بيخود بلوچ جو اصل نانءُ فتح الله جسڪاڻي آھي. بيخود بلوچ برک سماجي اڳواڻ ڪامريڊ نصرالله جسڪاڻي جي گهر ۾ 14 آگسٽ 1971 تي ڳوٺ جمعو جسڪاڻي (تعلقو پنوعاقل ضلعو سکر) ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي سنڌي آھي. ڪرت طور درس تدريس سان لاڳاپيل ھن قلمڪار نثر ۽ نظم ٻنھي ۾ لکيو آهي. سندس بنيادي سڃاڻپ شاعر طور آھي. وڏن سان گڏ ھن سھڻن سيبتن ٻالڪن کي به نه وساريو آھي. ادبي محنتن کيس مختلف ايوارڊ پڻ ملي چڪا آھن. 1990 کان سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل سان وابسته آھي، جنھن ۾ ھو متحرڪ ڪردار ادا ڪندو پيو اچي.