مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي تجويز جي خلاف سڄي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو احتجاج

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي تجويز جي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيپلز پارٽي احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ ريليون ڪڍيون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن خيرپور، دادو، جيڪب آباد، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان ۽ سجاول سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج ڪيو. پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ڪشمور هاءِ وي تي به ڌرڻو هنيو ۽ ٽريفڪ بلاڪ ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ پريس ڪلب جي ٻاهران به عاجز ڌامراهه جي سربراهي ۾ پيپلز پارٽي طرفان احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ۾ پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي جڏهن ته عورت ڪارڪن جو وڏو تعداد به احتجاج ۾ شريڪ ٿيو. ان کانسواءِ ڪراچي، حيدرآباد، سانگهڙ، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه ۾ به احتجاج مظاهرا ڪيا پيا وڃن. مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ارڙهين ترميم تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو