جي عظمت جو قائل آهيان.”
“پر مون کي ڪجھه ناهي ٻُڌڻو.” آسيه بيحد رکائيءَ مان چيو، “ياسر اچي ويو آهي مان وڃان پئي ۽ ها متان ائين چوين يار سان وڃان پئي! ياسر منهنجي ڀاءُ جو دوست آهي ۽ منهنجو ڀاءُ آهي.”
“ڪڏهن مان به تنهنجي ڀاءُ جو دوست هوندو هئس!”
“شٽ يوئر مائوٿ نان سينس.” آسيه ڪاوڙ مان تِکا قدم کڻندي اڳتي وڌي، “ڪنهن سُڃي ماڻهو کي پيار ڏجي، پر اُهو ان جي لائق به هُجي نه! آخر اٿئي ڇا…”
هوءَ چوندي هلي وئي پويان آري ڀُڻڪيو، “ٻُڌ آسيه… منهنجي سموري وقت، احساس ۽ حياتي جو قدر نه ٿيو، ان جو رد عمل ڪهڙو هئڻ گهرجي ڀلا؟”
پر آسيه ڪافي پري وڃي چُڪي هئي ۽ آريءَ جا آخري لفظ هُن ٻُڌا اڻ ٻُڌا ڪري ڇڏيا هئا، اڳتي وڌي هُوءَ ڇٻر تي هيٺ ويٺل پنهنجي وڏي ڀيڻ مٿان اچي بيٺي، آمنا سمجهيو هُو اجنبي شخص سان جهڳڙو ڪري آئي آهي، پر نه هُن چيو، “ياسر آيو آهي، چوي ٿو ٻاهران آئسڪريم کائي ٿا اچون، اوهان ويهو مان ٿوري دير ۾ اچان ٿي.”
“پارڪ ۾ ڪيترائي آئسڪريم وارا گُهمن پيا ۽ هُو اسٽال به ته آهي.”
“پر ياسر چوي ٿو ٻاهر ٿا هلون.” آسيه رد ڏيندي چيو، “بس اِجهو ٿا اسان اچون.” آمنا خاموش ٿي وئي، هُن ڄاتو پئي، نه ڄاڻ ڪيتري دير کانپوءِ آسيه هاڻ واپس موٽندي! آسيه رواني ٿي وئي، پر آريءَ ڄاتو پئي انتظار هڪ ڀيرو شروع ٿي پون ته اُنهن جي ڊيگھه پوءِ ماپي نه سگهبي آهي.
آسيه سڌو ويندي ڪار جو در کوليو ۽ ياسر سان اڳئين سيٽ تي ويهندي رواني ٿي وئي، اُن لمحي هڪ ڀيرو وري آسوند نهارن سان آريءَ ڏي ڏسندي آمنا مُرڪي پئي، پر آري پنهنجي اندر ۾ ڌاڳو ڌاڳو ٿي ڇِڄي رهيو هو، اُتي ڪجھه به نه بچيو هو، بس خالي پارڪ رهجي وئي هئي ۽ آري اڃان به ان پراڻي پٿر جي بئنچ تي ويٺو هو، جنهن تي ڪڏهن آسيه نالي ڪا پٿر جي مورتي ساڻس گڏ ويهندي هئي، ليڪن وقت سان گڏ جڳھه بدلجي وئي هئي، اڄ هڪ ٻي پٿر جي مورت جون واجهائيندڙ اکيون سامهون هيون، پر اُها پٿر جي بئنچ آدرشن ۽ اصولن واري بئنچ هئي، ڪا خواهشن جي بيٺڪ نه هئي، جيڪا جلد بدلجي سگهي ها. آري واجهائيندڙ اکيون ڏسي سوچيو، “جڏهن عورت پنهنجو ڪو نئون بندوبست ڪري وٺندي آهي، تڏهن وفا ۽ بيوفائي هُن لاءِ ڪا معنيٰ نه رکندي آهي.”
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو