مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وفاقي وزير پلاننگ اسد عمر جو وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه کي خط

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي وزير پلاننگ اسد عمر وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه کي خط لکي ڇڏيو، جنهن جي متن ۾ چيو ويو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جي منصوبي جي فور پي سي ون، پلاننگ ڪميشن کي موڪلي وڃي. وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي تي فوري ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، ان حوالي سان وفاقي وزير منصوبا بندي اسد عمر وزير اعليٰ سنڌ کي خط لکيو آهي. خط ۾ وزير اعليٰ سنڌ کي درخواست ڪئي وئي آهي ته واسطيدار صوبائي ادارن کي هدايت ڪئي وڃي ته گريٽر ڪراچي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي، پي سي ون تي نظر ثاني ۽ تبديلي جو عمل جلد از جلد مڪمل ڪن ته جيئن منظوري لاءِ منصوبا بندي ڪميشن کي پيش ڪري سگهجي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن بابت تازين ملاقاتن ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي جي منصوبي تي عمل جي ذميواري قبول ڪندي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ڪي 4 سميت ڪراچي ۾ ٻين منصوبن تي عملدرآمد جي خواهشمند آهي ۽ منصوبن تي تڪڙو عمل ڪرائڻ لاءِ صوبائي اختيارين سان ڪم جاري رکندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو