مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جو جلسو، شهرين لاءِ ٽريفڪ پلان جاري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي جي جناح باغ ۾ 18 آڪٽوبر تي ٿيندڙ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي جون تياريون جاري آهن، جلسي جي لاءِ ٽي مختلف اسٽيج ٺاهيا ويا آهن. جڏهن ته ٽريفڪ پوليس متبادل رستن جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جلسي گاهه جي ڀرسان گاڏين کي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي پاور شو جون تياريون عروج تي آهن. جناح باغ ۾ ٽي اسٽيج جوڙيا پيا وڃن، مرڪزي اسٽيج 80×60 فوٽ جي آهي جيڪو مرڪزي اڳواڻن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان جي ڀر ۾ ٻه وڌيڪ 40×50 فوٽ جا اسٽيج تيار ڪيا ويا  آهن جنهن تي ٻيا اڳواڻ ويهندا. انتظاميه موجب هن وقت تائين جلسي گاهه ۾ 50 هزار ڪرسين جو بندوبست ڪيو ويو آهي، اسٽيج ۽ ڀرپاسي ۾ ڪنٽينر هڻي سيڪيورٽي ڀت جوڙي وئي آهي. اسٽيج جي سامهون ڪنڊيدار تار لڳائي وئي آهي. ٻئي پاسي ٽريفڪ پوليس ٽريفڪ جي روٽ پلان جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو