مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

احساساتي ڪهاڻي: گُر کي گڏيا ڪاپڙي

Noor Sindhi

سينئر صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

شهدادپور جي ابڙا پاڙي ۾ چاچا عرس لاکي جي هڪ هوٽل هوندي هئي. اڄ به ان جاءِ تي سندس پٽن جي هوٽل آهي، پر وقت ان جاءِ جو روپ بدلائي ڇڏيو آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ ڪچي ڀتين، سادي ڇت، ٽٽل فرش ۽ ڪاٺ جي بينچن واري هوٽل هوندي هئي، اتي هاڻي پڪي هوٽل بيٺي آهي. ڀتيون بدلجي ويون، ڪرسيون بدلجي ويون، هوٽل جو انداز بدلجي ويو، پر ڪجهه يادون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي جاءِ بدلجڻ سان ناهن بدلبيون. انهن ئي يادن مان هڪ ڪاپڙيءَ جي آهي. ان زماني ۾ عرس لاکي جي هوٽل رڳو چانهه پيئڻ جي جاءِ نه هئي، پر ابڙا پاڙي ۽ ٻهراڙيءَ کان ايندڙ ماڻهن لاءِ ڪچهريءَ جو ننڍڙو مرڪز هئي. شام ٿيندي ئي ٽٽل بينچن ۽ ڪاٺ جي ڪرسيُن تي ماڻهو اچي ويهندا هئا. ڪنهن ڪرسيءَ جي پٺي ڀڳل، ڪنهن جي ٽنگ ۾ لوڏو ۽ ڪنهن بينچ جو تختو ايترو پراڻو هوندو هو، جو ويهڻ کان اڳ هٿ سان چڪاسي ويهڻو پوندو هو، پر انهن ٽٽل ڪرسيُن تي ٿيندڙ ڪچهريون مضبوط هيون. چاچا عرس لاکي جي کير پتي چانهه جو به پنهنجو مزو هو. ڪوپن مان نڪرندڙ ٻاڦ، کارا بسڪوٽ ۽ سادي مانيءَ جي خوشبوءَ سان گڏ سياست، سماج، روحانيت ۽ زماني جون ڳالهيون هلنديون هيون. ڪو بسڪوٽ چانهه ۾ ٻوڙي کائيندو، ڪو چانهه جي چسڪيءَ سان ڪو نئون قصو ٻڌائيندو ۽ ڪنهن ڳالهه تي سڄي ڪچهري کل ۾ ٻڏي ويندي هئي. انهيءَ هوٽل تي ڪاپڙي اڪثر ويٺو هوندو هو. ڪڏهن گيڙو ڪپڙا، ڪڏهن اجرڪ، ڪڏهن گيڙو پٽڪو، ڪڏهن جناح ڪيپ ۽ ڪڏهن سنڌي ٽوپي پائي ايندو هو. ڪاپڙي سندس اصل نالو نه هو. شهر ۾ شايد ڪيترن کي سندس اصل نالي جي به خبر نه هئي. سڀ کيس ڪاپڙي سڏيندا هئا ۽ هن به ان نالي کي جيئن جو تيئن قبول ڪري پنهنجو تعارف بڻائي ڇڏيو هو. هو ڪنهن زماني ۾ ڪورٽ جو ننڍڙو ملازم رهيو هو ۽ پوءِ پينشن تي گذارو هئس. غربت ساڻس گڏ پئي هلي، پر نه شڪوا نه شڪايت. خوددار، فقير منش ۽ دل جو سخي ماڻهو. ڀٽائي، سچل، سامي، بُلھي شاهه، شاهه ڪريم، وارث شاهه، مخدوم نوح ۽ طالب الموليٰ جي شاعري برزبان ياد هئس. پاڻ به شعر چوندو هو ۽ ڳالهائڻ جو اهڙو ڏانءُ هئس، جو ساڻس هڪ ڀيرو ڪچهري ڪرڻ وارو وٽس هر هر پيو ڇڪجي ايندو هو. پريس ڪلب چاچا عرس لاکي جي هوٽل جي سامهون هوندو هو، سو ايندي ويندي جڏهن ڪاپڙيءَ کي ويٺل ڏسندو هئس ته سندس ڀرسان اچي ويهندو هئس. منهنجي اچڻ تي ڪڏهن چانهه جو ڪوپ اڳتي سرڪائي چوندو: “اچ نور، اڄ ڪهڙي واٽ تان ڦري آئين؟” آئون کلي چوندو هئس: “واٽون ته گهڻيون، پر توسان ڪچهري ڪرڻ لاءِ هتي اچڻ واريون سڀ واٽون هڪ ٿيو وڃن.” پوءِ هو مرڪي ڪو نه ڪو ڀٽ ڌڻيءَ جو بيت پڙهندو. هڪ ڀيري چيائين: “واٽون ڪڏهن هڪ ناهن ٿينديون، نور. ماڻهوءَ جي دل ڪنهن هنڌ بيهي ته سڀ واٽون اتي اچي ملنديون آهن.” لطيف سندس لاءِ شاعر نه، پر سندس سوچ جو حصو هو. هڪ ڏينهن پڇيومانس: “ڪاپڙي، لطيف جي شاعريءَ ۾ توکي سڀ کان وڏو فلسفو ڪهڙو ٿو نظر اچي؟” چانهه ڏانهن ڏسندي چيائين: “لطيف وٽ سفر رڳو پنڌ ناهي. سسئي ڪيچ ڏانهن وڃي ٿي، پر رستي ۾ پنهون سان گڏ پاڻ کي به ڳولهي ٿي. ماڻهو ٻاهر نڪري ٿو، آخرڪار اندر پهچيو وڃي. ماڳ ته نقشو به ٻڌائي سگهي ٿو، پر ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ مان پڙهڻ سکڻو پوي ٿو.” پوءِ مون ڏانهن ڏسي مرڪي چيائين: “تون به رولاڪ آهين، پر تنهنجي رولاڪيءَ جو مطلب تڏهن ٿيندو، جڏهن واٽون توکي ماڻهن تائين وٺي وڃن.” اسان جون ڪچهريون ڪڏهن شاهه ڪريم کان مخدوم نوح تائين، ڪڏهن سچل ۽ ساميءَ تائين ته ڪڏهن بُلي شاهه ۽ وارث شاهه تائين پهچي وينديون هيون. هڪ ڀيري بُلي شاهه جو ذڪر ڪندي چيائين: “بُلي شاهه ماڻهوءَ کي ٻاهرين سڃاڻپ کان اندر جي سڃاڻپ ڏانهن وٺي وڃي ٿو.” وارث شاهه جي هير رانجهي جو ذڪر ڪندي چيائين: “هي رڳو عشق جي ڪهاڻي ناهي؛ سماج جي انهن ڀتين جي ڪهاڻي به آهي، جيڪي انسانن جي وچ ۾ بيهاريون وڃن ٿيون.” مون سوال ڪيومانس: “ڪهڙيون ڀتيون؟” چيائين: “ذات، دولت، خاندان ۽ حيثيت جون.” پوءِ مخدوم نوح ۽ سنڌ جي صوفي روايت جو ذڪر ڪندي چيائين: “هيءَ ڌرتي ماڻهن کي ورهائڻ کان وڌيڪ ملائڻ جو سبق ڏيندي آئي آهي.” مخدوم طالب الموليٰ جو ذڪر آيو ته چيائين ته سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو آهي؛ محبت به آهي، روحانيت به ۽ انسان دوستي به. ان وقت هوٽل جو پيشگير کير پتي چانهه ۽ کارا بسڪوٽ رکي ويو. ڪاپڙي بسڪوٽ چانهه ۾ ٻوڙي آهستي آهستي کائڻ لڳو. بسڪوٽ ڪوپ ۾ ڪري پيو ته مرڪي چيائين: “جلدي ڪندڙ بسڪوٽ به پنهنجو انجام وساري ويهندو آهي.” مون کلندي چيو: “تنهنجي بسڪوٽ کي به فلسفو اچي ويو آهي.” چيائين: “فلسفو بسڪوٽ ۾ ناهي، ماڻهوءَ جي ڏسڻ ۾ آهي.” هڪ ڏينهن مون پڇيو: “ڪاپڙي، ماڻهو تو وٽ ڇو ٿا ويهن؟ تون ته ڪنهن جي مدد جي قابل به ناهين.” هو ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويو. پوءِ چيائين: “مدد رڳو پئسن سان ٿيندي آهي ڇا؟ ڪنهن جي ڳالهه پوري ٻڌڻ به مدد آهي. ڪنهن کي بيعزتيءَ کان بچائڻ به مدد آهي. ڪنهن جي دل جو بار هلڪو ڪرڻ به مدد آهي. اسان رڳو پئسي ڏيڻ کي مدد سمجهون ٿا، پر ڪنهن کي عزت ڏيڻ ڪڏهن ڪڏهن پئسي کان به وڏي مدد هوندي آهي.” مون ڪڏهن به هن کي ڪنهن جي ڳالهه ڪٽيندي نه ڏٺو. هڪ ڀيري هوٽل تي ئي ٻن ڄڻن ۾ ڇتو بحث ٿي پيو. ڪاپڙي گهڻي دير ٻڌندو رهيو، پوءِ چيائين: “اوهان ٻنهي مان هڪ ڳالهه تي ته اتفاق آهي.” ٻنهي پڇيو: “ڪهڙي؟” چيائين: “ٻنهي کي پنهنجي ڳالهه سچي لڳي ٿي.” هوٽل ۾ کل پکڙجي وئي ۽ بحث جو زور ٽٽي پيو. هڪ ڀيري ڪنهن غيرحاضر ماڻهوءَ جي برائي شروع ٿي. ڪاپڙي خاموش رهيو. پوءِ مون ڏانهن ڏسي چيائين: “نور، جيڪو ماڻهو هتي ڪونهي، ان بابت فيصلو ڪرڻ آسان آهي يا ڏکيو؟” مون چيو: “آسان.” چيائين: “ڇو ته هو پنهنجي صفائي ڏيڻ لاءِ هتي ڪونهي.” بس ايترو چيائين ۽ ڳالهه ختم ٿي وئي. ڪاپڙي ڪڏهن پاڻ کي داناءُ ظاهر نه ڪيو؛ هو رڳو سوچڻ لاءِ ننڍڙو دروازو کوليندو هو. هڪ ڏينهن مون پڇيو: “ڪاپڙي، تون شادي ڇو نه ڪئي؟” هو ڪجهه دير خاموش رهيو. پوءِ چيائين: “جوانيءَ ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي دل ڏني هئي.” مون حيرت سان ڏانهنس ڏٺو. چيائين: “هوءَ به مون کي سمجهندي هئي، پر اسان جي وچ ۾ سماج اچي بيٺو.” مون پڇيو: “سماج؟” چيائين: “ها، محبت ٻن ماڻهن جي هئي، پر فيصلو ٻن خاندانن، ذاتين ۽ حيثيتن جو ٿي ويو. اسان ۾ شايد ڪو فرق نه هو، پر اسان جي گهرن جي وچ ۾ وڏو فرق هو.” مون چيو: “پوءِ شادي ڇو نه ٿي؟” هن آهستي چيو: “ڪڏهن محبت منزل تائين نه پهچندي آهي. ڪڏهن اها رڳو هڪ ياد بڻجي سڄي عمر ساڻ هلندي آهي.” پوءِ مرڪي چيائين: “ان کانپوءِ دل ڪنهن ٻئي در تي وڃڻ نه چاهيو. ڪنهن کي الزام نه ڏنم. جنهن کي حاصل نه ڪري سگهيس، تنهن جي عزت کي پنهنجي دل ۾ محفوظ رکيم.” پوءِ چيائين: “زندگيءَ ۾ هر محبت شاديءَ تائين پهچڻ لاءِ نه ايندي آهي؛ ڪي محبتون ماڻهوءَ کي اندر کان انسان بڻائڻ لاءِ اينديون آهن.” اها ڳالهه منهنجي دل ۾ لهي وئي. چاچا عرس لاکو به ساڻس ڪچهريون ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪاپڙيءَ کان چانهه جا پئسا نه وٺندو هو ته ڪاپڙي چوندو هو: “نه، حساب صاف رک.” چاچا عرس لاکو کلندي چوندو هو: “تون به عجيب آهين.” ڪاپڙي مرڪي جواب ڏيندو: “غريب ماڻهوءَ وٽ جيڪڏهن دولت نه هجي ته گهٽ ۾ گهٽ حساب صاف هئڻ گهرجي.” ڪاپڙي غريب هو، پر پنهنجي عزت جو سرمايو سنڀالي رکيو هئائين. مون جڏهن سنڌ جون رولاڪيون شروع ڪيون ته ڪاپڙي چوندو هو: “ماڳ ڏسڻ کان وڌيڪ ماڻهو ڏسجانءِ.” مان جڏهن ڪنهن سفر تان موٽي ايندو هئس ته هو پڇندو هو: “ماڳ گهڻا ڏٺئي، ماڻهو ڪيئن ڏٺئي؟” مان چوندو هئس: “ماڻهن ۾ سنڌ ڏٺم.” هو خوش ٿي چوندو: “پوءِ سفر اجايو نه ويو.” هڪ ڀيري مون چيو: “ڪاپڙي، رولاڪيءَ مان ٿڪجي پيو آهيان.” چيائين: “ٿڪجي وڃين ته ٿورو بيهه، پر ڳولها نه ڇڏجانءِ.” مون پڇيو: “ڪهڙي ڳولها؟” چيائين: “ماڻهوءَ جي اندر واري ماڻهوءَ جي.” اها اسان جي آخري ڊگهي ڪچهري هئي، پر مون کي ان وقت ڪهڙي خبر هئي ته اها آخري ملاقات آهي. مان وري سنڌ جي واٽن تي نڪري پيس. ڪيترائي ڏينهن، ڪيترائي شهر، ڪيترائي ماڳ ۽ ڪيترائي چهرا. هڪ ڏينهن دل چيو ته هاڻي شهدادپور موٽجي، عرس لاکي جي هوٽل تي ڪاپڙيءَ سان ڪچهري ڪبي؛ ساڳي چانهه، ساڳيا بسڪوٽ ۽ ساڳي ڪرسي. مان شهر پهتس ۽ هوٽل تي ويس، پر ڪاپڙي نظر نه آيو. چاچا عرس لاکي کان پڇيم: “ڪاپڙي ڪٿي آهي؟” هن ڪجهه لمحن لاءِ مون ڏانهن ڏٺو، پوءِ آهستي چيائين: “توهان کي خبر ناهي؟” منهنجي دل ڌڙڪي وئي. چيائين: “ڪاپڙي هاڻي ڪونهي رهيو.” مون سمجهيو شايد ڪنهن ٻئي هنڌ ويو هوندو. پڇيم: “ڪٿي ويو؟” هن جون اکيون هيٺ ٿي ويون: “هميشه لاءِ هليو ويو.” منهنجي چوڌاري ڄڻ هر شيءِ خاموش ٿي وئي. چانهه جا ڪوپ اچي رهيا هئا، ماڻهو ڳالهائي رهيا هئا، پر مون کي ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه آيو. منهنجي نظر هڪ خالي ڪرسيءَ تي وڃي بيٺي. اها ڪرسي ڪاپڙيءَ جي نه هئي، پر مون کي ان تي ڪاپڙي ويٺل نظر آيو: “اچ نور، اڄ ڪهڙي واٽ تان ڦري آئين؟” اندر مان آواز آيو: “ڪاپڙي، مان موٽي آيس، تون نه هئين.” ساڻس ڪچهري ڪندڙ هڪ دوست سان گڏ عاشق شاهه جي قبرستان ۾ سندس قبر ڳولهڻ ويس. مٽيءَ جو ننڍڙو ڍڳ نظر آيو ته منهنجا قدم بيهي رهيا. مٽيءَ هيٺ، ڌرتيءَ جي هنج ۾، منهنجو ڪچهريءَ جو ساٿي ستل هو. مان قبر ڀرسان ويهي رهيس. اکين مان ڳوڙها نڪري آيا. آهستي چيم: “ڪاپڙي، تون ته چوندو هئين ماڻهوءَ کي ٻڌڻ گهرجي… اڄ منهنجي ڳالهه ڪير ٻڌندو؟” قبر خاموش هئي، پر دل ۾ سندس آواز آيو: “مان ٻڌان پيو، نور.” مون اکين جا ڳوڙها صاف ڪيا. ڄڻ هو ڀرسان ويٺو هجي. “روءُ نه. ماڻهو هليا وڃن ٿا، پر جيڪڏهن سندن ڳالهه ڪنهن جي دل ۾ زنده رهي ته هو مڪمل طور ناهن ويندا.” مون دل ئي دل ۾ پڇيو: “ته پوءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟” ڄڻ ڪاپڙيءَ چيو: “جيڪو مون کان سکيو اٿئي، اهو اڳتي کڻي هل. غريب کي رحم کان اڳ عزت ڏجانءِ. امير جي خوشامد کان اڳ پنهنجي زبان کي سچ ياد ڏيارجانءِ. ڪنهن جي ڳالهه ٻڌين ته ان کي امانت سمجهجانءِ. سنڌ جي رستن تي هل، پر ماڻهن جي دلين ۾ به لهجانءِ.” پوءِ سندس آواز ڄڻ وڌيڪ ويجهو ٿيو: “پاڻ کي ڪڏهن وڏو نه سمجهجانءِ. ماڻهوءَ جي اصل اوچائي اها آهي ته هو ٻئي ماڻهوءَ کي ڪيترو مٿي کڻي ٿو.” مان گهڻي دير قبر ڀرسان ويٺو رهيس. اٿندي آخري ڀيرو قبر ڏانهن ڏٺم ته ڄڻ ڪاپڙي مرڪي چئي رهيو هو: “ڪچهري ختم ناهي ٿي، رڳو ڪرسي بدلجي وئي آهي.” مان واپس عرس لاکي جي هوٽل تي آيس ۽ ان جاءِ تي ويٺس، جتي ڪڏهن ڪاپڙيءَ سان ڪچهريون ڪندو هئس. هوٽل بدلجي چڪي هئي، ڪرسيون بدلجي چڪيون هيون، پر منهنجي اندر ڪاپڙيءَ جي ڪچهري اڃان جاري هئي. اڄ به جڏهن چاچا عرس لاکي جي هوٽل وٽان گذرندو آهيان ته نئين هوٽل ڏانهن ضرور ڏسندو آهيان. کير پتي چانهه جي خوشبو اچي ته ڪاپڙي ياد اچي ٿو، کارا بسڪوٽ ڏسان ته سندس چانهه ۾ بسڪوٽ ٻوڙڻ ياد اچي ٿو ۽ ڪنهن خالي ڪرسيءَ تي نظر پوي ته دل چوي ٿي: “هيءَ جاءِ ڪاپڙيءَ جي آهي.” پوءِ اندر مان آواز اچي ٿو: “گر کي گڏ رکجانءِ، نور… ماڻهو وکري وڃن ته شهر رڳو عمارتون رهجي وڃن ٿا.” شايد ڪاپڙيءَ جي سڄي زندگيءَ جو حاصل اهوئي هو. هن وٽ دولت نه هئي، پر دليون هيون. هن وٽ اوطاق نه هئي، پر ڪچهري هئي. هن وٽ اختيار نه هو، پر اثر هو. هو پنهنجي محبت وڃائي ويٺو، پر محبت ڪرڻ نه ڇڏيائين. هو پاڻ اڪيلو رهيو، پر ٻين کي اڪيلو ٿيڻ نه ڏنائين ۽ شايد ان ڪري عرس لاکي جي پراڻي هوٽل جي ٽٽل ڪرسيُن کان وٺي اڄ جي پڪي هوٽل تائين، ڪاپڙيءَ جي ياد اڃان به ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي ٿي. ڪاپڙي هليو ويو، پر ڪچهري ڇڏي ويو. ڪرسي خالي ٿي، پر ڳالهه زنده رهي. شايد ماڻهوءَ جي اصل زندگي به اها ئي آهي ته هو وڃڻ کانپوءِ به ڪنهن جي دل ۾ ڪچهري ڇڏي وڃي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
***

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو