تازي خبرن موجب يورپي يونين جي ملڪن ۾ آبادي جي مناسبت سان وڏي ملڪ جرمني کي دنيا جي سڌريل ملڪن مان سمجھيو وڃي ٿو. ان ملڪ جي وڏن شھرن جھڙوڪ: ھينبرگ، ميونخ، ڪولون، اسٽٽگارڊ، ليپزگ، ڊزلڊورف شامل آھن جن ۾ فرينڪفرٽ به خاص اھميت وارو شھر آھي. ان شھر ۾ موجود پاڪستاني قونصليٽ مٿان 21 جولاءِ 2024ع تي چند افغاني شر پسند نوجوانن جيڪي وڳوڙي ذھن رکندڙ هئا طرفان حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪندي اتي لڳل پاڪستان جو جھنڊو لاھي ان جي بيحرمتي ڪئي وئي. جرمني جي سڌريل شھر ۾ ھن قسم جي وڳوڙ ۽ پاڪستاني جھنڊي سان بيحرمتي ڪرڻ وارا فوٽيجز ۽ وڊيوز وائرل ٿيڻ تي دنيا جي ڪيترن ملڪن جي عوام توڙي حڪومتن سميت خاص طور پاڪستاني عوام سان گڏوگڏ حڪومت پاران سخت لفظن جي مذمت جو سلسلو جاري ٿي ويو آھي. سوشل ميڊيا ۾ ھن قسم جي غير مھذب داداگيري واري واقعي جي نندا ڪئي پئي وڃي.