ڪهاڻي: لبنان اسرائيلي حملن جي ضد ۾…
”ٻڌ ته…“
“جي…”
سارنگ ۽ صنوبر بي ايس پوليٽيڪل سائنس جي ٽئين سال جا اسٽوڊنٽ ھئا ۽ ڪلاس ختم ٿيڻ سان ئي ڊپارٽمينٽ جي ڪاريڊور مان آرٽس فيڪلٽيءَ جي لان ڏانهن وڃڻ لڳا ته سارنگ چيس، “لان ۾ ويھي سڪون سان ڊسڪشن ڪري سگهجي ٿو جو مون کي خبر آهي ته ڏکڻ لبنان تي اسرائيلي ڊفينس فورسن ايران-آمريڪا امن معاھدي تي سگنيچر ٿيڻ کانپوءِ به خوفناڪ حملا ڪري ڄڻ ته امن معاھدي کي تباهه ڪرڻ جي زبردست ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ ھاڻي وري صدر ٽرمپ ۽ آمريڪي ميڊيا کان ايپسٽين فائيل به وسري ويا آهن…” ڪجهه گھڙيون ڏاڪڻ تان لھي سڌا ٿيا ته سارنگ وري چيس، “ائين آهي نه…”
“سمجهي وڃين ٿو…” صنوبر مڪ اولاريندي چيس.
“بي ايس جي پھرين سال ۾ مون کي ته خبر ھئي پاليٽڪس ڇا آهي… ۽ ھا… دڙڪا ڪيڏا ڏيندي ھئينءَ… مڪون اولارڻ به ياد اٿم…” سارنگ مسڪرائيندي چيس.
ٻنهي کان ٽھڪ نڪري ويا… ٽھڪن ۾ اچي لان تي ويٺا.
“ھاڻي تنهنجو ويزن گهرو ٿي ويو آهي ظالم…” صنوبر به مسڪرائيندي چيو.
“تنهنجي مڪن اولارڻ مون کي گهڻو ڪجهه سيکاريو آهي…” سارنگ به ٿورا مڃڻ واري انداز ۾ سر جهڪائيندي تعبيداري واري انداز ۾ چيو.
“ٻه ڪٽ، ٻه سموسا رائتي سان…” صنوبر فرمائش ڪندي چيو.
“جي سر” سارنگ فرمانبرداريءَ واري انداز ۾ جواب ڏيندي چيو.
“ھي نڀاڳو نيتن ياھو ته جنگ کان مڙي ئي نٿو توڙي جو صدر ٽرمپ گاريون ڏنيون اٿس ۽ نائب صدر جي ڊي وينس ته لتاڙ ڪئي اٿس، پر پوءِ به…” صنوبر ٿورو سيريس ٿيندي سوال ڪيو.
“نڀاڳي اسرائيلي سيڪيورٽي منسٽر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سڄو لبنان سڙندو…!!” سارنگ سندس جملي کي ڄڻ ٽيڪو ڏنو.
“ھا… پر ھاڻي ته آمريڪا ۽ قطر گڏجي ايران ۾ انساني معيار کي بھتر ڪرڻ لاءِ اربين ڊالر ڏيڻ ۽ خرچ ڪرڻ جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ايراني حڪومت سان رابطي ۾ آهن… پر ھو (نيتن ياھو)…” صنوبر ڄڻ نيتن ياھوءَ کي گاريون ڏيڻ واري هئي، پر پنهنجي زبان کي بريڪ لڳائي ڇڏي…
“…پر نيويارڪ ٽائيمز جي انويسٽيگيٽو رپورٽ ڏس ته ڇا ٿي چوي…” سارنگ چانھن جي سرڪ ڀريندي چيو، “آمريڪي انٽيليجنس آفيسر ٿا چون ته اسان کي اميد نه آهي ته ڪو اسرائيل حزب الله جي خلاف حملا بند ڪندو…” سارنگ ڄڻ آمريڪي انٽيليجنس آفيسرن جي بيان جو تجزيو ڪندي چيو.
“ٺيڪ آهي… پر ايران لبنان جي جنگ بند نه ڪرڻ جي پسمنظر ۾ ھرمز جي سامونڊي لنگھه کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي…!!” صنوبر به چانھن جي سرڪي ڀريندي چيو، “مقصد ته نيتن ياھوءَ جي حرامپائي ڪامياب ٿي ڏسڻ ۾ اچي نه…” سارنگ ڄڻ صنوبر جي ها ۾ ها ملائيندي چيو.
“تنهنجي سوالن جا جواب گهڻا ۽ گهرا ٿي سگهن ٿا، پر منهنجي خيال ۾…”
پھريون سبب ته نيتن ياھو اسرائيل کي خطي جو پوليس مين بنائڻ سان گڏ سڀني اسلامي ملڪن کي ابراھام اڪارڊ ۾ آڻي سڄي اسلامي دنيا سان لاڳاپن کي بهتر ڪري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته يھودي ئي الله جي پسنديده قوم آهي. ان کانسواءِ صدر ٽرمپ سياستدان کان علاوه ھڪ وڏو بزنس مين آهي ۽ ھن جو نياڻو جيئرڊ ڪشنر ۽ سندس خاص نمائندو اسٽيو وٽڪاف آمريڪي صدر جي سفارتڪار ھجڻ سان گڏ سندس واپار جو سيٽ اپ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندا ٿا رھن. جڏهن ته غزا جي جنگ کان وٺي پيس بورڊ جو ٺھڻ به هڪ ڪاروباري معاملو نظر اچي ٿو ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ وري اسٽيو وٽڪاف ۽ ناياب ماڊو/ريئر ارٿ ميٽل تي سياست ڪري رهيا آهن. خبر اٿئي انهن ملڪن ۾ جنگ بند ڇو نٿي ٿئي، ڇو ته انهن ۾ آمريڪا جا نه، پر ٽرمپ جي واپار جا مفاد گڏيل آهن…!”
ٻئي پاسي وري ٽرمپ جو واپار عالمي يھودي واپارين سان ٽڪراءُ ۾ اچي ويو آهي، ڇو ته ان کان اڳ سڄي دنيا جي واپار تي يھودين جو قبضو ھو ۽ ساڳئي ريست سڄي دنيا جي ملڪن جي سياست، حڪومتن جي ٺاهڻ ۽ ڊاھڻ ۾ به انهن جو ھٿ ھوندو ھو، پر هاڻي ٽرمپ صاحب پهريون صدر آهي جنهن يھودين جي ڪاروباري ٻيڙي ۾ ڄڻ سوراخ ڪري ڇڏيو هجي. اهو ئي سبب آهي جو ايران جي سلسلي ۾ هو يھودين کي ويجهو ئي نٿو اچڻ ڏئي.
اها به حقيقت آهي ته يهودين ۾ ايترو دم به ڪونهي جو اهي آمريڪي صدر سان سڌي جنگ ڪري سگهن. تنهنڪري امن معاھدي جي ڏکندڙ رڳ لبنان تي پيا حملا ڪجن جيستائين ٽرمپ مجبور نه ٿئي…”
“ھل ڙي ڇورا…” صنوبر ذري گھٽ رڙ ڪندي چيو، “اڙي ڇورا… ايڏو انٽيليڪچوئل ٿي ويو آهين…”
صنوبر انٽيليڪچوئل اھڙي ته پياري انداز سان چيو جو سارنگ چتاُئي ڏٺس ته هن شرمائيندي ڳالهه کي ٻيو رخ ڏيڻ لاءِ بيري کي سڏ ڪيو.
“ھا… مان ڇا پئي چيو… ٻه ڪٽ ٻيا کڻي اچ…” صنوبر ڳالهه بدلائيندي بيري کي چانھن کڻي اچڻ جو چيو.
“اڃان لبنان جي جنگ جا ٻه پھلو آهن: پھريون مذهبي ۽ ٻيو سازشي نظريو…” سارنگ ٿورو وڌيڪ وضاحت ڪندي ٻڌايو.
“مذهبي ۽ سازشي نظريو ڪيئن ڇورا…!!” صنوبر وري ھلڪي پيار واري انداز مان پڇا ڪيس.
“مذهبي ان ڪري جو جڏهن صدر ٽرمپ 2017ع ۾ وال آف رپيٽينس جو دؤرو ڪري سڀني عرب ۽ اسلامي ملڪن کي ابراھام اڪارڊ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ سان گڏ ڌمڪي پڻ ڏني ته اسرائيل جا ڪٽر يھودي عالم پيشنگوئيون ڪرڻ لڳا ته اسان جو آخري نجات ڏياريندڙ مسيحا جو اچڻ ويجهو آهي ۽ صدر ٽرمپ اسان کي ٽن ھزار سالن کانپوءِ يعني سائرس اعظم کانپوءِ ھيڪل سليماني ٺھرائي ڏيندو، تنهنڪري طاغوتي قوتن کي انهن جي ٻارن کي به قتل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن مسيحا اچڻ لاءِ راهه هموار ٿئي…!”
“۽ جيڪو آمريڪي صدر جو ايپسٽين فائيل ۾ حشر ٿيو آهي سو يھودين کان وسري ويو آهي…” صنوبر سارنگ کان ترش نموني سان پڇيو.
“ڏس نه… ھو ٽرمپ کي عيسائي سمجهي ذليل ٿا ڪن جنهن يھودين سان دوکو ڪيو جيڪو توريت جي نشانين جو انڪار ڪندڙ آهي..” سارنگ ٿوري وضاحت ڪئي.
“ٺيڪ آهي، پر سازشي نظريي جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي… “منهنجي به سازشي نظرين تي گھري نظر آهي…” هن لفظن ۾ گهرائي پيدا ڪندي چيو.
“ھيءَ آئون توکي بي بي سيءَ جي تصديق ٿيل خبر ٿو ڏيان ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران سان جنگ جي دؤران آرٽيفشيل انٽيليجنس کان جنريٽ ٿيل وڊيو ڪلپس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن، سي سڀ مونيٽائيزنگ جي لاءِ ھيون…” “سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ايران جو رھبر شھيد ٿيو ۽ ان سان آءِ آر جي سي/پاسداران انقلاب جي قيادت ۽ ٻيون شھادتن سان گڏ تقريبن سڄو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿئي، پر وري ايران مڊل ايسٽ جو طاقتور ملڪ به بڻجي ويو…”
“ھي ته غور طلب نقطو آهي…” صنوبر ھي لفظ چوندي سارنگ جو ڌيان ڪلاس ڏانهن ڇڪائيندي چيو، “ڳالهه ۾ ٿورو دم آهي، پر ھن آخري نقطي تي ڀرپور ڊسڪشن ٿيندو…!” هن جلد خالي ڪپ رکندي پنهنجا ڪتاب ۽ بيگ کڻندي اٿندي چيو. ڇو ته ڪلاس شروع ٿيڻ وارو هو.
***
هي مضمون ڪيئن رهيو؟