مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا خواب ڏسڻ وارا هوش ۾ اچن: بلاول

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ هوش ۾ اچن. بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ بلاول هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي جي آرگنائيزيشن ڪميٽي جي ڪارڪنن ۽ سنڌ حڪومت جي ذميدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي آرگنائيزيشن ڪميٽي جي سربراهه وقار مهدي شرڪت ڪندڙن کي شهر قائد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. جڏهن ته اجلاس ۾ ڪراچي جي ترقي سميت شهر قائد جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس ۾ بلدياتي ادارن جي خاتمي کانپوءِ شهر ۾ ايڊمنسٽريٽرز جي تقريري جو معاملو به غور هيٺ آندو ويو ۽ سرڪاري آفيسرن يا سول سوسائٽي جي ماڻهن مان ايڊمنسٽريٽرز جي تقريري جي آپشنز تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايڊمنسٽريٽرز چاهي سرڪاري آفيسر هجن يا سول سوسائٽي جا ماڻهو، سٺي ساک ضروري آهي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته شهر قائد ۾ ترقي جي لاءِ پ پ مثالي ڪردار ادا ڪيو، ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ هوش ۾ اچن، فطرتي مسئلن کي بنياد بڻائي جيڪڏهن شهر وفاق حوالي ڪرڻ جي مطالبن جو سلسلو هلي ويو ته اهو هڪ جاءِ تي نه بيهندو. ڪراچي منهنجو شهر آهي ۽ مون کي منهنجي شهر جي ترقي عزيز آهي. هن چيو ته سنڌ جي شهر ڪراچي جا فيصلا وفاق بجاءِ ڪراچي وارن کي ڪرڻ جو حق آهي. سڄي سنڌ مان پ پ کي عوام طرفان ڏنل اختيارن تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو. لسانيات ۽ نفرت جي سياست ڪراچي کي مسئلن جو ڳڙهه ٺاهي ڇڏيو آهي ڪراچي جي مسئلن جو حل صرف ۽ صرف پ پ وٽ آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ وانگر ڪراچي جي هڪ هڪ شهري سان گڏ بيٺو آهيان، ڪراچي جي مسئلن جي حل ۾ تسلسل تي ڪو سمجهوتو نه ڪنداسين. سنڌ حڪومت هن وقت به ڪراچي ۾ ڏاڍو سٺو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ تيزي آڻيندي. گذريل ڏينهن ۾ وزيراعظم هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ڪراچي مطابق اهم فيصلا ڪرڻ وارو آهي، ان بيان جي بنياد تي پ پ سڄي سنڌ ۾ احتجاج مظاهرا ڪيا هئا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو