مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

وزيراعظم پاران ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم آڻڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته هو چاهي ٿو ته اهڙو چونڊ عمل هجي جنهن کي هارائڻ ۽ کٽڻ وارا ٻئي قبول ڪن ۽ ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ سسٽم آڻي رهيا آهيون. چونڊ عمل تي خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته گلگت بلتستان کي صوبو بڻائڻ جو واعدو پورو ڪنداسين، گلگت ۾ ٿڌ باوجود ماڻهن ووٽ وڌو، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۽ سينيٽ جو اليڪشن به اچڻو آهي، سينيٽ چونڊون شو آف هينڊ ٿيڻ ۽ ان لاءِ ترميمون آڻي رهيا آهيون. هن اعلان ڪيو ته 90 لک اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ اهڙو سسٽم آڻي رهيا آهيون، جنهن سان اهي سڄي پاڪستان ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهندا، جڏهن ته ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ وارو سسٽم آڻي رهيا آهيون ته جيئن اهڙو چونڊ عمل ٿئي جنهن کي هارائيندڙ ۽ کٽيندڙ ٻئي قبول ڪن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو