ڪهاڻي: مئل ماڻهو جو فون نمبر
نذير کي ننڍپڻ کان ئي مئل ماڻهن کان ڊپ لڳندو هو. اهو عام ڊپ نه هو، پر اهڙو خوف هو، جيڪو دل جي ڪنهن اونداهي ڪنڊ ۾ پاڙون پڪيون ڪري ويهي رهيو هو. ڳوٺ ۾ جڏهن به ڪو ماڻهو مرندو هو ته ماڻهو عذر خواهي لاءِ ويندا هئا، جنازي ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ قبرستان تائين گڏ هلندا هئا، پر نذير گهر مان ئي نه نڪرندو هو. هو جڏهن ننڍو هو ۽ سندس ڏاڏو گذاري ويو هو ته ان ڏينهن گهر ماڻهن سان ڀرجي ويو هو. اڱڻ ۾ فراسيون ۽ رليون وڇايون ويون، عورتون پار ڪڏي روئي رهيون هيون، سڏڪا، قرآن شريف جي تلاوت ۽ ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز. نذير ان وقت ڏهن يارنهن سالن جو هو. ڪنهن سندس هٿ پڪڙي چيو، “هل ٻچڙا، ڏاڏي جو آخري ديدار ڪر.” هو ٻه قدم اڳتي وڌيو. اڇي ڪفن هيٺان ڏاڏي جو چهرو نظر اچي رهيو هو. هيڊو، خاموش ۽ اهڙو چهرو جيڪو نذير کي اڻڄاتل لڳي رهيو هو. کيس ايئن لڳي رهيو هو ته سندس ڏاڏو جيڪو بند اکيون ڪري پيل آهي اجهو بس اکيون کوليندو. هو رڙيون ڪري اتان ڀڄي ويو. ان ڏينهن کانپوءِ نذير اندر موت جي لاءِ هڪ اڻڄاتل خوف گهر ڪري ويو.
وقت گذرندو ويو، نذير پڙهيو، وڏو ٿيو، شادي ڪيائين، ٻار ٿيا، پر خوف ختم نه ٿيو. ڳوٺ جي وچولي طبقي واري زندگي پنهنجي رفتار سان هلندي رهي. وقت گذرندو رهيو. صبح جو ماڻهو زمينن تي ويندا هئا، شام جو هوٽلن تي ويهي چانهه پيئندا هئا ۽ رات جو گهرن ۾ ٽي وي جا آواز پيا ايندا هئا، پر نذير جي اندر هڪ خاموش جنگ جاري رهندي هئي. هو قبرستان واري رستي کان ڪڏهن به نه لنگهندو هو. ڳوٺ ۾ ڪنهن جي به مرڻ جو اعلان ٿيندو هو ته هو پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو. ڪنهن جي مرڻ جي خبر رات جو پيس ته سڄي رات نه سمهندو هو. سندس ماءُ ان ڳالهه کان پريشان ٿي کيس سمجهائيندي هئي ۽ چوندي هئي، “پٽ، موت مهڻو ناهي آخر اچڻو آهي.” نذير لاءِ موت جو لفظ هڪ اهڙو پيغام کڻي ايندو هو ڄڻ ڪو خوفناڪ راز سندس ذهن ۾ گهر ڪري کيس منجهائي ڇڏيندو هجي.
هڪ ڏينهن هن پئسا گڏ ڪري موبائل ورتي. آهستي آهستي هن مختلف ماڻهن جا نمبر سيو ڪرڻ شروع ڪيا. پنهنجي گهروارن جون تصويرون يادگيريءَ جي طور ٺاهڻ لڳو. دوستن، مٽن مائٽن، واقفڪارن جون موڪليل وڊيوز يا تصويرون سيو به ڪرڻ لڳو ته انهن جا نمبر به سيو ڪرڻ لڳو. گڏوگڏ موت جو خوف به سندس ذهن پٺيان پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. پهرين سندس استاد عبدالغفور ميمڻ گذاري ويو، پوءِ سندس چاچو رحيم بخش به گذاري ويو، پوءِ سندس ڳوٺ وارو مولوي واحد بخش جو وارو آيو، پوءِ سندس دوست وحيد ان جو نمبر آيو، پوءِ سندس پاڙي جي حاجي غلام حسين جو وارو آيو، اهي سڀ هڪ هڪ ڪري هن دنيا مان لڏيندا ويا، پر سندن نمبر نذير جي فون ۾ رهجي ويا ۽ اتان ئي مسئلو شروع ٿيو.
جڏهن به هو رابطي واري لسٽ کوليندو هو ته انهن مئلن جا نالا سامهون ڏسي جن ۾ ڪڏهن “استاد عبدالغفور” ته ڪڏهن “وحيد” ته ڪڏهن “چاچو رحيم ته سندس دل ڌڙڪڻ لڳندي هئي. هڪ ڀيري رات جو ٻارهين وڳي سندس فون تي ڪو مئسيج آيو، اسڪرين جي روشني ٿي. هو ڇرڪ ڀري جاڳيو. ڪمري ۾ اونداهي هئي، سندس زال گهري ننڊ ۾ ستل هئي، نذير کي خبر ناهي ته ڇو دل ۾ اهو خوف جاڳيو ته اهو مئسيج ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي نمبر تان آيو آهي. ڪجهه سيڪنڊ هو خوف کان بنا چرپر جي هنڌ تي ليٽيو رهيو، پر پوءِ همت ڪري فون هٿ ۾ کنيائين، ڏٺائين ته موبائل ڪمپنيءَ جو اشتهاري پيغام هو. ان کانپوءِ هن رات جو فون کي وائبريشن تي رکڻ شروع ڪيو، ڪنهن به مئسيج يا ڪال تي سندس پهريون ڌيان انهن مئل ماڻهن ڏانهن هليو ويندو هو. هاڻي اها حالت ٿي هئي جو ڪڏهن ڪڏهن کيس اجايو شڪ پوندو هو ته فون وڳي آهي، جڏهن ته فون بلڪل خاموش هوندي هئي. نه ڪا ڪال، نه ڪو ايس ايم ايس.
هڪ ڏينهن هن رابطي واري لسٽ کولي ته سندس نظر استاد عبدالغفور جي نالي تي پئي. هو ڪجهه لمحن تائين سندس نالي کي ڏسندو رهيو. اوچتو کيس ايئن لڳو ته ڄڻ سندس نالو هلڪو هلڪو چمڪي رهيو هجي. هن خوف کان هڪدم فون بند ڪري ڇڏي ۽ پوءِ هو ڪيترين ئي راتين تائين ان خوف جو شڪار رهيو. ڪڏهن هڪ نالو ته ڪڏهن ٻئي ماڻهو جو نالو پيو هن کي ڊيڄاريندو هو. مطلب ته هاڻي مئل ماڻهو جي خوف کان اڳتي انهن جو نالو به نذير لاءِ هڪ خوف جو سبب بڻجي چڪو هو. هاڻي کيس قبرستان کان گهٽ، فون کان وڌيڪ ڊپ ٿيڻ لڳو.
نيٺ هڪ ڏينهن هن اهو سڄو قصو پنهنجي هڪ دوست سان ويهي کوليو، اهو دوست کيس سول اسپتال جي ڊاڪٽر برڪت سان ملائڻ لاءِ وٺي آيو. ڊاڪٽر برڪت جيڪو لڳ ڀڳ 47، 48 سالن جو هوندو، سنجيده ۽ بردبار شخصيت جو مالڪ. سندس اکين ۾ عجيب قسم جو سڪون هو. نذير پنهنجي ان خوف بابت پنهنجي ان دوست کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن ڌارئين ماڻهو کي ٻڌايو اهو هو ڊاڪٽر برڪت. ڊاڪٽر سندس ڳالهه تمام سڪون سان ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ کانئس پڇيائين ته ڇا اڃان توهان کي وڌيڪ ڳالهائڻو آهي. جنهن تي نذير چيو نه. پوءِ ڊاڪٽر کيس تمام نرم لهجي ۾ چيو اصل ۾ هي توهان کي جيڪو خوف محسوس ٿئي ٿو، اهو خوف صرف ان ڪري محسوس ٿي رهيو آهي جو توهان ان ڳالهه کان ڊنل آهيو ته توهان کي مرڻ کان ڊپ ٿو لڳي. “ڇا مطلب؟” نذير ڊاڪٽر کان سوال ڪيو. ڊاڪٽر کيس ڏاڍي سڪون سان چيو ته تنهنجي اندر هڪ خوف ويٺل آهي ته تون خود هڪ ڏينهن هن دنيا مان انهن ٻين ماڻهن وانگر هليو ويندين، پر تنهنجو ذهن ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. اصل ۾ ان خوف جو مقابلو ان طريقي سان ئي ٿي سگهي ٿو جو توهان ان حقيقت کي قبول ڪيو ته موت هر زندگيءَ کي اچڻو آهي ۽ ان ۾ توهان به شامل آهيو. نذير خاموش ٿي ويو. ڊاڪٽر برڪت وري ڏاڍي نرم لهجي ۾ چيو: “هر خوف جو هڪ چهرو هوندو آهي، توهان پنهنجي خوف جي چهري کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪريو.”
اهي لفظ نذير جي ذهن ۾ ويهي رهيا، ڪجهه مهينن کانپوءِ کيس خبر ملي ته ڊاڪٽر برڪت به دل جي دوري سبب گذاري ويو، نذير اها خبر ٻڌي سراپجي ويو. هاڻي هڪ ٻيو نئون نالو سندس ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ شامل ٿي ويو، جيڪو مري چڪو هو.
ڊاڪٽر برڪت جي موت کانپوءِ هن فيصلو ڪيو ته هاڻي هو سڀني مئل ماڻهن جا نمبر ڊليٽ ڪندو. هو اڱڻ ۾ کٽ تي ويٺو، نم جي پراڻي وڻ جون ٽاريون هوا ۾ هلڪي هلڪي لڏي رهيون هيون، سانجهيءَ جو وقت لهي رهيو هو، هڪ هڪ ڪري نمبر ڊليٽ ٿيندا ويا. هر نمبر سان سندس دل جو دهڪو به گهٽجي رهيو هو، آخر ۾ صرف هڪ نمبر بچيو: “ڊاڪٽر برڪت.”
نذير جي آڱر اسڪرين تي ڄمي وئي، اوچتو هوا جو تيز جهوٽو آيو، نم جا ڦڪا پن سرٻاٽ ڪرڻ لڳا، پري کان هڪ ڪتي جي ڀونڪ ٻڌڻ ۾ آئي. نذير جو جسم خوف ۾ وٺجي ويو، پوءِ هن ڏڪندڙ هٿ سان نمبر ڊليٽ ڪري ڇڏيو. اسڪرين خالي ٿي وئي، هن ڊگهو ساهه کنيو، پهريون ڀيرو کيس سڪون محسوس ٿيو.
ان رات هو جلد سمهي پيو، پر اڌ رات جو اوچتو سندس اک کلي وئي، ڪمري ۾ مڪمل اوندهه هئي، صرف موبائل جي اسڪرين روشن هئي. نذير جو ساهه رڪجي ويو، هن فون کنيو، اسڪرين تي هڪ نئون پيغام ظاهر هو. موڪليندڙ جو نالو نه هو. صرف هڪ نمبر. نذير جون اکيون کليل هيون، پر سندس اکين ۾ هاڻي ڪوبه خوف نه هو. ڇو ته هاڻي هو ان ڳالهه کي سمجهي چڪو هو ته کيس به هڪ ڏينهن هن دنيا مان وڃڻو آهي ۽ جڏهن هو ويندو ته سندس نمبر به شايد ٻئي ڪنهن کي ڊيڄاري ۽ پوءِ سندس نمبر به ڪير ڊليٽ ڪري ڇڏيندو ۽ هن فون کي آف ڪيو ۽ سندس چپن ته مرڪ تري آئي ۽ پاسو ورائي سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟