ماتلي ۾ رڪشائن ۽ موٽرسائيڪلن ۾ ھٿرادو طور تي ڦاٽل سائيلينسر لڳائي وڏي ۽ بڇڙي آواز ۾ گاڏيون ھلائي شھرين جو ڏينھن توڙي رات ۾ سڪون ڦٽائڻ جو رجحان تيزي سان وڌي ويو آھي، جنھن سان اسڪولن ۾ تعليمي عمل تي به برا اثر پون پيا ته بازارن ۾ گوڙ ۽ گدلاڻ ۾ شدت سان اضافو اچي ويو آھي ۽ رات جو ماڻھو ان آواز سبب بيچين رهن ٿا ۽ سندن ننڊ ۾ خلل پوي ٿو ۽ ان خلل جي ڪري ماڻهن جي صحت ۽ مزاج تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.