مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ نئين ضلعي ٺاهڻ تي سياسي پارٽيون سنڌ حڪومت تي ڪاوڙجي پيون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سربراهه پاڪ سر زمين پارٽي سيد مصطفيٰ ڪمال سنڌ ڪابينا جي ڪراچي ۾ ستين ضلعي ٺاهڻ جي فيصلي کي رد ڪندي چيو ته سڀاڻي ٽين وڳي پريس ڪلب ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندو. پاڪستان هائوس ۾ منعقد ٿيندڙ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته پ پ سنڌ ۾ نفرت جي اها چڻنگ ٻاري آهي جنهن کي شايد ڪڏهن به وسائي نه سگهجي. اهو ملڪ جي سلامتي جو مسئلو آهي، سنڌ ۾ نسلي بنيادن تي اسان تباهي ۽ بربادي ٿيندي ڏٺي آهي، مون کي ڊپ آهي ته پ پ جي صوبائي حڪومت ڪراچي ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪائڻ چاهي ٿي. امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان ڪراچي ۾ ستين ضلعي جي قيام تي پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو ته ان سان ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي جو ڪوبه تعلق نه آهي، جڏهن به بلدياتي چونڊون اينديون آهن پ پ ان طرح جا حربا استعمال ڪندي آهي جنهن جي پٺيان صرف پوائنٽ اسڪورنگ ۽ سياسي مفادن جو حاصل ڪرڻ مقصد هوندو آهي. جيڪڏهن ڪراچي کي ورهائڻ جو ڪو فائدو ٿي رهيو هجي ها ته پهرين کان ئي ڇهه ضلعا موجود آهن انهن کي ستن ۾ ورهائڻ سان ڪهڙو فرق پوندو. مهاجر قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين آفاق احمد ڪراچي ۾ نئين ضلعي جي قيام کي رد ڪندي چيو ته ڪراچي کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ سان وڏيرن جي ڪالوني ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي ناڪام بڻايو ويندو، مهاجر عوام کي ان جي خلاف اٿي بيهڻو پوندو. هن چيو ته پ پ ڪراچي جي اسٽيڪ هولڊر پارٽي نه آهي ۽ ان کي ان لاءِ اهو ڪوبه حق نٿو پهچي ته هو اهڙي قسم جو آمرانه فيصلو عوام جي مٿان مڙهي. ڪنوينر ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي پي آءِ بي اسٽيڊيم ۾ بلدياتي نمائندن جي اعزاز ۾ ڏنل رات جي ماني واري دعوت ۾ خطاب ڪندي چيو ته پ پ پنجاهه سال پهرين سنڌ کي ورهائي چڪي هئي جڏهن هنن نعرو هنيو هو ته “ايڌر تم ايڌر هم” ۽ پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. اهڙيءَ ريت گذريل پنجاهه سالن جو تجربو اهو ٻڌائي ٿو ته اسان توهان سان گڏ به نٿا رهي سگهون جيئن اسان هندستان ۾ هندن سان گڏ نه رهي سگهياسين ۽ اسان پنهنجو صوبو ٺاهينداسين. جيڪي ماڻهو سنڌ جي ورهاست جي خلاف آهن ۽ صوبي جي خلاف آهن اهي اصل ۾ غدار آهن ڇا صوبن جو قيام آئين جي شق ۾ شامل ناهي؟ سربراهه تنظيم ايم ڪيو ايم پاڪستان فاروق ستار تنظيم جي ميمبرن جي بحالي واري ڪميٽي سان گڏ ڪراچي جي پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته توهان سڀ گواهه آهيو اڄ وزيراعظم سنڌ سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ سنڌ ڪابينا ڪراچي جي وڌيڪ ورهاست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسين پنهنجي پاڪستاني ساٿين ۽ ڪراچي جي عوام جي طرفان ان فيصلي کي نامنظور ڪريون ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو