مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سمورن وفاقي يونٽن ۾ ڳانڍاپي کانسواءِ پاڪستان ترقي نه ڪري سگهندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

چيف آف آرمي اسٽاف چيو آهي ته سمورن وفاقي يونٽن ۾ ڳانڍاپي کانسواءِ پاڪستان ترقي نه ڪري سگهندو، ڪير به ميري اک سان پاڪستان کي نٿو ڏسي سگهي، رياست مخالف عناصر دشمن جي مدد سان پرڏيهه ۾ ويهي مخالف پروپئگنڊا پيا ڪن. بلوچستان کانسواءِ پاڪستان اڌورو آهي، ان کانسواءِ پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي، هي ملڪ اسان جو آهي، اسان کي هتي رهڻو آهي ۽ هتي ئي مرڻو آهي. هاڻي اسان جو سمورو ڌيان بلوچستان تي آهي، بلوچستان سموري ملڪي معاشري جو اهم حصو آهي. نوجوان ملڪ جو اهم سرمايو آهن، سندن مثبت ڪردار قومي ۽ ملڪي ترقي لاءِ تمام اهم آهي، نوجوان تعليم تي ڌيان ڏين، منفي عملن کي رد ڪن. نوجوان پرڏيهه ۾ ويهي رياست مخالف پروپئگنڊا ڪندڙن کان متاثر نه ٿين، پاڪستان جو مستقبل نوجوانن سان ڳنڍيل آهي. تعليم اسان جي قومي ترجيح آهي، ان قومي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ دل سان مدد ڪري رهيا آهيون، قوم جي سهڪار سان فوج ملڪ ۾ تشدد ۽ دهشتگرديءَ تي ڪنٽرول ۾ ڪاميابي ماڻي آهي

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو