مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، هڪ ئي خاندان جا 10 ڄڻا فوت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ٺٽي جي تفريح ماڳ ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 10 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. پوليس جي مطابق ڪراچي جي محمود آباد واري علائقي سان تعلق رکندڙ هڪ خاندان جا ماڻهو پڪنڪ لاءِ ڪينجهر ڍنڍ آيا هئا. بدقسمت خاندان جا ماڻهو ٻيڙي ۾ سوار ٿي ڍنڍ جو سير ڪري رهيا هئا ته تيز هوا ۽ تيز رفتاري سبب ٻيڙي ڪنٽرول مان نڪري اونڌي ٿي وئي. ريسڪيو جي ذريعن مطابق حادثي ۾ 8 عورتون ۽ ٻه ٻار فوت ٿي ويا. جڏهن ته ٻڏندڙ ٽن عورتن کي بچايو ويو. مجموعي طور تي ٻيڙي ۾ 11 عورتون ۽ ٻه ٻار سوار هئا. زنده بچي وڃڻ وارين ٽن عورتن کي تشويش ناڪ حالت ۾ سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ متاثر ٻيڙي کي ٻي ٻيڙي سان ٻڌي ڪناري تي آندو ويو، ٻيڙي ۾ صرف 4 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي، حادثو ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو ويهارڻ تي پيش آيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو