مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ کان سومر تائين برسات جي اڳڪٿي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

موسميات کاتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ کان سومر تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر عبدالقيوم ڀٽو مطابق شهر ۾ اڄ شام کان برسات جي شروعات ٿي سگهي ٿي ۽ شهر ۾ 20 کان 30 ملي ميٽرن تائين برسات وسي سگهي ٿي. سندس چوڻ آهي ته ڇنڇر ۽ آچر  تي ڪراچي ۾ برسات جي شدت وڌيڪ هوندي ۽ 40 کان 50 ملي ميٽرن کان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته هيٺانهين علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو به خطرو رهندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهٽ دٻاءُ جو سسٽم وڌيڪ اڳيان وڌڻ تي برسات جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ برسات 70 کان 80 ملي ميٽرن تائين به وڃي سگهي ٿي. جڏهن ته برسات جو سلسلو سومر تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف لاهور، بکر، ليا، ڊيره غازي خان، ملتان، بهاولپور ۽ راجنپور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ به برسات پوڻ جو امڪان آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو