مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سپاهي کان وٺي جرنيل تائين فوج جو هر جوان محب وطن آهي: آصف زرداري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جي سپاهي کان وٺي پاڪ فوج جي جرنيل تائين هر هڪ بهادر ۽ محب وطن آهي. عمران خان جي گذريل ڏينهن وري بيان تي رد عمل ڏيندي آصف علي زرداري چيو ته سڄي قوم کي نظر اچي پيو ته ملڪ لاءِ فتنو ڪير آهي؟ اڄ سڀني کي انسان ۽ حيوان جي خبر پئجي وئي. صدر آصف علي چيو ته عمران خان ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جو ٺيڪو کڻي ورتو آهي، جيڪو اسان جي جيئري پورو نٿو ٿي سگهي، انهيءَ شخص جي خاطر ادارن ۽ جرنيلن کي تڪرارن جي ور چڙهڻ نه ڏنو ويندو، سپاهي کان وٺي جرنيل تائين، فوج جو هر جوان مجب وطن آهي. اڳوڻي صدر وڌيڪ چيو ته سڄي قوم ھن وقت ٻوڏ سٽيلن سان گڏ بيٺل آھي ۽ هي شخص جلسا ڪري رهيو آهي، خيبر پختونخواهه پنجاب ۾ به رڳو وفاقي حڪومت نظر پئي اچي، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جون صوبائي حڪومتون رڳو جلسن جي تيارين ۾ رُڌل آهن

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو