مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪهاڻي: يقين جي سرحد کان پري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪڏهن قلم ته ڪڏهن سگريٽ هوندو هو، ٻنهي ۾ فرق صرف اهو هو ته، قلم ڪردارن کي زندگي ڏيندو رهندو هو ۽ سگريٽ منهنجي زندگي کسيندو رهندو هو… سامهون رائٽنگ ٽيبل تي ڪاغذ رکيل هئا، پر مان پنهنجي ڪمري ۾ گذريل ٻن اڍائين ڪلاڪن کان خاموش ويٺو هئس.
ڪهاڻي لکڻ جي لاءِ مون وٽ ڪيترائي موضوع هئا، ڪيئي ڪردار اکين اڳيان ظھور وٺي رهيا هئا، جن کي کڻي بس ڪاغذ تي رکڻو هو… جيئن وجودي ڪهاڻي لکڻ لاءِ مون کي هڪ ڪردار چئي رهيو هو ته؛ “آئون پنهنجي شعور، سوچ، آواز، عمل ۽ ياداشت جو اڪيلو گواهه آهيان!”، پر مون ان جي پس پردا ڳالهه ڏانهن ڌيان نه ڌريو هو، اهڙي اهم ڳالهه ڏانهن ڌيان نه ڌرڻ جو ڪارڻ هڪ تصور هو.
مان خاموش هئس، هڪ پُور مون منجهه پچي رهيو هو، اندر ۾ آوي بڻجي ويو هئس. فڪر ۾ وڏي آتش آهي، جيڪا اونده کي هڪدم مات ڏئي سگهي ٿي. مان اونده ۾ ڏيئي جهڙي ڪهاڻيءَ بابت سوچي رهيو هئس.
شايد، مون کي ڪنهن خاص خيال جو انتظار هو. اهڙو خيال جيڪو جڏهن ڪاغذ تي اچي ته ڪنهن به عام ڪردار جي يقيني ڪهاڻي بڻجي سگهي. يقيني ڪهاڻيءَ مان منهنجي مراد هئي ته؛ اها نهيءَ ڪردار جي سچي ڪهاڻي بڻجي سگهي.
ٽيبل تي رکيل ڪافيءَ جي ڪوپ مان ٻاڦ نڪرڻ بند ٿي چڪي هئي… ۽ ائين جڏهن به ٿيو هو ته مون کي لڳندو هو ڄڻ جسم مان روح نڪري ويو هجي. ڪمري جي خاموشيءَ ۾ وال ڪلاڪ جي سيڪنڊن واري ڪانٽي جي ٽِڪ ٽِڪ… ٽِڪ هڪ رڌم سان آواز پيدا ڪري رهي هئي، ان آواز هميشه منهنجي سوچ کي مهيمز بخشي هئي.
منهنجي ذهن جي ضعيف ريلوي اسٽيشن تان ماضيءَ جون ڪيتريون ئي ريلون بغير بيٺي گذري رهيون هيون ۽ آئون ڪنهن اجنبي ٻار جيان کين حيران ٿيندي ڏسي رهيو هئس. انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي سوچن جو دونهون منهنجي وجود کي وڪوڙي ويو هو.
عمر چڙهڻ بعد، هڪ معاملو مون سان درپيش اچڻ لڳو هو، آئون هر ڳالھه تي هڪدم شڪ ۾ مبتلا ٿي ويندو هئس، اهڙو شڪ جيڪو جيئري ماڻهوءَ تي مئل هجڻ جو ٿيندو آهي ۽ مئل ماڻهوءَ تي جيئري هجڻ جو ٿيندو آهي.
زندگيءَ جي سنھي تار جهڙي سڌي رستي تي گهڻو سفر ڪري چڪو هئس، جنهن ۾ موجوده معاشري جي اخلاقي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن هيٺ زندگيءَ جون ڪيتريون ئي ذميواريون به پوريون ڪيون هئم. ذائقي دار طعام کاڌا هئم، ڪيترن ئي برانڊن جو شراپ به پيتو هئم، دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين جو ادب هڪ ئي ٻوليءَ ۾ پڙهندو رهيو هئس، ڪيئي قديمي ماڳ گهميو هئس، ڪيترين عورتن جي سُرنگ منجھه سري سک ماڻيو هئم، شادي به ڪيم، ٻه ٻار به پيدا ٿيا، جيڪي جنريشن گيپ جي ڪري، مون کان نفسياتي طرح پري ٿي چڪا هئا… پئسو به ڪمايو هئم… پر پوءِ به آئون اڪيلو ۽ اداس رهندڙ شخص رهيو هئس. تمام ڪارگذارين مان هڪ خاص لطف مون کي ڪهاڻي لکڻ ۾ ملندو رهيو هو. زال کان جسماني عليحدگيءَ کي اٺاويھه سال ٿي چڪا هئا، گهر ۾ اڪيلو رهندو هئس، بلڪه رات ڏينهن پنهنجي لائبريريءَ ۾ ئي هوندو هئس.
وقت گذرڻ سان ڪابه ڪهاڻي لکڻ کانپوءِ، مون کي ان ڪهاڻيءَ جي اندر پيش ڪيل سچ تي شڪ ٿي پوندو هو، مون کي شدت سان محسوس ٿيندو هو ته؛ جيڪا ڪهاڻي مون لکي آهي، سا مڪمل سچ ته ناهي، پر اڌ سچ به ناهي… پوءِ مان سچ جي وجود بابت سوچيندو هئس ته مون کي خيال ايندو هو؛ سچ اڃان ڄائو ئي ناهي، پر جيڪڏهن ڄمي چڪو آهي ته ابهم ٻار جيان آهي، جنهن کي جوان ٿيڻ ۾ صديون لڳنديون ۽ پوءِ ئي هڪ انسان ٻئي انسان جي يقيني ڪهاڻي سمجهي سگهندو… وڌيڪ سوچيندو هئس ته؛ مڪمل سچ جي دريافت سان ئي لامحدود ڪائنات محدود ٿي ويندي ۽ انسان ستارن تي پير رکي سموري ڪائنات پيو گهمندو. سچ جي مڪملتا متعلق منهنجيون سوچيون عجيب ۽ اسرارن ڀريون هونديون هيون، جن تي اڪثر آئون پاڻ به شڪ ڪندو رهندو هئس.
منهنجي ذهن جي افق تي هڪ خيال پکيءَ جيان پر هڻي اڏامي آيو هو، ٺريل ڪافي مان هڪ ڍڪ ڀري، هڪدم ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي هئم؛
هوءَ هڪ خوبصورت ۽ قدآور شهزادي آهي، سندس ناسي رنگ جا وار چيلهه کان به هيٺ لڙڪي رهيا آهن. هن جي حُسن جي هاڪ هر هنڌ هُلي چڪي آهي. ڪيترين ئي سلطنتن جا شهزادا سندس عشق ۾ مبتلا آهن، هرڪو سندس بدن جي بيھڪ ڪاڻ کيس حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هڪ سئوٽ کيس سندس وزن جي برابر سون ۾ توري شادي ڪرڻ چاهي ٿو، ان جو جذبو سچو آهي، جنهن ۾ شدت به آهي… پر هوءَ پنهنجي هڪ خاص نوڪر کي چاهي ٿي، جيڪو هڪ اک کان ڪاڻو آهي. بادشاهه سلامت سندس کاٻي اک پنهنجي راڻيءَ ڏانهن کڻڻ جي ڏوهه ۾ ڪڍرائي ڇڏي آهي.
هڪ ڏينهن، هوءَ کيس پنهنجي خواب گاهه ۾ وٺي آئي آهي، ساڻس هم خوابي ڪرڻ لڳي آهي. سندس ڪاڻي نوڪر جي افزائش جو عضوو غير معمولي حد تائين ان شهزادي کان وڏو آهي، جنهن سان هوءَ پهريون ڀيرو آشنا ٿي هئي. هوءَ لذت جي لھرن ۾ آهي… هر مؤج کيس مت ڏئي رهي آهي، ڪاڻو نوڪر سرير جي ساگر ۾ سڙه لهرائي رهيو آهي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، هوءَ پنهنجي ان نوڪر ساڻ محل ڇڏي ڀڄڻ لڳي آهي، محل جو چور دروازو ٽپڻ وقت قلعي جي ڪنهن مورچي تان هڪ سپاهيءَ کيس تيز تير هنيو آهي، جيڪو سندس ساڄي اره جي آر پار ٿي ويو آهي ته، کانئس رڙيون نڪري ويون آهن… هن پنهنجن ٻنهي هٿن سان رتورت ٿيل پستان کي پڪڙيو آهي ۽ پوءِ اتي ئي هڪدم بيهوش ٿي ڪري پئي آهي.
انهيءَ ئي لمحي سندس اکيون کُلي ويون آهن، اسپتال جي ٿڌي ڪمري ۾ کيس پگهر اچي ويو آهي، هوءَ سراپا حيرت جو عجوبو بڻجي چڪي آهي… جڏهن، هن پنهنجي ڇاتيءَ ڏانهن ڏٺو آهي ته؛ اتي کاٻو اُره اڪيلو آهي.
کن پل ۾ ايتري ڪهاڻي لکڻ کانپوءِ، ڪافي پيئڻ لڳو هئس، ڪافي پيئندي مون کي سگريٽ ياد اچي ويا هئا، مگر في الحال پيئڻ نه پئي چاهيم، ڇاڪاڻ منهنجي هٿ ۾ قلم هو… بريسٽ ڪينسر جي پسمنظر ۾ لکيل مختصر ڪهاڻيءَ تي نظر ڦيرائڻ لڳو هئس.
ڪهاڻيءَ جي ابتداءِ ۾ ئي جنسي منظر هو، پڙهندڙ جو ڌيان يقيني طور تي لذت جي لهرن ۾ ڇلڪندڙ عورت ڏانهن ويندو، هُو ان شهزاديءَ جي عرياني ضرور اوراگهيندو ڪندو… ۽ لطف به ماڻيندو، پر جڏهن آخر ۾ انهيءَ عورت جي اڪيلي ببي سان تصوير ڪشي ڪندو ته؛ اداس رهجي ويندو! سوچيو هئم.
قلم پاسي تي رکي، سگريٽ دکايو هئم. بي انتها سگريٽن سبب الويوليون متاثر ٿي چڪيون هيون، پر عمر جي عذاب ۾ انهيءَ زهريلي دونهين ذريعي هڪ سڪون ماڻيندو رهيو هئس. ويهن سڪينڊن جي اندر اندر ٻيون وڏو ڪش هنيو هئم، سُرور دماغ تائين پهچي چڪو هو. سگريٽ کي ايش ٽري ۾ رکي ڇڏيو هئم، ڊيسڪ چيئر تي پوئتي ٽيڪ لڳائيم ته پاڻ کي هلڪو ۽ هوائن ۾ محسوس ڪري رهيو هئس.
ڪرسيءَ جي ڀرسان ئي منهنجي زال جو مجسمو رکيل هو. آئون ساڻس محبت ڪري نه سگهيو هئس، پر جيڪا محبت سندس مون ساڻ هئي، سا فراموش به نه ڪري سگهيو هئس. درحقيقت محبتون ڪنهن جون به هجن ڪنهن کان به فراموش ناهن ٿي سگهنديون، اهو ان جذبي جي وجدان جو ئي ڪمال هوندو آهي جو محبت جو احساس هميشه پنهنجي جوهر سان قائم رهندو آهي… پر وقت گذرڻ سان زال مون کي الڳ الڳ روپن ۾ ياد اچڻ لڳندي هئي، جنهنڪري آئون پنهنجي ياداشت تي به شڪ ڪندو هئس ته؛ ياداشت جو وجود به معدوم ٿي چڪو آهي.
سگريٽ جو ٻيو ڪش هڻندي مون کي شڪ ٿيڻ لڳو هو ته؛ هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙ وٽ عورت لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ جي بجاءِ عورت ڏانهن جنسي ڪشش کي وڌائيندي، پڙهندڙ اهڙي الميي بابت ڪجهه به نه سوچيندو! پر آئون سوچڻ لڳو هئس ته؛ ڇا هن ڪهاڻيءَ جو مقصد صرف اهڙي ڪردار لاءِ همدرديءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي!؟
ڪجهه پل ان سوال تي سوچيندو رهيو هئس، بي خياليءَ ۾ انهيءَ عجيب ۽ با معنيٰ سوال آواز جو روپ ورتو هو، خاموش ڪمري ۾ جنهن پل منهنجو آواز ڦهليو ته ٻئي پل ئي منهنجين سماعتن تائين هڪ اڻ ٻڌل آواز پهتو هو؛ “نه!”
پهرين مون کي پنهنجن ڪنن تي شڪ ٿيو، پر پوءِ مون محسوس ڪري ورتو هو ته، اهو آواز مجسمي مان آيو هو. هڪدم مڙي ان ڏانهن ڏٺو هئم… ۽ ڌيان ڌريو هئم ته؛ هيءُ مجسمو آهي انسان ناهي، جو آواز ان مان اچي! پر آواز جي جنم متعلق مون منجهه شڪ پيدا ٿي پيو هو ڇاڪاڻ مجسمي جي چهري تي همدريءَ جو تاثر هو.
مون ٻيهر غور ڪري ڏانهنس ڏٺو هو ته مون کي يقين ٿي ويو هو، مجسمي جي اکين ۾ ڳوڙها به هئا… ان جي انداز مان ائين ڀاسجي رهيو هو ته؛ مجسمو مون کي ڪهاڻيءَ متعلق يقيني سچ ٻڌائڻ چاهي ٿو.
مان ڪجهه گهڙيون هڪ ٽڪ مجسمي کي گهوريندو رهيو هئس ته، مون کي پنهنجي ديد ڌنڌلي محسوس ٿي، چشمو لاهي بي خوابيءَ ۾ مبتلا پنهنجين اکين جا ڳوڙها اگهيم. جيستائين ڳوڙها اکين ۾ هئا ته سچ هئا، پر اگهڻ کانپوءِ ڪوڙ ٿي پيا هئا… ڪوڙ جيڪو ٽشوءَ پاڻ ۾ ائين جذب ڪري ڇڏيو هو، جيئن مٽي ماڻهوءَ کي جذب ڪندي آهي.
ايتري مختصر معياد ۾ ايش ٽري منجھه پيل اڪيلو سگريٽ مڪمل سڙي چڪو هو، لائبريريءَ جي ماحول ۾ معمولي دونهون ڦهلجي چڪو هو. مون هڪ ڀيرو وري مجسمي ڏانهن ڏٺو ته؛ ان ڀيري عورتاڻي مجسمي جي ڇاتيءَ تي صرف کاٻي پاسي اڀار هو.آئون اچرج ۾ اچي ويو هئس.
هڪدم اٿي اوڏانهن تڪڙا قدم کنيا هئم… مان مجسمي جي بلڪل سامهون وڃي بيٺو هئس، ان پل اچانڪ ائين محسوس ٿيو هو ته؛ ڄڻ زندگي اک ڇنڀ ۾ اٺاويھه سال پوئتي موٽي چڪي آهي ۽ منهنجي زال پنهنجي ڀرپور جوڀن سان منهنجي سامهون بيٺي آهي، سندس ساهن سان هن جي ڇاتين جو اڀار منهنجي سيني سان ائين ٽڪرائجي رهيو آهي، جيئن بي پرواهه ڪناري سان لهرون ٽڪرائجي، وري واپس موٽي وينديون آهن… لهرن جي اهڙي ئي بي ترتيب تيزيءَ ۾ مون کي محسوس ٿيو هو ته؛ سامهون بيٺل واءَ جهڙي وجود کي اڪيلو اره آهي، جيڪو مون کي سيني جي ساڄي پاسي چڀي رهيو آهي. مون کي سيني ۾ زخم ٿي پيو آهي، جنهن مان رت وهي رهيو آهي… ٻئي پل سُور جي شدت ڪاڻ مون انهيءَ مجمسي کي هڪدم پاڻ کان پوئتي ڌڪي ڇڏيو هو.
اهو مجسمي جي موت جو لمحو هو، جنهن مون کي زنده ڪيو هو ۽ آئون ٽڪرا ٽڪرا ٿيل مجسمي کي حيرت ۽ ڏک مان ڏسي رهيو هئس.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو