مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: محبت، مذھب ۽ جنگ

Zafarullah Rindd تعليمدان، ڪهاڻيڪار

ليڪچرار ماحولياتي سائنس، اروڙ يونيورسٽي سکر.

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اروڙ جي پھاڙي تي موجود تاريخي محمد بن قاسم مسجد ڏانھن ويندڙ پراڻن سِرن جي ڏاڪڻ تي چڙھڻ کان اڳ سجاد جوتا لاھي ھٿ ۾ ڪيا ۽ بسم الله پڙھي اڳتي وڌيو. گيتا بيھي رھي. سجاد کيس ھٿ جي اشاري سان مٿي اچڻ جو چيو. ھن جي وک نه پئي کڄي. سجاد چوٽيءَ تي چڙھي مسجد جي زبون حال محراب جي ھيٺان اچي بيٺو. ھوءَ اتي ئي بيٺي رھي. سجاد ٻيھر اشاري سان کيس سڏ ڪيو. گيتا ڪُڇي ڀِت ڪُڇي! نيٺ ھو ھيٺ لھي آيو.
سندس ھٿ ۾ پنھنجو ھٿ ڏئي مٿي ڇڪيائينس. ھوءَ تڪڙ ۾ سينڊل لاھي ڏاڪا چڙھڻ لڳي ته ٿاٻڙجي پئي. سندس جامني ساڙھيءَ جو پلئه سيني تان سِرڪي ويو. درياءَ ۾ اوچتو چاڙھ ٿيو، ڄڻ ته منجھس سانوڻيءَ وارو موج اچي ويو ھجي. ڇوليون ھڻي ڪمزور بند ڀڃڻ لڳو. لھندڙ سج جي لام جي وڻندڙ ڪرڻن سان سندس سنھڙي چيلھه جو دلڪش وکر ويتر چمڪڻ لڳو. سجاد ڀانئيو اڄ درياءَ کيس ٻوڙيندو. مسجد جو تقدس! پاڻ سنڀالي ورتائين، کيس سھارو ڏئي دڙو تي وٺي آيو.
سجاد مسجد جي ڀڳل ۽ ڀُريل ڀِتين کي ھٿ سان تپاسڻ لڳو. اندر اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ننڍو لوھي در لڳل ھو، جنھن جي ڀرسان ھڪ ڀت تي پوسٽر چنبڙيل ھو. جنھن تي لکيل ھو: “محمد بن قاسم مسجد، اروڙ روھڙي. مقرر: نائب امير جماعت اسلامي، سکر.”
گيتا ھيٺ تليءَ جي ميدان ڏانھن ڏسي رھي ھئي ۽ پنھنجي عظيم الشان ماضيءَ کي ياد ڪري رھي ھئي. سندس پيشانيءَ تي اروڙ جي مسمار ٿيل تاريخي ماڳن جھڙي ماٺ ھئي. ھي اھوئي اروڙ ھو، جنھن جي ڀرسان ان وقت سنڌو تارئون تار وھندو ھو. جنھن جي ڪپ تي راجا ڏاھر جو قلعو ھو. عرب ۽ سنڌين جي جنگ جا منظر ھن جي اکين اڳيان ترڻ لڳا. عرب نيرون ڪوٽ ۽ سيوستان جو قلعو فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌو پار ڪري اروڙ پھتا ھئا. قلعو فتح ڪري، تليءَ جي ميدان تي مورچا کوڙي ويٺا ھئا. سنڌي سئنا جنگ ھارائي ھئي ۽ ڏاھر ماريو ويو. راڻي لاڏي بي خوف رنگ-محل منجھه پينگھي ۾ لڏي رھي ھئي. سندس سيرانديءَ مدن-مست ٻوٽي جون پتيون وکريل ھيون، جنھن جي خوشبوءَ سان محل مھڪي رھيو ھو.
ڏاھر جي خبر ٻُڌي جوش ۾ اچي وئي. زرھ پائي، باقي سئنا ساڻ ڪري ميدان تي لھي آئي. جنگي رجز جو نعرو لڳو. ھوءَ مست ھاٿيءَ تي سوار ٿي، عرب فوج جون صفون چيريندي اڳتي وڌندي رھي. رِڻ گجيو، راڙو ٿيو… وارَ مٿان وارُ ٿيو… سِسِيون ھوا ۾ اڏامڻ لڳيون… ڌڙ ڌڌڙ ۾ ڦٿڪڻ لڳا. وڙھندي وڙھندي ماضيءَ ۾ گم ٿي وئي. ھن کي ڏاھر سان گذاريل حسين راتڙيون ياد پيون. سندس ڌيان ھٽيو! عربن تيرن جو وسڪارو لاھي ڏنو. ھڪ تير سندس پٺيءَ ۾ پيھجي ويو. ھوءَ پالڪيءَ تان ڦيراٽي کائي ڪِري. ڏاھر کانپوءِ سنڌي سئنا جي ڪَمان سنڀاليندڙ لاڏي سنڌڙيءَ تان قربان ٿي وئي.
اھو دردناڪ منظر سوچي گيتا جي ماڻڪين منجھان ڪَڙي پاڻيءَ جو ڦُڙيون ٽپ ٽپ ڪرنديون رھيون. ھوءَ پنھنجي حال کان بي خبر ھئي، جو سجاد پٺيان اچي سندس ڪُلھي تي ھٿ رکيو. ھوءَ ڇِرڪي پئي. سجاد، “اڙي! ڇا ٿيئي؟ روئين ڇو پئي؟” گيتا، “ڪجھه نه! مون کي ڊپ ٿو ٿئي، ھل ته ھلون.” سجاد، “ھلون ٿا ھلون ٿا، پر ڊپ ڇاجو ۽ ڪنھن کان…؟ ھن ڀِت تي چنبڙيل پوسٽر ڏانھن ڏٺو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم ڀري ڏاڪڻ تان ھيٺ لھڻ لڳي.
ھيٺ لھندي چيائين، “سجاد منھنجي دل ٿي ڪري ته ڪالڪا ديويءَ جي آستاني تي مٿو ٽيڪيو ھلان؟” سجاد تعجب مان وراڻيو، “ھن وقت…؟ سج لھي ويو آھي، رات پئجي ويندي. موسم به خراب آھي گيتا، پاڻ کي اسلام آباد پھچڻو آھي ملتان نه. بارش پئجي وئي ته گاڏي ڦاسي پوندي، ٻيو ته موٽروي به بند ٿي ويندو. گيتا اسرار ڪندي چيو، “دير نه ٿيندي، جلدي موٽي اينداسين.” سجاد جي ھڪ نه ھلي، کيس انڪار نه ڪري سگھيو. ھونئن به سجاد ۽ گيتا ھڪٻئي جي مذھبي جذبن جو انتھائي احترام ڪندا ھئا. تاريخي جايون ھجن، توڻي مذھبي عبادتگاھون، بنا ڪنھن جھجڪ جي گڏجي گھمندا ھئا. ھو مندر ۽ مسجد ۾ ٻرندڙ ھڪ ڏيئي جي اونھي اسرار کان بخوبي واقف ھئا. سجاد کيس ڪار ۾ ويھاري اروڙ جي کنڊرن ۾ موجود ھزارين سالن جي تاريخي ڪالڪا ديويءَ جي آستاني تي وٺي ويو.
ديويءَ جو آستانو اوچي پھاڙيءَ جي ڪناري تي تعمير ٿيل آھي. ڊگھيون ڏاڪڻيون جبل جي سيني کي چيري، ياترين کي آستاني تي پھچائين ٿا. آستاني جو صحن کليل ۽ ڪشادو، سفيد عمارتون، چوديواريون تمام مضبوط ۽ چوڌاري پٿريلي زمين. بجليءَ سان گڏوگڏ يو پي ايس جي سهولت به آھي. ويتر سنگ مرمر ۽ نفيس ٽائلن جي استعمال سان تيرٿ ياتري ۽ شرڌالو روحاني سڪون محسوس ڪن ٿا.
ھو اڃان رستي ۾ ھئا ته مٽيءَ جو طوفان شروع ٿي ويو. ڪار جو اڳيون شيشو دز سان لٽجي ويو. سجاد ڪار ڍري ڪئي. مينھن جون ھلڪيون ڪڻيون پوڻ لڳيون، شيشو ڌوپجي ويو. سجاد ڪار ڊوڙائڻ لڳو. بادل به گرجڻ لڳا… ڪڪرن جون ڪيھون… آسماني بجليءَ جي ٽڙڪاٽ پھاڙين جا ھانوَ ٿي ڦاڙيا. ڪالڪا تي پڄي، ڪار پارڪ ڪري، ھو آستاني جي طرف ڊوڙڻ لڳا. اسٽيئرز (ڏاڪڻن) تائين پھچندي مِينھن کين ڀڄائي ڇڏيو. گيتا جي ساڙھيءَ مان پاڻي ايئن پئي ڳڙيو، ڄڻ گنگا منجھه ٽُٻي ھڻي نڪتي ھجي. اسٽيئرز تان چڙھندي ھن سينڊل لاھي ھٿ ۾ ڪيا، سجاد کيس فالو ڪيو.
ھو ياترين جي لاءِ جوڙايل ھڪ لنگر حال ۾ اچي بيٺا. گيتا ٻئي ٻانھون مٿي ڪري وارن جون چڳون ڇوڙي ڇڏيون… ڄڻ ڪو واسينگ سندس ڪُلھن تي ڪريو ھجي ۽ ڦڻ ڪڍي ڦوڪاٽ ڪندو ھجي. سجاد لاءِ اھو ڏنگ سھڻ محال ھو. تنھن ھوندي به ھن پنھنجي صطحي جذبن کي ماٺو رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. گيتا ساڙھيءَ جو پلئو سيني تان ھٽائي نپوڙيو ۽ جھُڪي وار سُڪائڻ لڳي. دريائي ٻوڏ… لھر لھر، ڇولي ڇولي! ڪمزور بند سٽ نه سھي ڀيڙ ڏنو. سندس وارن منجھان ٽمندڙ ڦڙيون ڳلن تان ڳڙندي ڪئنچيءَ نما مخملي بلائوز ۾ جذب ٿي ٿيندون ويون… ڪجھه ڦڙيون سندسmidriff تي ڦٿڪي رھيون ھيون ۽ ڪجھه رقص ڪري رھيون ھيون. سندس ڀِڄيل جسم منجھان، آلي اوڏڪي ڪوٽ مان نڪرندڙ خوشبوءِ جھڙي مھڪ اچي رھي ھئي. سجاد لُڙھي ويو ۽ لُڙھندي لُڙھندي ٿاڦوڙا ھڻي، پاڻ بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رھيو. سندس صطحي جذبا آئوٽ آف ڪنٽرول ٿي پيا. اوچتو گيتا جي نظر ھن تي پئي. اکيون اکين منجھه اڙيون. ھوءَ اکيون ڦيري، چوٽا ٻڌي، پلئه سيني تي ٺاھي، ڪالڪا جي گفا طرف وڌي وئي.
مُک گفا جي اندر پٿر جي ڀِتين تي ڪالڪا ديويءَ جون مختلف تصويرون ۽ مورتيون لڳل آھن. ڇت ۽ ڀتين تي سفيد بلب ۽ برقي سجاوٽي بتين جي نرم جھرمر روشني ويتر ياترين جي دل ۾ عقيدت ۽ تمنايت جا جذبا اڀاري ٿي ڇڏيا. مُک گفا جي اندر ساڄي ھٿ تي ٻه ننڍيون گفائون آھن. گيتا ۽ سجاد پھرين ننڍي گفا ۾ جھُڪي ڪري داخل ٿيا. جنھن جي ڊيگھه لڳ ڀڳ 8 کان 10 گز ھوندي. جي اگر سڌو ٿي بيھجي ته جيڪر مٿو وڃي ڇت کي لڳي. اندر سائي جوڙي ۾ ملبوس، کير جھڙي اڇي صورت ۽ مٿي تي تاج واري سينگاريل سنواريل ديويءَ جي مورتي ڀت ۾ کُتل ھئي. جنھن جي ھيٺ ھڪ تختيءَ تي لکيل ھو: “ڪنھن کي کپي پُٽ ته ڪنھن کي روزگار، اسان کي ته ماتا راني کپي ديدار.” پاسي ۾ ھڪ نذراني واري لوھي پيتي به پيل ھئي، جنھن کي ھڪ وڏو تالو لڳل ھو.
گيتا ھٿ جوڙي ديويءَ کي نمسڪار ڪيو ۽ مٿو ٽيڪي ويھي رھي. سجاد خاموشيءَ سان پٿر جي گفا کي جاچيندو رھيو، جيڪو اگربتين جي دونھين سان ڪوئلي جي چاپڙن جھڙو ڏيک ڏئي رھيو ھو. ھنن پاڻ ۾ ڪجھه نه ڳالھايو. گيتا پھرين گفا مان نڪري، ڪجھه قدم ڀري ٻئي ننڍي گفا ۾ نوڙي ڪري داخل ٿي. جنھن جي ڊيگھه تقريبن 10 کان 15 گز ٿيندي. ھن گفا ۾ صرف ھڪ بلب ٻري رھيو ھو. سجاد کانئس پچيو، “ھن غار ۾ ته ڪجهه به نه آھي، نه ڪا تصوير، نه مورتي… ڇو؟ ۽ ھي اڳيان بند ڇو آھي؟” گيتا چيو، “ديوي ماتا ھن سرنگھه مان ھنگلاج وئي ھئي ۽ پوءِ ھي پاڻھئي قدرتي بند ٿي ويو.”
ھو ٻئي ڪُٻڙو ٿيو بيٺا ھئا، جو بلب ٻه ٽي جھمڪا ڏئي، وسامي ويو. چوڌاري بي انت، قبر جھڙي اونھي اونداھ ٿي وئي. بي حد و حساب، ھيبتناڪ تاريڪي! گيتا ڊپ ۾ سجاد کي چنبڙي پئي. ھن ھڪ ھٿ سان گيتا کي سنڀاليو ۽ ٻئي ھٿ جي سھاري سان ڀت کي ٽيڪ ڏئي ليٽي پيو. ھن جي اندر ۾ اڳ ئي پيار جي دونھين دُکيل ھئي. ويتر جو گيتا جا آلا وار سندس پيشانيءَ تي پيا، ته دُکندڙ دونھينءَ ڀڙڪو ڏنو. ھُن جي نازڪ دلڪش بدن جي نرمي ڄڻ ته بجليءَ جيئان مٿس ڪِري. کيس ٻانھن ۾ جڪڙي ڇڏيائينس. ھوءَ چاھيندي به پاڻ کي ھن کان جدا نه ڪري سگھي. کيس پھريون ڀيرو سجاد جي ٻانھن جي ٻَل محسوس ٿي. ٻئي سُڌ ٻُڌ وڃائي ويٺا ۽ پوءِ آدجڳاد جي آگ، سرير جي سرڳ جي آگ، چنڊ جي چکيا، ڄر ۽ ڄڀيون. ان کان اڳ جو اونھي اونھي اماس مٿن طاري ٿي وڃي، ٻاھر مُک گفا ۾ کڙڪو ٿيو. ھوءَ ڇرڪجي پئي ۽ مدھوشي منجھان موٽ کائي، پاڻ ڇڏايائين. ٻئي اٿاھ اوندھ ۾ ھٿوراڙيون ھڻندا گفا جي منھن مان اچي نڪتا. گيتا تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگھون ڀري، مُک گفا جي لوھي گيٽ مان نڪري، آستانو لتاڙيندي، اسٽيئرز تان لھي وڃي ڪار ۾ ويٺي. سجاد به پٺيان لڳو آيس. مِينھن بند ٿي ويو. ھو ڪار ۾ چڙھي روانا ٿي ويا.
رستي ۾ گيتا مسلسل روئي رھي ھئي ۽ سجاد کانئس اکيون نه پئي ملائي سگھيو. ھن ڪار جي اسپيڊ گھٽائي ۽ ساڻس ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھُن ڪو جواب نه ڏنو. گونگا ڳوڙھا ڳاڙيندي رھي. “گيتا پليز!” ھن بار بار ساڻس ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي. نيٺ گيتا رڙ ڪئي، “شٽ اپ! تنھنجي ھمت ڪيئن ٿي مون کي ھٿ لائڻ جي…؟ سجاد عرضي ڪئي،” آئي ايم سوري! مون کي الائي ڇا ٿي ويو ھو. ڪو ھوش نه ھو. گيتا ڳوڙھا اُگھي ويتر تِکي ٿيندي چيو، “بس ڪر! سڀ سمجھان ٿي.” سجاد پنھنجي سر تان بار لاھيندي چيو، “پليز گيتا! تون پاڻ به ته ان وقت خاموش ھئينءَ.” پنھنجي ھرکجي وڃڻ تي ھوءَ ڪجھه ڪجھه شرمسار ٿي.
سجاد باءِ پاس تان ڪار ڊوڙائيندو اچي ھڪ ريسٽورينٽ تي بيٺو. گيتا چيو، “گاڏي ڇو بيھاري اٿئي…؟ ھل دير پئي ٿئي.” سجاد چيو، “بس ٻه منٽ ۾ اچان ٿو.” ھو ريسٽورينٽ تان ٻه ڪپ ڪافي وٺي آيو ۽ ٻيھر روانا ٿيا. گيتا خاموشيءَ سان سپ ڀريندي رھي ۽ آھستي آھستي نارمل ٿي وئي.
سنڌ جي سرحد پار ڪندي گيتا ٿڌي لھجي ۾ چيو، “سجاد پوءِ ڇا سوچيو اٿئي؟ مان وڌيڪ انتظار نٿي ڪري سگھان.” سجاد لاچاريءَ مان چيو، “گيتا سڀ ڪجھه تنھنجي ھٿ ۾ آھي، توکي فيصلو ڪرڻو آھي.”
گيتا ھن ڏي ڏسي پنھنجو چٽو موقف رکيو: “مون توکي اڳ به چيو آھي، مان پنھنجو مذھب قطعي تبديل نه ڪنديس، کڻي ڇا به ٿئي.”
سجاد کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي: “محبت ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجھه جائز آھي، پليز! سمجھه ڳالھه کي.” گيتا سخت غصي ۾ اچي ھڪ طنزيه جملو سجاد جي منھن تي وھائي ڪڍيو: “محبت ۽ جنگ ۾ منھنجي لاءِ ڇو سڀ ڪجھه جائز آھي…؟ تنھنجي لاءِ سڀ ڪجھه جائز ڇو نه آھي…؟” سجاد گيتا جي طنزيه جملي جي ڀاڃ نه ڪري سگھيو ۽ کيس قائل ڪرڻ لاءِ رواجي دليلن سان ڪم ھلايو: “ڏس گيتا، مون ھميشه تنھنجي مذھبي جذبن جو احترام ڪيو آھي. مان ڪُنڌ ذھن نه آھيان، پر توکي ته خبر آھي ھي سماج ڪيڏو نه بي رحم آھي، اسان کي جيئڻ ڪونه ڏيندو. توکي محبت جي صدقي مذھب مٽائڻو پوندو.”
گيتا پنھنجن حواسن تي ڪنٽرول ڪندي، ڪمان ڇڪي، ھڪ طنزيه تير ھن ڏي وھايو، اھو سوچي ته سجاد ڍير ٿي پوندو: “اھا ڳالھه ته مان به توکي چئي سگھان ٿي…؟” سجاد بيريئر تي ھلڪو بريڪ ڏئي، آخري گيئر وجھي، ايڪسيليٽر تي پير رکيو. روڊ تي گاٺ پيدا ٿي. انھيءَ چرڙاٽ منجھه سجاد پنھنجو ڀاري آواز ملايو، جيڪو گيتا جي ڪنن تي ائٽم بم جيئان ڦاٽو: “ڇا مطلب…؟” گيتا سجاد جي چھري جا اچانڪ بدلجندڙ تاثر ڏسي گھٻرائجي وئي. ٽشو ڪڍي چھرو ۽ نِرڙ صاف ڪيائين. دل ٻڌي دٻيل لفظن ۾ چيائين، “مان ڇو قرباني ڏيان…؟ محبت جي صدقي مون ته اھڙي فرمائش توکان ناھي ڪئي…؟”
سجاد جا مذھبي احساس ۽ جذبا جاڳي پيا. ھن ڀڙڪو ڏنو: “خبردار! زبان سنڀالي ڳالھاءِ. مان “مسلمان” آھيان. مون سان شادي ڪرڻي اٿئي ته توکي مسلمان ٿيڻو پوندو. ديٽ از اٽ.” گيتا سندس آتش فشان اکيون ڏسي پھريان ته ڊڄي وئي، پر سُتت ئي فيصلو ڪيائين ته اڄ پوئتي نه ھٽندي ۽ ساڻس ھڪ ھڪاڻي ڪندي. ھن ڪڙي سچ جو زھر، پيالي ۾ ڀري، سجاد جي وات ۾ اوتي ڇڏيو ۽ کيس چيو: “اڇا! شاديءَ جي ڳالھه تي توکي منھنجو مذھب ڇو ياد آيو آھي…؟ جنھن وقت منھنجي مٿان آھلجي پيو ھئين، ھٿ نه پئي ڪڍيئي، ان وقت تنھنجي “مسلماني” ڪٿي ھئي…؟” سجاد ڪڙي سچ جو زھر ڳيت ڏئي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھضم نه ڪري سگھيو ۽ اُمالڪ اٻڙاڪ ڏئي، الٽي ڪري ڪڍي ڇڏيائين. وٽس ھن جي سوال جو ڪو جواب نه ھو. گيتا روئي چيو، “ھن وقت منھنجو جسم تنھنجي لاءِ حلال آھي، باقي شاديءَ لاءِ حرام ڇو…؟”
سجاد دليلن جي ڌُٻڻ ۾ چيلھه تائين لھي ويو… ۽ ٿاڦوڙا ھڻڻ لڳو، پر ويتر ويو دٻجندو. اسلام آباد تائين گيتا مَٿس وارَ مٿان وارُ ڪري، سندس منھن پَٽيندي رھي: “مون تنھنجو مذھب ڏسي توسان ايترا سال محبت ناھي ڪئي، نه ئي شاديءَ لاءِ مون کي تنھنجي مذھب سان ڪو مسئلو آھي. توکي پنھنجو مذھب ايترو پيارو آھي، ته مون کي به ايترو ئي پيارو آھي.” ھو ٻِئي ڏينھن اڌ رات جو اسلام آباد پھتا. سجاد گيتا جي اپارٽمينٽ ٻاھران بريڪ ڏنو. ھوءَ ڪار مان لھي بنا موڪلائي وڌي وئي، سجاد کيس ڏسندو رھيو. چند قدم ڀري واپس موٽي آئي. سجاد ڊور جو شيشو ھيٺ لاٿو. ھوءَ نوڙي، ساڻس اکين ۾ اکيون ملائي چوڻ لڳي: “آئنده مون سان ملڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ، گڊ باءِ!” محبت ۽ مذھب جي جنگ ۾ محبت ھارائي وئي.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو