مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مريخ تي پاڻي جو پورو نظام موجود آهي: سائنسدان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

يورپ جي خلائي ايجنسي (ESA) جي ماهر ڊاڪٽر فرانسيسڪو ساليس چيو آهي ته پهرين مريخ تي پاڻي موجود هو پر آهستي آهستي اهو اندروني سطح ۾ جذب ٿي ويو ۽ زمين اندر پاڻي جا وڏا تلاءُ ٺهي ويا. اسان پنهنجي مطالعن ۾ مريخ جي سطح اندر پاڻي جي کوجنا ڪري پاڻي جي هجڻ جي معلومات حاصل ڪئي آهي، پر ان جي مقدار ۽ معيار تي بحث ڪري سگهجي ٿو. يورپي ماهرن پاران مريخ ڏانهن موڪليل جهاز جنهن ۾ مارس ايڪسپريس ۽ اسپيس ڪرافٽ جي ڪئمرا ۽ ناسا آربيٽر تي موجود هاءِ رائيز ڪئمرا جي تصويرن جو جائزو ورتو، جنهن مريخ تي موجود ٻه ڊزن کڏن تي مشاهدا ڪيا ۽ اهو معلوم ڪيو ته ڪافي عرصو اڳ ان جاءِ تي پاڻي موجود هو ٻه ڊزن کڏن جا مشاهدا ڪيا ويا جن مان معلوم ٿيو آهي ته ماضي ۾ ان جاءِ تي پاڻي موجود هو جيڪو بعد ۾ مريخ جي زمين اندر جذب ٿي ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو