مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

پوليس قبضه گروپ بڻجي وڃي ته موٽر وي جهڙا واقعا پيش ايندا رهندا: لاهور هاءِ ڪورٽ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پوليس قبضه گروپ بڻجي وڃي ته موٽر وي جهڙا واقعا ٿيندا رهندا. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ متروڪه وقف ملڪيت بورڊ تي پوليس جي قبضي جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار موقف پيش ڪيو ته متروڪه وقف ملڪيت بورڊ جي زمين تي ايليٽ فورس جي آفيس قائم ڪئي وئي آهي ۽ پوليس جيڪا ايراضي سرينڊر ڪئي هئي اها به متروڪه وقف کي نه ڏيئي رهيا آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس ملڪ ۾ قبضه گروپ بڻجي وئي آهي، جيڪڏهن پوليس قبضه گروپ بڻجي ويندي ته پوءِ موٽر وي جهڙا واقعا ٿيندا رهندا. آفيسرن کي معاف ڪرڻ جي روش کي ڇڏي ڏيو. چيف جسٽس چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ. جي پنجاب پوليس به پيش ٿيڻو پوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو