2023 جي آدمشاريءَ ۾ جيتري واويلا ايم ڪيو ايم جي ڌڙن ڪئي جنهن ۾ جماعت اسلامي سڀ کان وڌيڪ روڄ راڙو ڪيو ۽ اهڙي طرح ميڊيا جي مدد سان احتجاج ڪيائون جو هنن ڪراچيءَ جو ڪک پن به ڳڻائي اڳتي پڄايو. هنن کي ان ڳالھ جي به ڳڻتي هئي ته جي ڪراچي شهر جي آبادي گهٽ ٿي وئي ته هي سڀ اقليت ۾ اچي ويندا، ڇو ته ڪراچي شهر ۾ هاڻي غير اردو گهڻا ٿي ويا آهن، جن جي فرٽيلٽي به گهڻي آهي، پر مهاجرن خاص طور اردو ڳالهائيندڙن جي آباديءَ جي شرح گهٽ آهي. مشرف جي دور جي هڪ ڳالھ ڀلي هئي ته آدمشماريءَ ۾ ٻولي جي خاني هجڻ جي ڪري اردو آبادي گهٽ ٿي وئي هئي. اهي ان صورت جيڪي به مهاجر هئا سي سڀ جا سڀ اردو سڏرائيندا هئا، پر ٻولين جي خاني اچڻ کانپوءِ گجراتي، ميمڻ، پنجابي، مارواڙي، ميواتي، رانگڙ، ڪشميري، افغاني ٻولين سميت جيڪي به ڀارتي، بنگالي ۽ برمي نسلن جا ماڻهو ڪراچي شهر ۾ آباد هئا انهن پنهنجي پنهنجي ٻولي چونڊي چونڊي لکي، جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته اهي سڀ مهاجر اردو ڳالهائيندڙ ناهن (پر هيل ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سميت ٻين غير سنڌي سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن مهاجرن کان ٻولين جي خانن ۾ زوريءَ رڳو اردو لکرايو. ان ڪري ته شناختي ڪارڊ تي ٻوليءَ جو خانو ناهي ۽ ڪير ڪنهن جو شناختي ڪارڊ ڏسي نه ٿو چئي سگهي ته تون ڪير آهين.