منشيات نسلن جي تباھين جو وڏي منافعي وارو واپار، سنڌ جي نوجوانن کي تمام وڏي تيزي سان بربادي ڏانھن وٺي وڃي رھيو آھي. ڪولھي وسڪي (ٺرو)، مين پڙيون ۽ گٽڪا سڄي سنڌ جي شھرن ۾ پوليس جي سرپرستي ۽ ھفتا خوري جي بنياد تي هلي رهيا آهن، جنھن سان سنڌ جي ھر شھر، گھر ۽ ڳوٺ ۾ عورتون، ٻار ۽ نوجوان منشيات واپرائڻ جي ڪري نشي جو شڪار ٿي رهيا آهن. موالين جو تعداد وڌي رھيو آھي. ٽنڊي ڄام ۾ زھريلو شراب واپرائڻ سبب ماڻھن جي مرڻ واري خبر باوجود سنڌ سرڪار ۽ ان جي مجاز ادارن ڪا به اک نه پٽي، ٻين ماڻھن کي ان طرح مرڻ کان بچائڻ لاءِ ڪي به خاطر خواھ اپاءُ نه ورتا ويا آھن. ڪجھ سال اڳ ٽنڊو محمد خان ۾ زھريلي شراب سبب 100 جي لڳ ڀڳ ماڻھو ھڪ ٻن ڏينھن ۾ اجل جو شڪار ٿيا ھئا، جنھن واقعي بعد سمجھيو ويو ھو ته زھريلو شراب ھاڻ پوري سنڌ ۾ بند ٿي ويندو، سرڪار سخت قدم کڻندي ۽ ماڻھو به موت جي خوف سبب ان جو واھپو نه ڪندا، مگر ساڳيو واپار بغير وقفي جي ھلندو رھيو آھي.