مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ گودام تي ڇاپو، 1500 مڻن کان وڌيڪ گٽڪو هٿ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان ڪسٽمز جي اينٽي اسمگلنگ اسڪواڊ سائيٽ ايريا ۾ ميٽرو اسٽور جي ويجهو وڏي گودام تي ڇاپو هڻي 1500 مڻن کان وڌيڪ گٽڪو هٿ ڪري ورتو آهي. پاڪستان ڪسٽمز جي انٽيليجنس ٽيم جي ميمبر مالڪ بلوچ موجب ڳجهي اطلاع تي صبح جي وقت ڇاپو هنيو ۽ ٻنپهرن تائين جاري ڪارروائي ۾ سوپارين ۽ گٽڪي سان ڀريل 11 ٽرڪون ڪسٽم هائوس منتقل ڪيون ويون. مالڪ بلوچ چيو ته هڪ اندازي موجب 60 ٽن کان وڌيڪ مال ڪسٽم منتقل ڪيو ويو هو، جيڪو 1500 مڻن کان وڌيڪ ٿئي ٿو. ڪسٽم آفيسر موجب گودام ڪنهن جو آهي ۽ مال ڪڏهن ۽ ڪٿان پهتو؟ ان باري ۾ جاچ جاري آهي. هن چيو ته گودام جي ڪجهه چوڪيدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو