مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ کانپوءِ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ پهريون مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي علائقي منگهي پير يو سي 8 ۾ فوري طور مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون اڄ رات 12 وڳي کان هوندو ۽ 15 آڪٽوبر جي شام 7 وڳي تائين جاري رهندو. پڌرائيءَ موجب منگهي پير يو سي 8 ۾ سمامه ولاز ۽ صائمه سٽي مان ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جنهن کانپوءِ اتي مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ منگهي پير يو سي 8 ۾ اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا تي پابندي هوندي، علائقي ۾ سموريون ڪاروباري سرگرميون معطل رهنديون ۽ رڳو راشن جا دڪان ۽ ميڊيڪل اسٽور کليل رهندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو