نئون آءِ ايم ايف پروگرام ۽ آمريڪا جي نئين سرمائيڪاري جي آڇ
Daily Humsari Newspaper 26 July 2024 Editorial
Daily Humsari Newspaper 26 July 2024 Editorial
عيسيٰ ميمڻ الھڏني ميمڻ جي گهر 1985ع ۾ تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ايل ايل بي به ڪئي. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم فل جي ڊگري “جيل ۾ سرجيل سنڌي ادب” جي عنوان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالر طور ڪم ڪري رهيو آهي.
سنڌ صوبي جي سمورين وسندين ۾ گرميءَ جي موجوده سخت لھر سبب عوام خاص طور مزدور محنت ڪندڙ، ھاري ناري، ٺيلھن, ڪئبينن، ڀاڄين، ھوٽلن وارا عام دڪاندار ۽ آفيسن جا ملازم مطلب ھر طبقو ھنن گرمين کي عذاب قرار ڏيڻ لڳو آھي، جتي پن به نٿو لڏي اھڙي گرمي مان گذري رھيا آھيون.
منشيات نسلن جي تباھين جو وڏي منافعي وارو واپار، سنڌ جي نوجوانن کي تمام وڏي تيزي سان بربادي ڏانھن وٺي وڃي رھيو آھي. ڪولھي وسڪي (ٺرو)، مين پڙيون ۽ گٽڪا سڄي سنڌ جي شھرن ۾ پوليس جي سرپرستي ۽ ھفتا خوري جي بنياد تي هلي رهيا آهن، جنھن سان سنڌ جي ھر شھر، گھر ۽ ڳوٺ ۾ عورتون، ٻار ۽ نوجوان منشيات واپرائڻ جي ڪري نشي جو شڪار ٿي رهيا آهن.
انسان کي سماجي جانور پڻ چيو وڃي ٿو، ڇو ته انسان جون ضرورتون، جبلتون ۽ ڪيتريون ئي خاصيتون جانورن سان ملن ٿيون، پر انسان سکڻ جي عمل ۽ سوچ کان علاوه ٻين ڪيترين ئي ڳالهين جي ڪري جانورن کان اتم آهي. ان انسان ٻين انسانن سان گڏجي هڪ پرامن ۽ پيار ڪرڻ وارو سماج ٺاهيو آهي، جنهن ۾ هر انسان چاهي ڪمزور هجي يا ڏاڍو، علم وارو هجي يا لاعلم، عورت هجي يا مرد، ٻار هجي يا پوڙهو سڀ گڏجي انهيءَ ٺهيل انساني سماج ۾ آرام واري زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
جڏهن اسان سنڌ جي سماج کي ماضيءَ ۾ ڏسون ٿا ته ان سماج اندر انهن ڳالهين جي اپٽار اسان کي ٻين سماجن کان بهتر نظر اچي ٿي.
ماتلي ۾ رڪشائن ۽ موٽرسائيڪلن ۾ ھٿرادو طور تي ڦاٽل سائيلينسر لڳائي وڏي ۽ بڇڙي آواز ۾ گاڏيون ھلائي شھرين جو ڏينھن توڙي رات ۾ سڪون ڦٽائڻ جو رجحان تيزي سان وڌي ويو آھي، جنھن سان اسڪولن ۾ تعليمي عمل تي به برا اثر پون پيا ته بازارن ۾ گوڙ ۽ گدلاڻ ۾ شدت سان اضافو اچي ويو آھي ۽ رات جو ماڻھو ان آواز سبب بيچين رهن ٿا
تازي خبرن موجب يورپي يونين جي ملڪن ۾ آبادي جي مناسبت سان وڏي ملڪ جرمني کي دنيا جي سڌريل ملڪن مان سمجھيو وڃي ٿو. ان ملڪ جي وڏن شھرن جھڙوڪ: ھينبرگ، ميونخ، ڪولون، اسٽٽگارڊ، ليپزگ، ڊزلڊورف شامل آھن جن ۾ فرينڪفرٽ به خاص اھميت وارو شھر آھي.
ٿيڻ ائين گهرجي ها ته طالبان جي انقلاب کي سڀ اسلامي ملڪ جيئن جو تيئن مڃين ها يا جڏهن افغانستان ڪا ڪافر رياست هجي ها ۽ طالبان انهن جي ڪُنگرن کي ڪيرائي ڪلمو بلند ڪن ها ته مڃون ها ۽ دنيا به ڏسي ها ته واقعي هنن وڏو ڪم ڪيو آهي، پر هي ڪا ستين صدي ٿورئي آهي ۽ ايڪيهين صدي ۾ شيون ائين ممڪن ناهن،
جنهن وقت آءِ ايس پي آر جو ميجر جنرل احمد شريف ملڪ جي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي اهو چئي رهيو هو ته پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ هر غير ملڪي ڀلي اهو افغاني ڇو نه هجي ان کي پاڪستان ۾ اچڻ جي لاءِ ويزا وٺڻي پوندي. ڇو ته ڪنهن به ملڪ کي اهو حق آهي ته غير ملڪي ماڻهو کي بغير اجازت جي پنهنجي ملڪ اندر اچڻ کان روڪي.
بيخود بلوچ جو اصل نانءُ فتح الله جسڪاڻي آھي. بيخود بلوچ برک سماجي اڳواڻ ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي جي گهر ۾ 14 آگسٽ 1971 تي ڳوٺ جمعو جسڪاڻي (تعلقو پنوعاقل ضلعو سکر) ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي آھي. ڪرت طور درس تدريس سان لاڳاپيل ھن قلمڪار نثر ۽ نظم ٻنھي ۾ لکيو آهي. سندس بنيادي سڃاڻپ شاعر طور آھي.
2023 جي آدمشاريءَ ۾ جيتري واويلا ايم ڪيو ايم جي ڌڙن ڪئي جنهن ۾ جماعت اسلامي سڀ کان وڌيڪ روڄ راڙو ڪيو ۽ اهڙي طرح ميڊيا جي مدد سان احتجاج ڪيائون جو هنن ڪراچيءَ جو ڪک پن به ڳڻائي اڳتي پڄايو. هنن کي ان ڳالھ جي به ڳڻتي هئي ته جي ڪراچي شهر جي آبادي گهٽ ٿي وئي ته هي سڀ اقليت ۾ اچي ويندا، ڇو ته ڪراچي شهر ۾ هاڻي غير اردو گهڻا ٿي ويا آهن، جن جي فرٽيلٽي به گهڻي آهي، پر مهاجرن خاص طور اردو ڳالهائيندڙن جي آباديءَ جي شرح گهٽ آهي.
جرمني ۾ افغان شهرين جو پاڪستان جي قونصل خاني تي حملو پاڪستان جي عوام لاءِ ناقابل قبول آهي ۽ پاڪستان جو عوام اهڙي عمل جي مذمت ڪري ٿو. حڪومت پاڪستان قونصل خاني تي حملي ۾ شامل فردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.