عيسيٰ ميمڻ الھڏني ميمڻ جي گهر 1985ع ۾ تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ايل ايل بي به ڪئي. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم فل جي ڊگري “جيل ۾ سرجيل سنڌي ادب” جي عنوان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالر طور ڪم ڪري رهيو آهي. کيس لکڻ پڙهڻ سان ننڍپڻ کان دلچسپي رهي. سندس تحريرون ٻالڪ ادب جي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن. جڏهن ته سنڌي ادب تي ڇھ تخليقي ڪتاب ۽ چار ڪتاب مرتب ڪري ڇپائي چڪو آهي. موجوده وقت ۾ هائر سيڪنڊري ٽيچر طور لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جي نالي سان پبلشنگ ادارو پڻ هلائي ٿو جتان 62 ڪتاب ڇپائي چڪو آهي.